سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت ڏند ڪٿائون

ڪوريا بابت اھڙيون گهڻيون ڳالھيون ھيون، جن تي مختلف دوستن، استادن ۽ ٻين ماڻھن طرفان ڏند ڪٿائون ٻڌايون ويون. اسان جي ڪئمپس جي هڪ پروفيسر مون کي ٻڌايو تہ ٻاهران اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بلڪل بہ سوَلو ڪونھي. توکي ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا، جھڙوڪ فنڊنگ، کاڌو، ثقافتي تضاد، گهر جي ياد ۽ گهر وارن جي سڪ وغيرہ. ھن سائينءَ خاص طور فنڊنگ جي مسئلي تي زور ڀريو تہ پروفيسر يا فنڊنگ اٿارٽيز طرفان اسڪالرشپ جا پئسا وقت تي فراھم نہ ڪيا ويندا آھن ۽ نتيجي طور توکي گهڻي پريشاني ٿيندي. توکي قرض وٺڻا پوندا، بکن سان منھن ڏيندين وغيرہ. ڪجهہ ماڻھن مون کي ٻڌايو تہ ڏکڻ ڪوريا ٿائيلينڊ وانگر آھي، جتي توکي گدلا روڊ، دڪانن ۽ روڊن تي صرف ڪتن ۽ ٻلين جا گوشت نظر ايندا. ڪجهہ دوستن مون کي اھو بہ چيو تہ چريو ٿيو آھين ڇا؟ تون پي ايڇ ڊي لاءِ ڪوريا ڪيئن وڃي رهيو آهين؟ اتي توکي کائڻ لاءِ حلال ۽ معياري کاڌو نہ ملندو، تنھنجو گذارو صرف ڍٻل BREAD ۽ اوٻاريل چانورن تي ٿيندو. سڀ کان وڏي ڳالھ اھا تہ اتي چانھ بہ نہ ملندي ۽ اهو منھنجي لاءِ سڀ کان وڏو ٿريٽ هو، ڇو جو مان چانھہ جو وڏو ھيراڪ آهيان.
اھي ڳالھيون جڏھن گهر وارن ٻُڌيون تہ منھنجي خدمت باقائدہ شروع ٿي وئي، مون کي صحتمند نيرنون کارايون ويون، جنھن ۾ مکڻ، بُسريون، مغَز ۽ پاوا شامل ھيا. امي، گهرواري ۽ ڀينرن طرفان منجهند جي مانيءَ ۾ ڪڏھن برياني تہ ڪڏھن ڪڙھائي ۽ قورما وغيرہ جھڙا کاڌا کارايا ويا. رات جي ماني دوستن سان اڪثر ڪري ٻاھر ھوندي ھئي. مان کائي کائي پي ايچ ڊي سان ملھ لاءِ تيار ٿي رھيو ھيس. تنھن ڪري ھڪ مھيني ۾ منھنجو وزن 90 ڪلو کان وڌي 105 ڪلو ٿي ويو ھو.
منھنجو هڪ استاد سائين ڄام خان سھتو، جيڪو مھراڻ يونيورسٽي MUET جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪندو ھو. سائينءَ جو ھڪ شاگرد ڪورين سفارتخاني ۾ ڪم ڪندو ھو. ان ڪري سائينءَ ٻڌايو تہ ڪورين ڏاڍا ڏکيا اٿئي. ھُو وقت تي سختيءَ سان عمل ڪندا آھن، سڄو ڏينھن ڪم ڪندا آھن ۽ ڏاڍا تڪڙا ھلندا آھن. ڪجهہ ڳالھيون ٻُڌي مان تمام گهڻو اپسيٽ ٿي ويو ھيس، پر مان ھميشہ گهر ڀاتين، مائٽن جن ۾ چاچا پروفيسر ڊاڪٽر بدر سومرو جن سرِفھرست آھن، ڪجهہ دوستن ۽ استادن خاص طور پروفيسر ڊاڪٽر خانجي ھريجن صاحب جي ڳالھين کان ٻيھر موٽيويٽ ٿي ويندو هيس. سائين جميل احمد منگي، جيڪو منھنجو استاد ۽ دوست پڻ آھي، سائينءَ جي مورل سپورٽ بہ ھميشہ گڏ ھوندي ھئي. ھتي اھا ڳالھ ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو تہ مان ٻين ڳالھين کان بلڪل پريشان ٿيندو ھيس، پر ڪڏھن بہ وقت جي پابندي ۽ ڪم کان پريشان نہ ٿيس.