سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

انچئن ايئرپورٽ کان ھانِيَانگ يونيورسٽي تائين جو سفر

لينڊنگ کان ٿوري دير اڳ ۾ ۽ لينڊنگ مھل مان دريءَ مان ڏسي رھيو ھيس. پھريان سمنڊ پيو نظر اچي ۽ پوءِ ايئرپورٽ نظر اچڻ لڳو. ايئرپورٽ تي سياري جي ڪري گاھ سڪل نظر اچي پيو. هوائي جھاز جي انچئن INCHEON ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ کان مڪمل طور رڪجڻ تائين هر ڪو آرام سان ويٺو هو، جڏهن تہ جنھن مھل هوائي جھاز بينڪاڪ ۾ بيٺو ھو تہ هر ڪنھن کي جھاز مان نڪرڻ جي تڪڙ هئي. آئون جھاز مان نڪري ماڻھن جي پٺيان لڳس. ٿورڙو پنڌ ڪري ايسڪيليٽر ذريعي بيسمينٽ ۾ وياسين. ھر ڪو ايسڪيليٽر جي ساڄي پاسي بيٺو ھو، جڏھن تہ کاٻو پاسو خالي ھو. کاٻو پاسو ان ڪري خالي رکندا آھن تہ اگر ڪنھن کي تڪڙ ھجي تہ ھُو اتان ھليو وڃي. بيسمينٽ ۾ ٽرين ياسب وي SUBWAY جي انتظار ۾ ماڻھو قطارون ٺاھي بيھي رھيا. ڪجهہ منٽن کان پوءِ سب وي آئي، اها مسافرن سان ڀريل هئي. اھي مسافر سب وي جي کاٻي پاسي لھي ويا ۽ پوءِ اسان جي سائيڊ وارا دروازا کُليا. هرھڪ ماڻھو صبر سان سب وي ۾ داخل ٿيو. سيٽون خالي ھجڻ باوجود اڪثر ماڻھو بيٺا ئي رھيا. سب وي مسافرن کي CONCOURSE کان پيسنجر ٽرمينل 2 کڻي وئي.
سب وي تان لھڻ کان پوءِ پيسنجر ٽرمينل 2 ۾ داخل ٿياسين تہ وات پٽجي ويو. بئنڪاڪ ايئرپورٽ جي اڏاوت ذهن ۾ هئي، پر جڏهن مون ’انچئن انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ جي اڏاوت ڏٺي تہ عقل دنگ رھجي ويو. ڇاڪاڻ تہ اصلي انجنيئرنگ جو شاھڪار تہ ھي ھو. ايئرپورٽ پنجن ليولز تي مشتمل آھي. ڊيوٽي فري شاپس، ريسٽورنٽس، ڪافي شاپس... سڀ بي انتھا خوبصورت ۽ صاف. انچئن انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڏکڻ ڪوريا جو سڀ کان وڏو ايئرپورٽ آهي. ھن جو شمار دنيا جي وڏن ۽ مصروف ترين ايئرپورٽز ۾ ٿيندو آهي. انچئن ايئرپورٽ انچئن شھر جي اولھہ ۾ آھي ۽ سيئول کان 30 ڪلوميٽرن جي مسافت تي آھي. انچئن ايئرپورٽ ٻن ٽرمينلز تي مشتمل آهي: ٽرمينل 1 ۽ ٽرمينل 2.
ٽرمينل 1 پراڻو آھي ۽ ٽرمينل 2 نئون آھي. ٽرمينل 2 اڪثر پروازن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جڏھن تہ ڪجهہ پروازن لاءِ ٽرمينل 1 استعمال ڪيو ويندو آهي. ٻنھن ٽرمينلز ۾ 15 منٽن جي مسافت آھي. ٻئي ٽرمينلز سب وي ذريعي گڏيل آھن ۽ ٻنھن جي وچ ۾ بسون بہ ھلن ٿيون.
انچئن ايئرپورٽ کان علاوہ سيئول کي گمپو (GIMPO) انٽرنيشنل ايئرپورٽ بہ لڳي ٿو. گمپو انٽرنيشنل ايئرپورٽ سيئول شھر جي مرڪزي ضلعي کان 15 ڪلوميٽر اولھہ ۾ آھي. 2001ع تائين گمپو انٽرنيشنل ايئرپورٽ سيئول ۽ ڏکڻ ڪوريا جو مکيه انٽرنيشنل ايئرپورٽ هو. ھاڻي ھي ايئرپورٽ ڪجهہ انٽرنيشنل پروازن ۽ گهڻو ڪري مقامي پروازن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سب وي تان لھڻ کان پوءِ ماڻھن ٻہ قطارون ٺاھيون؛ هڪڙي ڪورينز لاءِ ۽ ٻي پرڏيھن لاءِ. تنھن ڪري آئون پرڏيھن واري قطار ۾ بيھي رهيس ۽ پنھنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳس. آخرڪار اميگريشن آفيسر منھنجو پاسپورٽ وٺي اسڪين ڪيو ۽ مون کان آڱرين جا امپريشن ورتائين. ان کان پوءِ آفيسر مون کي هڪ رسيد ڏني، جنھن ۾ ڪوريا ۾ منھنجي داخلا جي ڊيٽا ڏيکاريل ھئي. هتي مون کي خبر پئي تہ ڪوريا ۽ ٻين ترقي يافتہ ملڪن ۾ داخلا ۽ نڪرڻ جو ڊيٽا آن لائن ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو ۽ آن لائن رسيد ڏني وڃي ٿي. جڏهن تہ پاڪستان ۾ اميگريشن آفيسون عام طور داخل ٿيڻ يا نڪرڻ مھل پاسپورٽ تي ٺپو لڳائينديون آهن. بھرحال پاسپورٽ ۽ رسيد وٺڻ کان پوءِ مان پنھنجو سامان کنيو. مون اڳ ۾ ئي پنھنجي آمد جي معلومات يونيورسٽيءَ جي عملدارن کي فراهم ڪئي هئي، تنھن ڪري مون کي اها اميد هئي تہ ڪونہ ڪو مون کي وٺڻ لاءِ ايندو. سامان کڻڻ کان پوءِ مون پنھنجو نالو، يونيورسٽيءَ جو نالو ۽ فلائيٽ نمبر پني تي لکيل ڏٺا. آئون اتي ويس ۽ تقريبن 10 منٽن تائين اتي انتظار ڪيم پر ڪوبہ اتي نہ آيو. مون سوچيو تہ شايد ڊرائيور هليو ويو آهي، تنھن ڪري مون پنھنجو سامان کنيو ۽ بس اسٽينڊ جي طرف وڌڻ شروع ڪيو. جيئن مون ايئرپورٽ کان بس اسٽينڊ ويندڙ دروازو کوليو تہ انتھائي تيز ۽ ٿڌي هوا مون کي وڪوڙي وئي. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ اهڙي ٿڌي هوا ڪڏهن بہ محسوس نہ ڪئي هئي. جڏهن مون ھڪ بورڊ تي گرمي پد ڏٺو تہ اهو 13- ڊگري سينٽي گريڊ هو. تڏهن مون محسوس ڪيو تہ ايئرپورٽ مرڪزي طور ايئرڪنڊيشنڊ هو ۽ گرمي پد تقريبن 25 ڊگري سينٽي گريڊ تي برقرار رکيو ويو هو. بھرحال مان ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڊرائيور اشارن سان چيو تہ هُو انگريزي نٿو سمجهي.
پوءِ مان بس ڏسڻ لڳس. اڃا آئون بس لاءِ پريشان بيٺو ھيس تہ هڪ جوڙو COUPLE مون وٽ آيو ۽ مون کان پڇائون تہ، ”ڇا مسئلو آهي؟ ڇو پريشان بيٺو آھين؟“ مون هنن کي پنھنجي يونيورسٽي ۽ متوقع پڪ اپ سروس بابت سڀ ڪجهہ ٻڌايو. هنن مون کي ٻڌايو تہ، بس جو وقت تقريبن ختم ٿي چڪو آهي. تنھن ڪري ٽيڪسي ۾ وڃڻ بھتر آهي، پر پوءِ انھن چيو تہ تنھنجي لاءِ ٽيڪسي ذريعي وڃڻ آسان ناهي ڇاڪاڻ تہ تون ھتي نئون آھين، تنھن ڪري انھن چيو تہ اهي مون کي منھنجي يونيورسٽيءَ ۾ ڇڏي ايندا، جيڪا ايئرپورٽ کان تقريبن ھڪ ڪلاڪ جي مسافت آهي ۽ پوءِ اهي سيئول ڏانھن ويندا، جيڪو يونيورسٽيءَ کان ھڪ ڪلاڪ جي مسافت آهي. انھن مون کي ھڪ دفعو ٻيھر پڪ اپ سروس چيڪ ڪرڻ لاءِ چيو ۽ جيڪڏهن اتي ڪو نہ ھجي تہ پوءِ اهي مون کي يونيورسٽيءَ ۾ ڇڏي ايندا. جڏهن مان ٻيھر ويس تہ اتي هڪ ماڻھو کي انتظار ڪندي ڏٺم. منھنجي ساڻس ملاقات ٿي ۽ هن مون کي عذر ڏنو تہ هُو سگريٽ پيئڻ لاءِ ويو ھو. مان ھن جوڙي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڊرائيور سان گڏ ڪار پارڪنگ ايريا ڏانھن هلڻ شروع ڪيو. ان دوران مان ڪوريا ۾ پنھنجي دوست عبدالڪريم شاھہ (اي ڪي) سان ميسينجر تي رابطو ڪيو، جيڪو ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو هو. اي ڪي مھراڻ يونيورسٽي MUET ۾ منھنجو بيچ فيلو ۽ سٺو دوست رھيو ھو. اي ڪي ڊرائيور سان ڳالھہ ٻولھہ ڪئي ۽ کيس ڊراپ پوائنٽ ٻڌايو. مون پنھنجو سامان ڪار ۾ رکيو، جيڪا هيئندئي سوناٽا HYUNDAI SONATA هئي ۽ کاٻي هٿ واري ڊرائيونگ ڪار هئي. ڏهن پندرنھن منٽن کان پوءِ اسان مين هاءِ وي تي پھتاسين، جيڪو ايئرپورٽ کي اَنسان ANSAN شھر سان ڳنڍيندو آهي. رستي ۾ مون کي عاليشان عمارتون ۽ سسپينشن برج SUSPENSION BRIDE نظر آيون، جهڙيون اسين هالي ووڊ فلمن ۾ ڏسندا هئاسين. ائين لڳي پيو تہ جيئن منھنجو خواب پورو ٿيو ھجي. مان ڊرائيور سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس ۽ هُو بہ مون سان ڳالھائڻ پيو چاھي، پر اسان گهڻو ڳالھائي نہ سگهياسين ڇو جو مون کي ڪورين نہ پئي آئي ۽ ھن کي انگريزي. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ اسان ھانِيَانگ يونيورسٽيءَ جي ڊارميٽري نمبر 3 پھچي وياسين. ڊارميٽري لفظ بنيادي طور آمريڪا ۾ هاسٽل لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ يورپ ۾ هاسٽل ئي استعمال ڪيو ويندو آهي. ائين ئي يورپ ۾ لفظ لفٽ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ آمريڪا ۾ ايليويٽر. ڪورين آمريڪن انگلش جي پيروي ڪندا آهن ۽ اسان برطانوي انگلش جي. بھرحال جيئن ڪار بيٺي تہ ڏٺم عبدالڪريم شاھہ گيٽ تي منھنجو انتظار ڪري رهيو هو. آءٌ ڪار مان لٿس، بارش وسي رھي ھئي، اي ڪي سان ملاقات ٿي، ساھ ۾ ساھ آيو. پنھنجو سامان کيم ۽ ڊرائيور جو شڪريو ادا ڪيم. ڊرائيور مون کان هڪ پئسو بہ نہ ورتو ڇاڪاڻ تہ اھا ڪار يونيورسٽيءَ طرفان اسپانسر ڪيل هئي. رات جا 11:00 ٿيا ھئا، اي ڪي جي ڪمري تي وياسين. مون شاور ورتو ۽ پوءِ اسان مسلم ڪچن وياسين. اتي احمد علي شاھ (فارميسي) ۽ احمد علي شاھ (نينو) سان ملاقات ٿي. اي ڪي ڪڙھائي پچائي آيو ھو، احمد علي شاھ (فارميسي) ماني پچائي ۽ احمد علي شاھ (نينو) چانھ ٺاھي. احمد علي شاھ (فارميسي) ھڪ ھٿ سان ويلڻ پيو ھلائي، مان اڳ ۾ ايتري تڪڙي ماني پچائيندي ڪنھن کي بہ نہ ڏٺو ھو. بھرحال رات جي ماني کاڌي، چانھ پيتي، سنگت سان ٿوري ڪچھري ٿي ۽ پوءِ سمھڻ لاءِ بستري تي ويس.