ڪورِيَن سَب وَي
سيئول سب وي جو ڀاڙو هن ريت آهي:
• ٻار جو 450 وَون
• نوجوان جو 720 وَون
• وڏي جو 1250 وَون
سيئول سب وي جي پھرين سب وي صبح جو تقريبن پنجين وڳي ھلندي ھئي ۽ آخري سب وي رات جو تقريبن ٻارھين وڳي ھلندي ھئي. سيئول سب وي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽي مني ڪارڊ هجڻ ضروري آهي. ٽي مني ڪارڊ ڪنھن بہ ڪنوينييَنٽ اسٽور جھڙوڪ GS25 ۽ Seven Eleven مان وٺي ۽ ريچارج ڪري سگهجي ٿو. هر سب وي اسٽيشن کان پھريان بہ ريچارج بوٿ موجود هوندا آهن. ڪارڊ پنچ ڪري سب وي اسٽيشن ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. هر سب وي اسٽيشن تي ڪنوينييَنٽ اسٽور، ڪافي شاپ ۽ ٽوائليٽ موجود هوندا آهن. اڪثر ڪورين سب وي زمين جي هيٺ هلنديون آهن. مون زمين کان هيٺ ڇهين فلور تائين بہ سب وي ۾ سفر ڪيو. سيئول سب وي نھايت صاف سٿري ۽ منظم آهي. منھنجو هڪ پروفيسر ’ايڊم ٽرنر‘ جيڪو فرانس جو هو، پر ڪينيڊا ۾ رهندو هو، اڪثر چوندو هو تہ سئيول سب وي جھڙي صاف ۽ منظم سب وي مان ڪٿي بہ ڪونہ ڏٺي آهي. ان کان سواءِ مان ڪڏھن بہ نہ ڏٺو تہ ڪا سب وي ڪڏھن دير سان اچي.
سب وي ۾ اڪثر ڪورين خاموش هوندا هئا، جڏهن تہ پرڏيھي گهڻو گوڙ ڪندا هئا. سب وي ۾ بزرگن ۽ حاملہ عورتن جون سيٽون مقرر هونديون هيون، جتي ٻئي ڪنھن کي بہ ويھڻ جي اجازت نہ هوندي هئي. ھر سب وي ۾ سينٽرل ھيٽنگ ۽ ڪولنگ سسٽم ھوندو ھو. سب وي جا دروازا آٽوميٽڪ ھئا. ڪورين سب وي سسٽم ۾ سيئول سب وي کان وٺي تيز رفتار ڪوريا ٽرين ايڪسپريس (KTX)، آئي ٽي ايڪس (ITX)، سيميول (Saemaeul) ۽ مگنگهوا (Mugunghwa) ٽرينون پڻ شامل هيون.
شروع جي ڏينھن ۾ مون کي سيد صابر شاھ بخاري چيو تہ، ”سب وي ۾ گهمڻ اچئي ٿو؟“
مون چيو تہ، ”نہ.“
چيائين، ”پھرين فرصت ۾ سب وي سسٽم کي گهمي ۽ سمجهہي اچ.“ مان پھرين فرصت ۾ آچر تي يونيورسٽيءَ جي پھرين شٽل ورتي، جيڪا صبح جو 55. 9 ڌاري تي ڊارميٽري مان نڪرندي هئي ۽ 10 لڳي 10 منٽن تي ھندي آپ HANDEAP سب وي اسٽيشن پھچندي هئي. مان ٽي مني ڪارڊ وٺي 10.20 وڳي واري سب وي ورتم. مان سڄو ڏينھن تقريبن سئيول سب وي جون نَو ئي لائينون گهميون. هڪ سب وي لائن تي تقريبن پنجاھ اسٽيشنون هونديون آهن ۽ تقريبن هر پنجين اسٽيشن تي انٽر چينج هوندو هو. انٽر چينج تي ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ سب وي ملنديون هيون، جيئن ماڻھو هڪ سب وي کان ٻِي سب وي ۾ چڙھي سگهن. هون تہ هر سب وي اسٽيشن تي ڪنوينييَنٽ اسٽور ۽ ڪافي شاپ هوندا هئا، پر انٽر چينج تي کوڙ سارا شاپنگ اسٽور ۽ ريسٽورينٽ هوندا هئا. مان تقريبن هر وڏي انٽر چينج تي لھي سب وي اسٽيشنون گهمندو رهيس، گڏوگڏ ريفريشمينٽ بہ ڪندو رهيس ۽ ڪافي بہ پيئندو رهيس. مان تقريبن ڏھہ ڪلاڪ سئيول سب وي ۾ گمھي رات جو 8.30 وڳي اسٽيشن تي ڪارڊ پنچ ڪيو تہ مشين هڪ عذر ڏنو. مان وري ڪارڊ پنچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ساڳيو عذر آيو. مون کي پريشاني وڪوڙي وئي، مون کي سمجهہہ ۾ نہ پئي آيو تہ ڇا ڪجي! ايتري ۾ هڪ ڪورين مون کي چيو تہ، ”سامھون هيلپ جو بٽڻ آهي، ان کي پريس ڪيو تہ ڪو نہ ڪو توهان جي مدد لاءِ اچي ويندو.“ مان ائين ڪيو تہ سب وي اسٽيشن آفيس مان هڪڙو ماڻھو نڪري مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ، ”ڇا مسئلو آهي؟“
چيومانس، ”ڪارڊ پنچ نٿو ٿئي.“ هن عذر نوٽ ڪيو ۽ منھنجو ڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي آفيس ۾ اندر هليو ويو. ڪجهہ دير کان پوءِ هُو واپس آيو تہ هن سان گڏ هڪ پوليس وارو بہ هو. مون جڏهن انھن کي ڏٺو تہ گهٻرائجي ويس. انھن مون کي ٽُٽل ڦُٽل انگريزيءَ ۾ پڇيو تہ، ”تون صبح ڏھين بجي هتان ئي سب وي ۾ چڙھيو هئين ۽ هينئر هِتان ئي نڪرين پيو، تون ڏھ ڪلاڪ ڪٿي هئين ۽ ڇا پيو ڪرين؟“
مان ھنن کي سب وي سسٽم گهمڻ بابت سمجهہائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھنن کي سمجهہ ۾ نٿي آيو تہ اھا بہ ڪا گهمڻ جي شئي آھي؟ ھنن جي لاءِ تہ سب وي سسٽم گهمڻ جي جاءِ نہ ھئي، پر اسان لاءِ تہ نئين شئي ھئي. بھرحال ھنن مون کي وارننگ ڏني تہ اڳتي ائين نہ ٿئي نہ تہ توکي ملڪ بدر ڪيو ويندو.