سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪورِيَن ڪرنسي

ڪوريا جي ڪرنسي ڪورين وون (WON) آهي؛ وون جو سمبل ₩ آھي. ڪورين ڪرنسيءَ جو ننڍو سڪو ھڪ وون جو آهي ۽ سڀ کان وڏو سڪو 500 وون جو آهي. ڪورين ڪرنسي جو نوٽ 1000 وون جو آهي ۽ وڏو نوٽ 50000 وون جو آهي. ھڪ آمريڪن ڊالر USD جي بدلي ۾ 1000 وون کان 1200 وون ملندا آهن. هڪ پاڪستاني روپئي جي بدلي ۾ 8 وون کان 11 وون ملندا آهن، پر اسان اھو ذھن نشين ڪري ڇڏيو ھو تہ هڪ پاڪستاني روپيو 10 وون جي برابر آهي. جيڪڏھن ڪا شئي 100 وون جي ملندي ھئي، تہ اسان يڪدم حساب ڪندا ھئاسين تہ اھا پاڪستان ۾ 10 روپين ۾ ملندي آھي يا نہ؟ ائين تڪڙو اندازو ٿي ويندو ھو.