سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

پرڏيھہ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا طريقا

جيڪڏهن توهان بہ پرڏيھ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيو تہ پرڏيھ جي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ جا ڪجهہ طريقا ھي آهن؛
1. سيلف فنڊنگ
2. ايڇ اي سي پاڪستان اسڪالرشپ
3. پروفيسر اسڪالرشپ
4. پرڏيھ جي يونيورسٽين جي اسڪالرشپ
5. گورنمينٽ اسڪالرشپ پروگرامز (جيئن ڪوريا جي ڪي جي ايس پيKGSP ، چين جي سي ايس سي CSC، آمريڪا جي فل برائٽ، جرمني جي ڊاڊ DAAD وغيرہ)
دنيا جي بهترين يونيورسٽين جا نالا ٽائمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ 2020ع جي ويب سائيٽ تي ڏسي سگهجن ٿا. انھن يونيورسٽين ۾ داخلاءِ لاءِ گهربل دستاويز اڳئين حصي ۾ ٻڌائيندس. ھتي اھو ٻڌائڻ لازمي آھي تہ ڪجهہ يونيورسٽيون ايڊميشن لاءِ انٽرنيشنل جي آر ايGRE ۽ انگلش ٽيسٽ جيئن IELTS/TOFELپڻ گهرن ٿيون.