سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڊارميٽري (Dormitory)

عبدالڪريم شاھہ )اي ڪي( پنھنجي ليبارٽري لاءِ نڪرڻ کان اڳ مون کي چئي ويو هو، تہ تون في الحال آرام ڪر. ھُو منجهند 12 وڳي ڪمري تي ايندو، تيسين تائين اٿي تيار ٿجانءِ. اهو ڇنڇر جو ڏينھن هو، آئون صبح 11 وڳي اٿيس، شاور ورتم ۽ تيار ٿي ويس. اي ڪي ۽ فارميسي تقريبن 12:00 وڳي ڪمري تي آيا. پھريان اسين ڊارميٽري آفيس وياسين ۽ منھنجي ڪمري بابت پڇوسين. مون کي ڊارميٽري آفيس جي عملدار پاران ٻڌايو ويو تہ منھنجو ڪمرو نمبر 254 آهي ۽ محمد عمير خان عرف دادا منھنجو روم ميٽ آهي. انھن مون کي چيو تہ ڪمري جو پاسوَرڊ PASSWORD حاصل ڪرڻ لاءِ دادا سان رابطو ڪريو ۽ گڏوگڏ جلدازجلد ٽي بي ٽيسٽ جي رپورٽ بہ جمع ڪرايو. ڊارميٽري ۾ رھڻ لاءِ ھر سيمسٽر ۾ ٽي بي ٽيسٽ جي رپورٽ جمع ڪرائڻي پوندي ھئي، جيڪڏھن ڪنھن کي ٽي بي ھوندي تہ ان کي ڊارميٽري ۾ رھڻ نہ ڏنو ويندو ھو. جيئن ئي اسان ڊارميٽري آفيس ڇڏي، اي ڪي ۽ فارميسي ٽھڪن ۾ ٻڏي ويا. پڇيومان تہ، ”ڇو؟“
هنن چيو تہ، ”تون جلدي ڄاڻي ويندين.“
جيئن اسان ناشتي لاءِ مسلم ڪچن ۾ داخل ٿياسين تہ اي ڪي ۽ فارميسي سڀني کي ٻڌائڻ شروع ڪيو تہ دادا منھنجو روم ميٽ آهي. بس پو ءِ ڇا... اها ڳالھہ ٻڌي هر ڪو ٽھڪ پيو ڏي. جڏهن مون وري پڇيو، ”ڇو؟“ تہ مون کي ٻڌايو ويو تہ، ”دادا سان گڏ رهڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي. هُو تنھن جو پاسپورٽ ڦاڙي ڇڏيندو ۽ پئسا چوري ڪندو. تنھن ڪري توکي جلد از جلد پنھنجو ڪمرو بدلائڻ گهرجي.“ پر مون پنھنجو ذهن تبديل نہ ڪيو ۽ دادا سان رهڻ جو عزم ڪيو. ناشتي کان پوءِ، اي ڪي ۽ فارميسي مون کي ھَندي آپ HANDEAP ويجهو شاپنگ مال ھلڻ لاءِ چيو، جتي انھن کي ڪجهہ خريداري ڪرڻي هئي. ھَندي آپ اسان جي يونيورسٽيءَ جي ويجهو واري سب وي اسٽيشن جو نالو ھو. جنھن کي انگريزيءَ ۾ HANYANG UNIVERSITY AT ANSAN بہ سڏيندا ھئا. اسان ھَندي آپ وڃڻ لاءِ يونيورسٽي شٽل ورتي. اها ڊائيوو DAEWOO ڪمپنيءَ جي بس هئي ۽ شاگردن لاءِ مفت هلندي ھئي. مان اهو سوچي رهيو هيس تہ هتي شٽل بس بہ ڊائيوو جي آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ اڪثر يونيورسٽين ۾ شاگردن جي بسن جي حالت ڪھڙي آهي؟ اي ڪي ۽ فارميسي مون کي صلاح ڏني تہ غسل خاني لاءِ باسڪٽ خريد ڪريان جنھن ۾ ٽوٿ برش، ٽوٿ پيسٽ، صابڻ ۽ شيمپو هجڻ گهرجن. سامان خريد ڪرڻ بعد اسان ٻيھر ڊارميٽري ۾ آياسين ۽ ڪمري جي پاسوَرڊ لاءِ دادا سان رابطو ڪيو. دادا هڪ سٺو ماڻھو لڳو، پر هن جو ڪمرو ڏاڍو گدلو ۽ بدبودار هو. هن مون کي ڪمري جو پاسورڊ ٻڌايو ۽ ڪجهہ دير کان پوءِ مان، اي ڪي ۽ فارميسي ڪمري ۾ سامان منتقل ڪيو. ھتي اھو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهہان تہ ڪوريا ۾ منھنجي ٽن سالن دوران مون وٽ ڪڏهن بہ ڪا چاٻي نہ ھئي، ڪمرو ھجي يا گهر، ليب ھجي يا سائيڪل، ھر شئي پاسوَرڊ تي کلندي ھئي. باقي ڊارميٽري ۽ ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگز يونيورسٽي ڪارڊ سان کُلنديون ھيون. دادا سان رھڻ دوران مان ھميشہ پريشان رھيس. مان ٻاھر ويندي بلڪ سمھندي بہ پنھنجو پاسپورٽ کيسي ۾ رکندو هئس تہ جيئن دادا گم نہ ڪري ڇڏي يا ڦاڙي نہ ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ ڪنھن مون کي ٻڌايو هو تہ پئسن جي اهميت ناهي، پر جيڪڏهن دادا تنھنجو پاسپورٽ چوري ڪيو يا ڦاڙي ڇڏيو تہ تون تباھہ ٿي ويندين. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ هڪ واقعو ٿيو. دادا مون تي الزام مڙهيو تہ مون ڪمري جو پاسوَرڊ اي ڪي کي ڏنو آ ۽ ھن اسان جي ڪمري ۾ داخل ٿي دادا جي اهم سامان ۽ ريسرچ ڊيٽا جو جائزو ورتو آھي. تنھن ڪري مون ڊارميٽري مينيجر کي شڪايت ڪئي ۽ کيس چيو تہ، ”مون کي ٻئي ڪمري ۾ شفٽ ڪريو.“ ساڳئي ڏينھن مون کي هڪ ڪورين سان گڏ ٻيو ڪمرو ڏنو ويو. ڪيمپس ۾ گهڻو وقت گذارڻ بعد مون کي اهو محسوس ٿيو تہ دادا برو نہ ھو پر اھو اهڙو ماحول ٺاهيندو هو تہ جيئن هُو اڪيلو رهي سگهي. ھن سان ڪيمپس ۾ ڪجهہ اھڙا مسئلا ٿيا ھئا، جنھن ڪري ھُو ماڻھن کان لوائيندو ھو. ڊارميٽري ۾ رهڻ دوران منھنجا روم ميٽ ھي رھيا:
• پھريون سيمسٽر: ھڪ ڪورين
• ٻيون سيمسٽر: ڊاڪٽر اويس
• ٽيون ۽ چوٿون سيمسٽر: مان پنھنجي فيملي سان هڪ گهر ۾ رهيس
• پنجون سيمسٽر: اعجاز علي بهر
• ڇهون سيمسٽر: محمد عمران

ڪيمپس ۾ ٽي ڊارميٽريون ھيون. ڊارميٽري 1 ۽ 2 گهڻو ڪري ڪورين شاگردن (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) لاءِ هئي. ڊارميٽري 3 هڪ يو U شڪل واري عمارت هئي، جيڪا 5 منزلن تي مشتمل آهي. ڪوريا ۾ گرائونڊ فلور کي پھرين منزل طور سڃاتو وڃي ٿو. پھرين منزل پوسٽ پي ايچ ڊيز لاءِ ھئي، جنھن جي ڪمرن ۾ غسلخانا ھئا. انھن کان علاوہ پھرين منزل تي ڊارميٽري مينيجر جي آفيس، ٽي وي هال، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ سڪائڻ واري مشينن جو ڪمرو، استري جو ڪمرو ۽ پرنٽنگ مشين هئي. سڀ مشينون 500 وون جي سڪي تي ھلنديون ھيون، پرنٽنگ مشين کان وٺي ڪپڙا ڌوئڻ ۽ سڪائڻ واري مشين تائين... ڊارميٽري 3 جو بقايا حصو پاڪستاني ۽ چيني شاگردن لاءِ هيو. ٻين ۽ ٽين منزل جو کاٻو پاسو پاڪستاني شاگردن لاءِ ۽ باقي عمارت اڪثر ڪري چيني شاگردن جي لاءِ هئي. هر ڪمري ۾ ٻہ بيڊ، ٻہ الميرا، 2 ٽيبلون ۽ ڪرسي سيٽ، 2 بريڪٽ فين، سينٽرلي ڪنٽرولڊ هيٽنگ ۽ ڪولنگ سسٽم، هڪ ڊسٽبن ۽ ھڪ ننڍو لائوڊ اسپيڪر جيڪو عام طور اهم اعلانن لاءِ استعمال ٿيندو هو. ٻي منزل تي مسلم شاگردن لاءِ مسجد ھئي. ٻين ۽ ٽين منزل تي اسان لاءِ خاص شاور روم هئا. مان خاص شاور روم ڇو چئي رهيو آهيان؟ اهو انھي ڪري ڇو تہ اسان جي شاور روم ۾ پردا لڳل هئا، جڏهن تہ ڪورين ۽ چيني شاور رومن ۾ دروازا يا پردا نہ هوندا آهن. ڪوريا ۾ ساڳي صنف جا ماڻھو بغير پردي جي غسل ڪندا آھن. اسان جي مذهب ۽ ثقافت جي ڪري، انتظاميا اسان جي شاور روم جي ٻاهران پردا نصب ڪيا ھيا. ٻيو تہ اسان جا ٽوائلٽ بہ ٻين کان بہ مختلف هئا ڇاڪاڻ تہ اسان لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ ڪموڊن ۾ BIDET لڳل هئا. جڏھن تہ ڪورين ۽ چيني گهڻو ڪري ٽشو پيپر استعمال ڪندا هئا.
ڊارميٽري نمبر 1 ۽ 2 ۾ ريسٽورنٽز، ڪينٽين، جم، اي ٽي ايم مشين، شاپنگ اسٽور جھڙوڪ 25GS ۽ SEVEN ELEVEN ھئا. 25GS ۽ SEVEN ELEVEN شاپنگ اسٽور توهان کي ڪوريا ۾ هر هنڌ ملندا ۽ ان تي پاڻي، جوس، ڪولڊ ڊرنڪ، فروٽ ۽ روزمرہ جي استعمال جي هر ضروري شئي ملندي ھئي. جڏھن تہ ڊارميٽري 3 ۾ اھڙيون سھولتون موجود نہ هيون. مسلمان شاگردن (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) لاءِ جيڪي ڪوريا يا چيني کاڌو نٿا کائي سگهن، هڪ هال ڏنو ويو ھو جنھن کي مسلم ڪچن چيو ويندو هو. ڊارميٽري ڀرسان سائيڪلن لاءِ وڏي پارڪنگ جي جاءِ، باسڪيٽ بال جو ميدان ۽ فٽ بال جو ميدان پڻ ھو، جنھن ۾ اسين عام طور ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين.