سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

اداري پاران: ڪامياب ماڻھوءَ جو ڪامياب سفر

اُهي ماڻھو ڪيڏا نہ ڀاڳوان آهن، جيڪي ڪنھن نہ ڪنھن سبب يا بھاني جي ڪري ئي سھي، پر خدا جي قدرت ملڪ اندر يا مختلف ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي ڏسن ٿا. جنھن لاءِ فرمايو بہ ويو آهي تہ، ’گهڻي کائڻ پيئڻ بدران گهمو ڦرو ۽ منھنجي قدرت جا نظارا يا معجزا وڃي ڏسو...‘
مون کي تہ وري ذاتي طور اُهي ماڻھو بہ وڻندا آهن، جيڪي پنھنجي ’سفر-ڪٿا‘ لکي پڙهندڙن تائين پھچائين ٿا، جن ۾ معلومات سان گڏ پيش آيل واقعا، موقعا، مھل، حالتون، سوَلايون ۽ ڏکيائيون سڀ سمايل هونديون آهن. انھن سفرنامن جي منھنجي نظر ۾ ان ڪري بہ اهميت آهي، جو ان سان ڪيترن نوجوانن جي رهنمائي ٿي پوي ٿي، جيڪي پنھنجي عملي زندگين جي شروعات ڪرڻ لاءِ پکين جيئن پَرَن کي سھيڙي اُڏامڻ لاءِ بيچين هوندا آهن.
سفرنامو، هر ٻوليءَ جي هڪ وڻندڙ صنف آهي ۽ هر ٻوليءَ ۾ ان کي جيڪا پذيرائي ملي آهي، سا بيحد و بي انتھا آهي. ان جو سبب گهر ويٺي مختلف ملڪن جو سئر و سفر، اتي جي ماڻھن جي اُٿڻي ويهڻي، سياحت و ثقافت، سماجي اڏاوت، ترقي و پستيءَ جا سمورا منظر جيئن جو تيئن سچائيءَ سان پيش ڪيا ويندا آهن ۽ مٿان جيڪڏهن وري ليکڪ جي ٻولي سنڌي ٻوليءَ جي برک سفرناما نگار ’سائين الطاف شيخ‘ جيان سليس سوَلي هجي تہ ڄڻ مُنڊيءَ تي ٽِڪَ ٿيو پوي. هي سفرنامو ’ڪوريا جيئن مون ڏٺو‘ بہ بلڪل سائين الطاف شيخ جيان ئي ڊاڪٽر مجيب اقبال، بنھہ ئي سليس ۽ سوَلي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي.
سفرنامي جو هي ڪتاب هڪڙي ڪامياب ماڻھوءَ لکيو آهي، جيڪو جنھن مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا ملڪ ڏي پنڌ پيو هو، تنھن پنھنجو پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي.
ڊاڪٽر مجيب اقبال سومرو صاحب، مھراڻ يونيورسٽيءَ جو لائق استاد آهي، جنھن کي پي. ايڇ. ڊيءَ جي سلسلي ۾ ڪوريا وڃڻو پيو. هُن سفرنامي ۾ پنھنجي پيرائتي ڪٿا لکي آهي، ڪوريا وڃڻ کان موٽڻ تائين... جيڪِي ڪجهہ هُن ڏٺو وائٺو ۽ جيڪي ڏکيائيون هُن کي ڪوريا ڏانھن اُڏام ڀرڻ کان اڳ يا پوءِ پيش آيون، اهي سڀ ڏکيائيون لکي، هُن ڄڻ تہ ٻاهرين ملڪن ڏي وڃڻ وارن خواهشمندن لاءِ سوَلايون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. ڇاڪاڻ جو جن گهرجن ۽ ڪاڳر پَٽن جو هن ذڪر تفصيل سان لکيو آهي، سو گهڻو اهم ۽ رهنمائي ڪندڙ آهي. علاوہ ازين هُن سياحت جي شوقينن لاءِ بہ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويتنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي، جنھن ڳالھہ ڄڻ تہ سفرنامي جي لذت کي دوبالا ڪري ڇڏيو آهي.
’امرتا‘ پبليڪيشنس حيدرآباد پاران هي نئون سفرنامو ’ڪوريا جيئن مون ڏٺو‘ دل جي حُضور سان پنھنجي پڙهندڙن لاءِ پيشِ خدمت آهي، ان اُميد سان تہ هي سفرنامو بہ، اوهان کي ’امرتا‘ پاران پيش ڪيل ’سائين الطاف شيخ‘ جي سفرنامن جيان مزيدار ۽ چَسدار لڳندو.
مٺڙو مالڪ جل شانہ ڪري اوهان جُڙيا هجو نؤبنا هجو - آمين.

نيازمند

فقير محمد ڍول
ڇنڇر 16 آڪٽوبر 2021ع
امرتا پبليڪيشنس،
آفيس نمبر 1، ميزنائن فلور
باسم چيمبر، حيدر چوڪ حيدرآباد