سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا جا مشھور شھر

سيئول (Seoul)
سيئول، ڪوريا جو وڏو ۽ اوڀر ايشيا ۾ ھڪ اھم سير و تفريح (ٽوئرزم) وارو شھر آهي. اڪثر سياح ايئرپورٽ تان سَب وَي ذريعي سيئول ايندا آهن ۽ اهي رهڻ لاءِ مرڪزي سيئول يا گنگنم ويندا آهن. سيئول اسٽيشن سيئول شھر جو گيٽ وي آهي ۽ ڪوريا ۾ ھتي ئي سڀ کان وڌيڪ مسافر ايندا آهن. سيئول اسٽيشن عام سب وي کان وٺي تيز رفتار ڪوريا ٽرين ايڪسپريس (KTX) لاءِ هڪ اهم ٽرين اسٽيشن آهي، جتان ٽرينون ’جيونجو‘ (Jeonju)، ’بوسان‘ (Busan)، ’گنگنيونگ‘(Gangneung) ۽ ڪوريا جي ٻين مشھور شھرن ۽ حصن ڏانھن وڃن ٿيون. KTX کان علاوہ سيئول اسٽيشن تان آئي ٽي ايڪس (ITX)، سيميول (Saemaeul) ۽ مگنگهوا (Mugunghwa) ٽرينون پڻ هلن ٿيون. سيئول اسٽيشن سيئول سب وي لائينز نمبر 1 ۽ 4 سان بہ ڳنڍيل آھي، جيڪي گيونگي صوبي ۽ جنگانگ وينديون آھن. سيئول ڏانھن ويندڙن لاءِ ايئرپورٽ ريلوي ايڪسپريس ٽرين (ARX) انچئن ايئرپورٽ ۽ سيئول اسٽيشن وچ ۾ هلندي آهي.
سيئول اسٽيشن ھڪ شاھڪار آھي. اسٽيشن جي بلڊنگ نھايت ئي خوبصورت ۽ وڏي آھي. اتي مختلف شاپنگ مالز، ريسٽورنٽز ۽ ڪافي شاپس موجود آھن. سيئول اسٽيشن سان گڏوگڏ ’لوٽي مارٽ‘ پڻ آھي. سيئول اسٽيشن جي ڀرسان سيئولو آھي، جيڪو ھڪ پل وانگر آھي، جنھن ۾ مٿي باغ ۽ واڪنگ ٽريڪ آھي. اسٽيشن جي ويجهو سيلوئم سونا جمجيبانگ (ڪورين روايتي اسپا) بہ آھي.
سيئول ڪوريا جي اتر اولھہ ۾ آهي. سيئول جو ايريا 605.25 اسڪوائر ڪلوميٽر آھي. سيئول جو ريڊيس تقريبن 15 ڪلوميٽر آھي. سيئول شھر کي ھان درياءُ ٻن حصن (اتر ۽ ڏکڻ) ۾ ورھائي ٿو. سيئول جي چوڌاري ھڪ قلعي وانگر ديوار ھوندي ھئي، جنھن جا آثار ۽ ڪجهہ حصا اڃان تائين اتي موجود آھن. اھا ديوار چار مکيہ جبلن تي ٺھيل آھي: نمسان، نڪسان، بڪھنسان ۽ انوانگسان. ڪورين ٻوليءَ ۾ جبل کي ’سان‘ چئبو آھي. سيئول 25 ضلعن ۾ ورهايل آھي. انھن ضلعن مان ’سونگپا‘ ۾ گهڻا ماڻھو رھندا آھن، جڏھن تہ ’سيوچو‘ ايريا جي لحاظ کان وڏو علائقو آھي.
ھونئن تہ ھر ضلعي جي پنھنجي پنھنجي اھميت آھي، پر جونگنو ۽ گنگنم ضلعن کي خاص اھميت حاصل آھي. جونگنو، ھان دريا جي اتر ۾ ۽ گنگنم ڏکڻ ۾ آھي. جونگنو ضلعو عام طور ڪوريا جي منھن ۽ دل جي طور سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ ان جو سرمائيداري، سياست، اقتصاديات، ثقافت ۽ تاريخ ۾ اهم ڪردار آهي. ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي موجوده رهائش ’چنيگواڊي‘ ۾ آھي، جيڪا پڻ جونگنو ضلعي ۾ واقع آهي. گنگنم ضلعو سيئول جي 25 ضلعن مان هڪ آهي. گنگنم جي لفظي معنيٰ ’درياھہ جو ڏکڻ‘ آهي. گنگنم ضلعو سيئول ۾ ٽيون نمبر وڏو ضلعو آهي. گنگنم پنھنجي جديد اڏاوت، اسڪائي اسڪريپرز، جديد طرزِ زندگي ۽ ڪلبز وغيرہ جي حوالي کان سڃاتو وڃي ٿو.
شھر کي هڪ نظر ۾ ڏسڻ جو بھترين طريقو ’سيئول سٽي ٽوئر بس‘ آهي. مان پڻ پھريون ڀيرو بس ذريعي سيئول جو ٽوئر ڪيو ھو. مون ٽوئر کان پھريون شھر بابت تمام گهڻو پڙهيو ۽ پوءِ فيصلو ڪيو تہ پھريون ڀيرو شھر جو ٽوئر بس تي ئي ڪريان تہ جيئن مان سيئول کي سمجهي سگهان. سيئول سٽي ٽوئر بس جا ٻہ ٽوئر اھم آھن. پھرئين ٽوئر جو نالو ’ڊائون ٽائون نمسان ڪورس‘ آھي. ھن ٽوئر جي ٽڪيٽ 18 هزار وون آھي. ٻيو ٽوئر ’گنگنم‘ جو ھو، جنھن جو ٻيو نالو ’ارائونڊ گنگنم ڪورس‘ بہ آھي، ھن ٽوئر جي ٽڪيٽ 15 هزار وون آھي.
سيئول ۾ گهمڻ ڦرڻ جون سوين جايون آھن، پر اڪثر سياح گهمڻ ڦرڻ جي شروعات سيئول ۾ واقع محلات سان ڪن ٿا. اسان بہ شروعات ھان دريا جي اتر ۽ سڀ کان پھريان محل کان ڪريون ٿا.

گيونگبوڪگنگ محل (Gyeongbokgung Palace)
سيئول، محلات سان ڀريل آهي. انھن محلاتن ۾ بادشاھ رهندا ۽ ڪم ڪندا هئا. سيئول جا پنج مشھور ۽ وڏا محلات ھي آھن:
1. گيونگ بوڪگنگ محل Gyeongbokgung
2. چانگڊيوڪگنگ محل Changdeokgung
3. گيونگهئيگنگ محل Gyeonghuigung
4. ڊيوڪسوگنگ محل Deoksugung
5. چنگيونگگنگ محل Changgyeonggung
اھي محلَ اسان کي ڏسڻ ۾ ھڪ ئي جھڙا لڳن ٿا، تنھن ڪري مان صرف مکيہ محل (گيونگ بوڪ گنگ محل) جو ذڪر ڪندو ھلان.
گيونگ بوڪگنگ محل، جوسن خاندان جو بنيادي شاهي محل هو. اھو محل 1395ع ۾ ٺھيو. گيونگ بوڪ گنگ محل اتر سيئول ۾ واقع آهي. اھو محل جوسن خاندان جي تعمير ڪيل پنجن وڏن محلن مان سڀ کان وڏو محل آھي. ھي محل جوسن خاندان جي بادشاهن جي رھائش ۽ حڪومت طور استعمال ڪيو ويندو ھو.
گيونگ بوڪگنگ محل ڪوريا ۾ سڀ کان وڏو سياحتي مقام آهي. محل سان گڏوگڏ گيونگ بوڪگنگ سَب وَي اسٽيشن بہ آھي. محل ۾ داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ 3 هزار وون آھي. ھي محل ھميشہ ڪورين ۽ پرڏيھن سان ڀريل ھوندو آهي. ماڻھو ھانبڪ (ڪورين روايتي لباس) پائي محل ۾ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ ايندا آھن. جڏهن منھنجو ڪو بہ سنگتي ڪوريا ايندو هو، تہ مان انھن کي عام طور سڀ کان پھريان محل گهمائڻ لاءِ وٺي ويندو ھيم.
محل ھيٺين ريت ترتيب ڏنل آھي:
گيونگ بوڪ گنگ جا مين گيٽ
• مکيہ ۽ ڏکڻ گيٽ (گوانگيمون)
• ٻيون اندروني گيٽ (هينگنيمون)
• ٽيون اندروني گيٽ
• اتر گيٽ (سينمومون)
• اولھ گيٽ (جيونچومون)
• اوڀر گيٽ (يوگنچومون)
ياد رھي تہ ڪورين ٻولي ۾ ’مون‘ دروازي يا گيٽ کي چئبو آھي.

ٻاھريون ڪورٽ
ھن ۾ بادشاہ جو دربار آفيس، وزيرن جو آفيسون ۽ ٽيون اندروني گيٽ آھي.

اندروني ڪورٽ
ھن ۾ بادشاہن ۽ راڻين جا ڪمرا آھن.

تاج پوش بادشاہ جو محل
ھن ۾ تاج پوش بادشاہ ۽ راڻي جا ڪمرا آھن.
• ھال
• پُلون

چيونگوادي - بليو هائوس (Blue House)
چيونگوادي ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي سرڪاري رهائشگاھہ آهي. چيونگوادي گيونگ بوڪگنگ محل جي بلڪل پويان آھي. رهائشگاھہ ۾ عام طرح وڃڻ جي اجازت ڪونھي. ان ڪري توهان کي چيونگوادي جي ٽوئر لاءِ اڳ ۾ ريزرويشن ڪرائڻي پوندي.
گيونگ بوڪگنگ محل جي آس پاس وارين جڳھين ۾ بادشاھہ سيجونگ جو مجسمو، چيونگيڇن (CHEONGGYECHEON)، سيئول سٽي ھال ۽ لائبريري شامل آھن. سيجونگ ڪوريا جي جوسن خاندان جو چوٿون بادشاھ هو. بادشاھہ سيجونگ ڪورين لکڻ جو نظام (هنگل) ٺاهڻ لاءِ مشھور آهي. سيجونگ يادگار گيونگ بوڪ گنگ محل جي مين گيٽ وٽ ٺھيل آھي.

چيونگيڇن (Cheonggyecheon)
چيونگيڇن، سيئول ۾ خوبصورت ترين جڳھين مان ھڪ آھي. اھو پاڻيءَ جو ڦوھارو آھي، جيڪو ھڪ ندي ٿي وھي ٿو. چيونگيڇن تقريبن 11 ڪلوميٽر ڊگهو وهڪرو آهي، جيڪو سيئول شھر کان هيٺ وهي ٿو. نديءَ جي ٻنھي پاسي واڪنگ ٽريڪ آھن. نديءَ ۾ مڇيون بہ آھن، پر ڪوبہ انھن سان حرڪت نہ ڪندو آھي. ھن نديءَ جو ڇوڙ ھان درياءَ ۾ ٿئي ٿو. ھتي ماڻھو وڏي تعداد ۾ اچي سڪون وٺندا آھن. ھي پريمي جوڙن جي ويھڻ جو ھڪ خاص ھنڌ آھي.

سيئول سٽي ھال (Seoul City Hall)
سيئول سٽي هال، شھر جي هڪ سرڪاري عمارت آهي، جنھن ۾ سيئول جا انتظامي مامرا ڏٺا ويندا آھن. سيئول سٽي هال شھر جي دل ۾ واقع آهي. اهو ھال سيئول سب وي لائين نمبر 1 سان ڳنڍيل آهي. سٽي هال جي سامھون ھڪ پراڻو هال بہ آهي، جنھن کي هاڻ ’سيئول ميٽروپوليٽن لائبريري‘ ۽ ’سيئول پلازا‘ سڏيو ويندو آھي.

بڪچن ھنوڪ وليج/ڳوٺ (Bukchon Hanok Village)
ھنوڪ ڪوريا جي روايتي گهرن کي چيو ويندو آهي. بڪچن ھنوڪ ڳوٺ ۾ ڪنھن دور ۾ جوسن خاندان رهندو هو. ھي ھڪ ڳوٺ وانگر آھي، جنھن ۾ ڪورينز جا روايتي گهر ۽ روڊ رستا ڏسڻ وٽان آھن. ڪجهہ ھنوڪ اڃان تائين مقامي ماڻھن جي ملڪيت آهن، جڏهن تہ گهڻا ھنوڪ ھاڻي گيلريز، ريسٽورنٽ ۽ ڪيفي ۾ تبديل ٿي ويا آھن.

ايتيوان (Itaewon)
ايتيوان، سيئول جو تمام مشھور علائقو آھي. ايتيوان سب وي لائين جي ڇھين نمبر تي ايندو آهي. ايتيوان ۾ تقريبن 22 هزار پرڏيھي رهن ٿا، جنھن ۾ گهڻو ڪري U.S ملٽري جا ماڻھو آهن. ان کان علاوہ وڏي تعداد ۾ سياح (ٽوئرسٽز) بہ هن علائقي ۾ ايندا آهن. ايتيوان ڊسٽرڪٽ کي سيئول جو انٽرنيشنل ڊسٽرڪٽ بہ چئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ ھتي وڌ کان وڌ پرڏيھي رهندا آهن.
ايتيوان ۾ سيئول جي واحد مسجد موجود آهي، جنھن کي ’سينٽرل سيئول مسجد‘ چيو ويندو آهي. اها مسجد ڪورين گورنمينٽ پنجويھہ يا ٽيھہ سال پھرين ٺهرائي هئي. ڪوريا ۾ ڪورين مسلمان تہ گهٽ پر ترڪش مسلمان گهڻا ھئا، جيڪي گهڻو اڳ هتي آيا هئا ۽ انھن کي ئي ڪورين گورنمينٽ مسجد ٺهرائي ڏني هئي. اڄ تائين بہ ڪوريا ۾ ترڪش مسلمان تمام گهڻا آهن. انھن کان علاوہ ھاڻي انڊونيشين، ملائيشين، پاڪستاني، انڊين ۽ بنگالي مسلمان بہ آھن.
ايتيوان ۾ بي انتھا هوٽلز، ريسٽورنٽز، دڪان، شاپنگ مالز، ڪلبز ۽ بارز موجود آهن. سڀني کان مشھور هوٽل ’ھملٽن‘ آھي، جتي اڪثر پرڏيھي رهن ٿا. ريسٽورنٽز ۾ ڪورين ۽ آمريڪي ريسٽورنٽز شامل آھن. جڏھن تہ حلال ريسٽورنٽز ۾ بہ ڪورين، ترڪش، انڊين، پاڪستاني، عربي، ايراني ۽ ملائيشين ريسٽورنٽز شامل آھن، جن جو ذڪر مان ڪوريا ۾ حلال ريسٽورنٽز ۾ ڪري آيو آھيان. ايتيوان ۾ ڪورين حلال ريسٽورنٽ بہ گهڻا هئا، جنھن ۾ ڪورين مسلمان يا پرڏيھہ کان آيل مسلمان بہ ڪورين کاڌا کائي سگهن ٿا. انھن ۾ چڪن، مٽن ۽ بيف حلال هوندو هو ۽ انھن هوٽلن ۾ شراب تي بہ پابندي هوندي هئي. حلال ريسٽورنٽز کي ’ڪورين مسلم فيڊريشن‘ ڪنٽرول ڪندي ھئي.
ان کان علاوہ اتي مختلف ڊپارٽمينٽل اسٽورز، جنھن ۾ پاڪستاني، بنگلاديشي، انڊين اسٽورز هئا جھڙوڪ:
• نيشنل مارٽ (پاڪستاني)
• فارينرز مارٽ (بنگلاديشي)
انھن ڊپارٽمينٽل اسٽورن تي هر شئي جيئن تہ سوپاري کان چانھہ جي پتيءَ تائين موجود آھي. اسان جي پٺاڻ دوستن کي نسوار بہ اتان ئي ملي ويندي ھئي. مطلب تہ هر پاڪستاني آئٽم انھن اسٽورن تي موجود هو، پر انھن جي قيمت تمام گهڻي هوندي هئي.
ايتيوان ۾ هڪڙو ’البرقا‘ جي نالي سان حلال گوشت جو دڪان هوندو هو، جيڪو تازو چڪن، مٽن ۽ بيف وڪرو ڪندو هو. ٻين دڪانن تي گوشت فرج ۾ فريز ٿيل ملندو هو. ان کان علاوہ شاپنگ مالز بہ ايتيوان ۾ تمام گهڻا هئا، جن ۾ هر سائز جا ڪپڙا ملندا هئا. هونئن ڪوريئن پاڻ تہ ايترا ٿلھا ۽ قدآور نہ هئا، پر جيڪي آمريڪي ٿلھا ماڻھو هئا، انھن لاءِ اسپيشل دڪان هئا، جن کي ’بگ سائز شاپ‘ سڏيو ويندو هو.
ڪوريا ۾ وڌ کان وڌ بارز يا ڪلبز، ايتيوان شھر ۾ هئا ۽ ريڊ ايريا بہ اتي ئي هو. ايتيوان ۾ هونئن تہ سڄو ڏينھن رش هوندي هئي، پر خاص طور شام جو ڇھين يا ستين وڳي کان پوءِ تہ تمام گهڻي رش وڌي ويندي هئي. سوَن جي تعداد ۾ ڪورين ۽ پرڏيھي ماڻھو هوٽلن تي ماني کائڻ، شاپنگ ڪرڻ ۽ پارٽيز اٽينڊ ڪرڻ ايندا هئا. ڪورين ۽ پرڏيھي تقريبن سڄي رات بارز يا ڪلبز ۾ گذاريندا ھئا ۽ صبح جي پھرين سب وي ۾ گهر ويندا ھئا، جيڪا پنجين وڳي ھلندي ھئي.
اڪثر ملڪن جا سفارتخانا (ايمبيسيز) بہ ايتيوان ۾ آھن. پاڪستان جو سفارتخانو بہ ايتيوان ۾ آھي.

نمسان سيئول ٽاور (Namsan Seoul Tower)
نمسان سيئول ٽاور، ڪوريا جو پھريون سياحتي مقام هو. ٽاور جي چوٽي سمنڊ جي سطح کان تقريبن 480 ميٽر مٿي آهي، جنھن ۾ نمسان جبل (243.3 ميٽر) ۽ ٽاور جي پنھنجي اونچائي (236.7 ميٽر) آهي. نمسان سيئول ٽاور، ايشيا جي بلند ترين ٽاورز مان هڪ آهي. اتان اتر ڪوريا جو بارڊر پڻ نظر ايندو آھي. هي ٽاور، تازو 40 سالن کان پوءِ عوام جي رسائيءَ لاءِ کوليو ويو آهي. هاڻي اهو سيئول جي نمائندگي ڪندڙ ۽ ثقافتي هنڌن مان هڪ ٿي چڪو آهي. ٽاور ۾ مٿي وڃڻ جي ٽڪيٽ 11 هزار وون آھي. ٽاور ڪورين ۽ پرڏيھن سان ڀريل ھوندو آهي ۽ اھو ٽاور عاشقن لاءِ خاص مقام آھي. ھُو اتي اچي گڏ رھڻ جا وعدا ڪن ٿا ۽ ٽاور وٽ تالو ھڻين چاٻي ھيٺ اڇلائن ٿا.

دونگديمون ڊيزائن پلازا (Dongdaemun Design Plaza)
دونگديمون ڊيزائن پلازا (ڊي ڊي پي) ڪورين ڊيزائن انڊسٽري جي نئين ۽ سڀ کان مشھور بلڊنگ آهي. ڊي ڊي پي دونگديمون ايريا جي مرڪز ۾ واقع آهي. ڊي ڊي پي ۾ انٽري مفت آھي. ڊي ڊي پي ڊزائن شوز، ڪانفرنسز، نمائش، ٻين واقعن ۽ گڏجاڻين جي اهم جڳھہ جي حيثيت سان ڪم ڪندو آھي. ڊي ڊي پي دنيا جي نامياري معمار زاها حديد پاران ترتيب ڏنل آھي. ڊي پي پنجن هالن تي مشتمل آهي:
1. آرٽ هال
2. ميوزيم
3. ڊيزائن ليب
4. ڊيزائن مارڪيٽ
5. دونگديمون هسٽري ۽ ڪلچر پارڪ

وار ميموريل ڪوريا (War Memorial Korea)
وار ميموريل ڪوريا، سيئول جي يونگسان ضلعي ۾ آھي. اهو ڪوريا جي فوجي تاريخ کي نمائش ۽ ياد رکڻ لاءِ 1994ع ۾ کوليو ويو. اهو ڪورين جنگ مان سبق حاصل ڪرڻ، اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جي پرامن اتحاد جي اميد ۽ جنگن کي روڪڻ جي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو هو. ھن ميموريل ۾ 6 انڊور (Indoor) نمائش وارا ڪمرا ۽ هڪ ٻاهرين نمائش جو مرڪز آهي. ھن ۾ چين، ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جون جنگي يادگارون ۽ فوجي سامان ڏيکاريل آھن. ميموريل ۾ انٽري مفت آھي.

نيشنل ميوزيم ڪوريا (National Mueseum Korea)
نيشنل ميوزيم، ڪوريا جي تاريخ ۽ آرٽ جو ميوزيم آهي. ھي ميوزيم 1945ع ۾ پنھنجي قيام کان وٺي آرڪيالاجي، تاريخ ۽ آرٽ جي شعبن ۾ مختلف پڙهائي ۽ تحقيقاتي سرگرمين جي لاءِ وقف ڪيو ويو آهي. انھيءَ سان گڏوگڏ مختلف قسم جي نمائش ۽ تعليم جي پروگرامن لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي. ميموريل ۾ انٽري مفت آھي.