غير نصابي سرگرميون
• ھانيانگ يونيورسٽي فيسٽيولز
ھانيانگ يونيورسٽي طرفان ھر سال فيسٽيولز منعقد ڪيا ويندا ھئا. ھر سيمسٽر جي آخر ۾ اسپيشل فيسٽيول منعقد ڪيو ويندو ھو، جنھن ۾ ڪوريا جا نالي وارا سنگر گهرايا ويندا ھئا. ھڪڙي فيسٽيول ۾ ڪوريا جو مشھور سنگر ’سائي‘ (PSY) پڻ آيو ھو، جنھن جو گانو GANGNUM STYLE سڄي دنيا ۾ مشھور آهي. کائڻ پيئڻ جا اسٽال لڳايا ويندا ھئا. فنڪشن ھڪ واحد موقعو ھوندو ھو، جنھن ۾ ڪورين شاگردن کي ڪئمپس ۾ شراب پيئڻ جي اجازت ھوندي ھئي. فيسٽيولز ۾ ھزارين شاگرد توڙي ٻاھريان ماڻھو پڻ ايندا ھئا، پر مون انھن فيسٽيولز ۾ ڪڏھن بہ ڪا افراتفري نہ ڏٺي. ان کان علاوہ بہ ٻيا فيسٽيولز منعقد ڪرايا ويندا ھئا، جنھن ۾ مسلمانن کي بہ پنھنجي ثقافت ۽ کاڌن جي نماءُ جا موقعا ملندا ھئا. انھن فيسٽيولز ۾ ڊارميٽري فوڊ فيسٽيول اسان لاءِ اھم ھوندو ھو. ان فيسٽيول ۾ شاگرد پنھنجي ھٿ سان کاڌا ٺاھي ھڪ ٻئي سان ونڊيندا ھئا. مون بہ اھڙن ڪيئي فيسٽيولز ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوہ اينڊ ايئر پارٽي ۽ ٻيون کوڙ غير نصابي سرگرميون منعقد ڪيون وينديون ھيون. جيئن مان توھان کي اڳ ۾ ئي ٻڌايو تہ ھانيانگ فيملي ڪئمپس ۾ رهندڙ ماڻھن جي وچ ۾ هڪ رشتو هو. هي فيملي ڪيترين ئي مذهبي سرگرمين، ثقافتي سرگرمين، قومي ڏينھن، فيئرويل، جنم ڏينھن ۽ راندين جي پروگرامن کي منعقد ڪندي هئي.
• مذهبي سرگرميون
هي فيملي هر قسم جا مذهبي پروگرام جھڙوڪ عيدالفطر، عيدالاضحيٰ، رمضان، عيد ميلادالنبي ۽ عاشورا ملھائيندي هئي. اتي سڀني فرقن جا ماڻھون گڏ نماز پڙھندا ھئا ۽ سڀنن فرقن ۾ محبت ۽ اتحاد ھو. منھنجي خواهش آهي پاڪستان ۾ پڻ سڀنن فرقن ۾ ائين ئي محبت ۽ اتحاد ھجي، پر تعصب جي بُو اتي بہ محسوس ٿي. مذهبي سرگرمين جي لاءِ سڀ گڏ ٿيندا ھئا. ھانيانگ فيملي سڀنن پروگرامن لاءِ مختلف کاڌا رڌيندي هئي. سڀئي شاگرد پروگرامن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا هئا. غير مسلم دوستن سان گڏ ھولي بہ ملھائبي ھئي.
• ثقافتي سرگرميون
ھانيانگ يونيورسٽي ۽ ھانيانگ فيملي طرفان ڪيمپس ۾ ھر سال ثقافتي فيسٽيولز پڻ منعقد ڪيا ويندا ھئا. مون بہ اھڙن ڪيئي فيسٽيولز ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو.
• قومي ڏيھاڙا
ھانيانگ فيملي طرفان پاڪستان جي قرارداد (23 مارچ)، آزاديءَ جو ڏينھن (14 آگسٽ) ۽ يومِ دفاع (6 سيپٽمبر) بہ ملھايو ويندو ھو، پر آزاديءَ جو ڏيھاڙو وڏي سطح تي ملھايو ويندو ھو.
• فيئرويل
ھانيانگ فيملي سال ۾ ٻہ دفعا الوداعي پارٽيون (فيئرويل) بہ ملھائيندي هئي، جيڪي بھار جي سيمسٽر ۽ سياري جي سيمسٽر جون الوداعي پارٽيون هيون. اڪثر شاگرد الوداعي پارٽي ملھائڻ جي سلسلي ۾ پئسا ڏيندا هئا. ماڻھو گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگردن لاءِ خاص شعر لکندا هئا. اسان جو هڪ سينئر جنھن جو نالو ڊاڪٽر عبدالباسط ’صائم‘ آهي. شعر لکڻ ۾ ڏاڍي مدد ڪندو هو. مون ڪيتريون ئي الوداعي تقريبون ترتيب ڏنيون ۽ انھن ۾ ڪمپيئرنگ بہ ڪئي. يونيورسٽيءَ جي بين الاقوامي معاملن جي آفيس پاران الوداعي پارٽيون پڻ ملھايون وينديون هيون.
• جنم ڏينھن
ھڪ فيملي هجڻ ڪري، شاگرد هر ڪنھن جو جنم ڏينھن ملھائيندا هئا. ڪيڪ خريد ڪندا ھئا، کاڌا رڌبا ھئا ۽ جنم ڏينھن واري شاگرد کي سرپرائز ڏنو ويندو ھيو تہ جئين ھُو پاڪستان ۾ گهر ڀاتين کي ياد ڪري پريشان يا اداس نہ ٿي.
• رانديون
ھونئن تہ اسان ھر ويڪ اينڊ تي ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال کيڏندا ھئاسين پر جڏهن ڪورين ’چوسڪ‘ ملھائيندا هئا، تڏهن اسان مختلف ٽورنامنٽس جو انتظام ڪندا هئاسين. چوسڪ هڪ فيسٽيول آهي جنھن ۾ ڪورين پنھنجي والدين سان ملڻ لاءِ ويندا هئا. ھن کي HOME COMING DAY بہ سڏبو آهي. اها هڪ ڊگهي موڪل ھوندي هئي، اسان جي ملڪ ۾ عيد وانگر. چوسڪ ۾ گهڻو ڪري دڪان ۽ ريسٽورنٽ بند رهندا هئا. ان ڪري اسان اهي ڊگهيون موڪلون مختلف راندين جو انعقاد ڪندي گذاريندا هئاسين. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سڀ کان وڌيڪ پسنديدہ سرگرمين مان هڪ ھئي. جيئن تہ اسان تقريبن 100 ماڻھو هئاسين، ان ڪري پنج کان ڇھ ٽيمون ٺاھيندا ھئاسين. هر رانديگر 5000 وون حصو ڏيندو هو تہ جيئن سڀئي خرچا جھڙوڪ راندين جا سامان، مشروبات (پوڪاري) ۽ کاڌو (گهڻو ڪري پيزا) جو بندوبست ٿي سگهي. ٽورنامينٽ عام طور 2 کان 3 ڏينھن تائين جاري رهندو ھو. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ھڪ بھترين گڏجاڻي ۽ يادگار تقريب ھوندي هئي. مان انھن ڏينھن کي واقعي ياد ڪندو آھيان.
• ٽوئرز
ھانيانگ فيملي پنھنجن ميمبرن لاءِ گهمڻ ڦرڻ وارا ٽوئر ۽ انڊسٽريل ٽوئر پڻ منعقد ڪندي ھئي.
ھانيانگ فيملي جيڪا اسان جي مقامي برادري هئي، ان کان علاوہ ڪوريا ۾ پاڪستانين جون ٽي وڌيڪ ڪميونٽيز هيون.
• پاڪستان اسٽوڊنٽز ايسوسيئيشن ڪوريا PSAK
• پاڪستان بزنس ڪميونٽي ڪوريا
• پاڪستان ورڪرز ڪميونٽي ڪوريا
2016ع ۾ ڪوريا ۾ تقريبن 1100 اسٽوڊنٽز، 600 بزنسمين ۽ 4200 ورڪرز ھئا.
پاڪستان اسٽوڊنٽز ايسوسيئيشن ڪوريا ۾ رهندڙ شاگردن جي لاءِ زندگي جي هر شعبي ۾ هڪ ٻئي سان رابطا رکڻ/مدد ڪرڻ جي لاءِ هڪ ذريعو هئي. ايسوسيئيشن ۾ هڪ ڪابينہ ھئي. جنھن ۾ صدر، نائب صدر، سيڪريٽري ۽ ٻيا شامل هئا. هر سال ايسوسيئيشن صدر، نائب صدر، سيڪريٽري ۽ ٻين کي چونڊڻ لاءِ چونڊون ڪرائيندي هئي. ھر سال پاڪستان اسٽوڊنٽز ايسوسيئيشن ڪوريا طرفان پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏيھاڙو وڏي سطح تي ملھايو ويندو ھو. ڪوريا ۾ پاڪستاني سفارتخانو ۽ پاڪستان بزنس ڪميونٽي ڪوريا تقريب ملھائڻ لاءِ وڏي پيماني تي مدد فراهم ڪندا هئا. مختلف پاڪستاني گلوڪار تقريب لاءِ ڪوريا ايندا هئا. مون ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي، جنھن ۾ هڪ ڀيرو بلال کي مدعو ڪيو ويو هو، هڪ ٻئي پروگرام ۾ عطاءُ ﷲ عيسيٰ خيلوي کي دعوت ڏني وئي ھئي. تقريب کان پوءِ ڪميونٽي کي لنچ/ڊنر مھيا ڪندا هئا، پر افسوس اتي بہ اڪثر تقريبون افراتفري جو شڪار ھونديون ھيون.
هڪ پروگرام ۾ مون ڪوريا جي هڪ وزير کان ٻڌو تہ پاڪستان ۽ ڪوريا کي ساڳئي وقت آزادي ملي هئي. پاڪستان ترقي جا منصوبا ٺاهيا، جيڪي ڪورين کي بہ ڏنا ويا. ڪورينز ترقيءَ جي منصوبن جي مطابق عمل ڪيو ۽ اهي هاڻي ڪٿي آهن، جڏهن تہ اسان اها رٿابندي ڪئي، پر ان تي عمل نہ ڪيو ويو ۽ اسان اڃان تائين ڪٿي آهيون؟
• ڪورِيَن گورنمينٽ ۽ غير سرڪاري ادارا
انھن سرگرمين کان علاوہ اڪيلو ۽ دوستن سان گهڻو گهمياسين ڦرياسين. ان کان علاوہ ڪورين گورنمينٽ ۽ غير سرڪاري ادارن طرفان بہ مفت ۾ گهمڻ ڦرڻ جا ڪيترائي موقعا مليا. مان گهمڻ ڦرڻ جا تفصيل اڳتي ٻڌائيندس. بھرحال اهو ٻڌائڻ ضروري آهي تہ ڪوريا مفت سياحت جو ملڪ آهي. مختلف ڪورين ڪمپنيون پرڏيھين لاءِ مفت سياحت جي پيشڪش ڪنديون آهن. ٽوئرز جا خرچ عام طور ڪورين گورنمينٽ يا غير سرڪاري ادارا ادا ڪندا آهن. ٽوئرز ۾ گهمڻ ڦرڻ، ٽرانسپورٽ، کاڌو ۽ رهائش شامل ھوندا آهن. انھن ٽوئرز جو مقصد ڪوريا جي سياحت کي فروغ ڏيڻ آهي. جيئن تہ ڪيترائي سياح ڪوريا جو دورو نہ ڪندا آهن ڇاڪاڻ تہ اهي سمجهہندا آهن تہ ڪوريا سياحت جو ملڪ نہ آهي ۽ اتي حلال طعام جھڙا مسئلا آهن. خاص طور ڪورين حڪومت اھي ٽوئرز عرب ملڪن جي ماڻھن کي متوجه ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندي آهي. مون مفت ٽوئرز تي ڪيترن هنڌن جو پڻ دورو ڪيو. آئون هڪ سال جي ٽوئر پروگرام ۾ بہ شامل ٿيس، جنھن جو نالو WOW KOREA هو ۽ جنھن ۾ چئن ٽوئرز جو بندوبست ڪيو ويو. هر ٽوئر 3 کان 4 ڏينھن جو هو. ٽوئرز کان پوءِ اسان کي انھن هنڌن کي سوشل ميڊيا تي فروغ ڏيڻو هوندو ھو. اسان ٽيم ۾ 40 پرڏيھي هئاسين. اسان پھريون ٽوئر ’گانگ ون‘، ٻيون ٽوئر ’بوسان‘، ٽيون ٽوئر ’دانگجن‘ ۽ آخري ٽوئر ’گويانگ‘ جو ڪيوسين.
مان ڪوريا ۾ حلال فوڊ انسپيڪٽر بہ رهيس. مون کي هڪ سال جي عرصي تائين ڪورين مسلم فيڊريشن KMF طرفان چونڊيو ويو. KMF اسان کي حلال ريسٽورنٽ جو دورو ڪرڻ لاءِ چوندي ھئي. حلال ريسٽورنٽ تي عام ڪسٽمر جي طور کاڌو کائڻ ۽ KMF کي کاڌي جي معيار ۽ مقدار بابت رپورٽ ڏيڻي ھوندي ھئي.