ٽيمپ ليب (Temp Lab)
پروفيسر وُوسنگ ڪِم 06 جون 1959ع ۾ سيئول ۾ ڄايو. ھنن هانيانگ يونيورسٽيءَ مان ئي بيچلرز ۽ ماسٽرز ڪئي. پروفيسر ڪِم پي ايچ ڊي ’اتر ڪيرولينا يونيورسٽي آمريڪا‘ مان ڪئي. پروفيسر ڪِم مڪينيڪل انجنيئرنگ جي شعبي ۾ پروفيسر آهي، ان وقت هُو يونيورسٽي ۾ صنعتي رابطن جو ڊائريڪٽر پڻ هو. ڪجهہ وقت کان پوءِ پروفيسر هانيانگ يونيورسٽيءَ جو نائب صدر ۽ پوءِ صدر پڻ ٿيو. پروفيسر چند ڪتابن ۽ سوين تحقيقي اشاعتن جو مصنف آهي.
ٽيمپ ليب ۾ هيٺ ڏنل فيلڊز ۾ تحقيق ڪئي وڃي ٿي:
1. Modelling And Analysis Of Thermal Systems
2. Desalination
3. Carbon Capture
4. Bio Gasification
ان وقت ٽيمپ ليب ۾ ٻہ پاڪستاني ۽ پنج ڪورين شاگرد هئا.
1. بَيڪ چولو (ڪورين)
2. امبَي ڪُيو (هو ليب چيف هو)(ڪورين)
3. جيون ووجن (ڪورين)
4. محمد واجد سليم (ھو فيصل آباد پنجاب، پاڪستان جو ھو)
5. اسدالله (ھو فاٽا، پاڪستان جو ھو)
6. ام چن جنگ (ڪورين)
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي تہ ڪوريا ۾ ذات پات جو نظام تمام عام آهي. ڪورين نالي کان اڳ ذات لڳائيندا آھن. جيئن منھنجي پروفيسر جي ذات ’ڪِم‘ هئي، ليب ميٽس جون ذاتون ’بَيڪ‘، ’اِم‘ ۽ ’جيون‘ ھيون. اعليٰ ڪورين ذاتون ’ڪِم‘، ’لِي‘ ۽ ’پارڪ‘ آھن. جيئن ’ڪِم جونگ ان‘ جيڪو اتر ڪوريا جو سربراھہ آھي. ھن جي ذات ’ڪِم‘ آھي.
بھرحال پھريان مان پاڪستاني ليب ميٽس سان مليم، ڇو تہ اهي ليب ۾ داخل ٿيندي ئي هڪ ڪنڊ تي ويٺا هئا. هنن مون کي ليب چيف ۽ ٻين ڪورين ليب ميٽس سان متعارف ڪرايو. ليب چيف لينڊ لائن تي پروفيسر کي فون ڪيو ۽ منھنجي اچڻ بابت ٻڌايو. پروفيسر هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ملڻ لاءِ چيو. ڪجهہ وقت ليب ۾ وقت گذارڻ کان پوءِ، مان ۽ ليب چيف پروفيسر جي آفيس ۾ وياسين. پروفيسر جي آفيس ٻي ڪنھن بلڊنگ ۾ هئي. پروفيسر مون کي ڪوريا اچڻ تي ۽ ليبارٽريءَ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو، هنن مون کي محنت ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ ريسرچ پيپرز RESEARCH PAPERS شايع ڪرڻ جو چيو. پروفيسر ليب چيف کي چيو تہ مجيب کي ڪمپيوٽر ۽ ڪجهہ ڪتاب ڏي. پروفيسر ليب چيف کي اهو پڻ چيو تہ ھُو يونيورسٽيءَ جون سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ منھنجي مدد ڪري.
پروفيسر سان ملاقات ڪرڻ بعد اسان مڪينڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي اسٽاف آفيس ۾ وياسين. ليب چيف مون کي اسٽاف سان متعارف ڪرايو، هنن مون کي هڪ شاگرد ڪارڊ فراهم ڪيو، جيڪو يونيورسٽيءَ جي سڀني بلڊنگز کي کولڻ، لائبريري مان ڪتاب ڪڍرائڻ ۽ ٽرانسپورٽ ڪارڊ طور بہ استعمال ڪري سگهجي ٿو. انھن مون کي يونيورسٽي رول نمبر، اِي ميل آءِ ڊي ۽ پاسوَرڊ بہ ڏنو. منھنجو رول نمبر 2016207449 هو. يونيورسٽي اِي ميل ۽ پاسوَرڊ يونيورسٽي آن لائن پورٽل لاءِ ھو. آن لائن پورٽل ذريعي سيمسٽر ڪورسز کي سليڪٽ ڪرڻ، سڀني مضمونن جا ليڪچرز، نوٽس ڊائون لوڊ ڪرڻ ۽ انرولمينٽ سرٽيفڪيٽ کان وٺي پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ تائين پرنٽ ڪري سگهجي ٿي.
ان کان پوءِ ليب چيف مون کي ليب پاسورڊ ۽ ڪجهہ ڪتاب ڏنا. هن مون کي چيو تہ اهي ڪتاب پڙھ، فورٽران (FORTRAN) سک ۽ ٽن مھينن اندر ٻئي ڪم پورا ڪر، پوءِ پروفيسر توکي تحقيق/ريسرچ شروع ڪرڻ جي اجازت ڏيندو. اهو توهان کي آگاهي ڏيڻ ضروري آهي تہ مون کي ڪلاس پڻ وٺڻا هئا ۽ ساڳئي وقت ليب جو ڪم پڻ ڪرڻو ھو. سومر کان جمعي تائين اسان جي باضابطه ليب ٽائمنگ صبح 9 وڳي کان رات 10 وڳي تائين هئي. منجهند جي مانيءَ جو بريڪ 12 وڳي ۽ رات جي ماني جو بريڪ 6 وڳي ھو. جڏهن تہ ڇنڇر تي ليب ٽائيم صبح 9 وڳي کان منجهند 12 وڳي تائين هو. ان کان پوءِ اسان ويڪ اينڊ جا مزا وٺي سگهندا ھياسين. ويڪ اينڊ جي خوشيءَ جو اصلي احساس ڪوريا ۾ ئي ٿيندو ھو. سڄو ھفتو ڪم ڪري پوءِ آرام ۽ گهمڻ جو مزو ئي پنھنجو ھو. گهمڻ جون بہ ايتريون جڳھيون جيڪي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نہ وٺن ۽ گهمڻ ڦرڻ بہ سولو.
بھرحال ليب چيف مون کي سي پي يو، ايل سي ڊي، ڪِي بورڊ ۽ ماؤس ڏنو. هن مون کي ڪمپيوٽر سيٽ ڪرڻ، ونڊوز ۽ ٻيا سافٽويئر انسٽال ڪرڻ لاءِ چيو. ڪمپيوٽر کي سيٽ ڪرڻ منھنجي لاءِ تمام گهڻو مشڪل ھو، ڇاڪاڻ تہ منھنجو وزن گهڻو ھو. مان ٽيبل ھيٺيان وڃي نہ پيو سگهان. پاڪستاني ليب ميٽس مون کي ان حالت ۾ ڏسي کلن پيا. بھرحال وڏي ہمت کان پوءِ مان ڪمپيوٽر سيٽ ڪيو، پر انسٽاليشن وڏو ڪم هو. ليب ميٽس مون کي چيو تہ پھرين لائبريري مان سي ڊي وٺي اچ ۽ پوءِ انسٽاليشن ڪر. مان انسٽاليشن ۾ هڪ سينئر کان مدد ورتي، جنھن جو نالو جنيد اقبال هو، جيڪو عام طور امير صاحب طور سڃاتو وڃي ٿو. هن جو تعلق سکر سان ھو ۽ هُو ڪمپيوٽر جينيس (GENIUS) هو. هن عمل دوران مان محسوس ڪيو تہ مون کي سڀ ڪجهہ پنھنجو پاڻ ئي ڪرڻو آهي. پاڪستان ۾ آفيس ۾ مون وٽ ٻہ نائب قاصد ۽ هڪ اسسٽنٽ هو. تنھن ڪري شروعات ۾ ھتي اهو سڀ ڪجهہ پاڻ ڪرڻ تمام ڏکيو هو.
پروفيسر اسان سان هفتي ۾ هڪ ڀيرو ملاقات/ميٽنگ ڪندو ھو. جنھن ۾ اسين گذريل هفتي جي ڪارگذاري، هلندڙ هفتي جي پروگريس ۽ ايندڙ هفتي جي منصوبابنديءَ بابت بريفنگ ڏيندا ھئاسين. مون اهو محسوس ڪيو تہ هن هفتيوار ملاقات/ميٽنگ جي ڪري ئي مون کي وقت تي ڊگري مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملي.
سال ۾ هڪ ڀيرو پروفيسر اسان کي ھائڪنگ تي وٺي ويندو هو. ھائڪنگ ٽڪرن ۽ جبلن تي چڙهائيءَ جو نالو آهي. ھائڪنگ، اسان جي پروفيسر جي پسنديدہ وندر يا شوق هو. ھائڪنگ کان پوءِ اسان گڏجي ماني کائيندا ھئاسين. جڏهن آئون پھريون ڀيرو ھائڪنگ لاءِ سڀني سان گڏ ويو هيس تہ مان مٿي تائين وڃڻ کان قاصر هيس. پروفيسر ۽ سڀئي ليب ميٽس مٿي پھچي ويا، پر مان تمام گهڻو پوئتي هيس. پروفيسر سڀني کي چيو تہ مجيب هتي نہ پھچي سگهندو، پر جڏھن مان رڙھي رڙھي مٿي پھتس تہ پروفيسر مون کي خوشيءَ مان ڏٺو، شاباش ڏنائين ۽ چيا ئين تہ، ”تو ڪري ڏيکاريو.“
ڪوريا ۾ رهڻ دوران منھنجو گهڻو وقت ليب ۾ ئي گذريو. اسان هڪ ڏينھن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ ليب ۾ گذاريندا هئاسين. ليب ۾ پرنٽنگ جي سھوليت مفت هئي. اسان وٽ ليب ۾ فرج، اوون ۽ آرام لاءِ هڪ بسترو بہ ھو. تحقيق/ريسرچ کان پوءِ جيڪڏهن مٿي ۾ سور ٿئي تہ اسان وٽ چانھہ ٺاهڻ جو بندوبست بہ ھو. ليب ۾ سبز چانھہ ۽ ڪافي بہ مفت ۾ دستياب هئي.