سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

مسلم ڪِچن

مسلمان شاگردن (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) کي جيڪي ڪورين يا چيني کاڌو نٿا کائي سگهن، مسلم ڪِچن ڏنو ويو ھو. جتي ھُو حلال کاڌا پچائي کائي سگهن. ڪِچن جي ايراضي تقريبن 1000 اسڪوائر فٽ هئي. ڪِچن ۾ تقريبن 100 پاڪستاني ميمبر ھئا. ٻين ملڪن جھڙوڪ انڊيا، بنگلاديش، ايران، ملائيشيا، انڊونيشيا، مصر ۽ ازبڪستان جا ڪجهہ ماڻھو بہ ڪِچن جا ميمبر ھئا. جيتوڻيڪ اهو هڪ هال هو پر اهو ٻن حصن تي مشتمل ھيو. ھڪڙي حصي کي پچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو ھو. ان ۾ اسٽوو يا چلھو، اوون، برتن رکڻ جي جاءِ ۽ مصالحا رکڻ جي لاءِ جاءِ ھئي. جڏهن تہ ٻيون حصو ريفريجريٽر ۽ ويھڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو ھو. ڪِچن ۾ تقريبن 50 ماڻھن جي ويھڻ جو انتظام هو ۽ ڪِچن کان ٻاهر ھڪ ھال ۾ تقريبن 100 ماڻھن جي ويھڻ جو انتظام هو.
يونيورسٽي انتظاميه جي طرفان ڪِچن جو سمورو فرنيچر جھڙوڪ ٽيبل ۽ ڪرسيون، ريفريجريٽر، اسٽوو ۽ اوون ۽ هڪ ٽيليويزن فراهم ڪيل ھئي. ڪِچن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھڪ ٽيم ھئي، جنھن کي ڪِچن مينيجمينٽ ٽيم KMT چئبو ھو. KMT جي ذميوارين ۾ ڪِچن جي صفائي ۽ ٿانوَ خريد ڪرڻ پڻ شامل ھئا. ٿانوَ سڀني ماڻھن لاءِ عام هئا جڏهن تہ مصالحا ۽ کاڌا ذاتي هئا. KMT هر سيمسٽر ۾ اسان کان ڪليڪشن ڪندي ھئي، جيڪي صفائي ۽ برتن خريد ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا ھئا. ڪچن جي صفائي هفتيوار ۽ ان کان سواءِ سال ۾ ٻہ دفعا ڪئي ويندي هئي، جنھن کي ’گرينڊ ڪليننگ‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. هفتيوار صفائيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ۽ گرينڊ ڪليننگ ۾ 30 ماڻھو ڪم ڪندا ھئا. KMT ڪِچن ۾ ماڻھن جا گروپ پڻ ٺاهيندي هئي، تہ جيئن هر ڪنھن کي ڪُڪنگ ۾ آساني ھجي ۽ گڏوگڏ ڪنھن جي بہ پڙهائي متاثر نہ ٿئي. هر گروپ عام طور ٽن کان ڇھن ميمبرن تي مشتمل هوندو ھو. گروپن ۾ ھر ھڪ جا ڪم مقرر ڪيا ويا ھئا. ڪو ماڻھو خريداريءَ جو ذميوار هو، ڪو ڪٽڻ وڍڻ جو، ڪو پچائڻ جو تہ ڪو ٿانوَ صاف ڪرڻ جو.
منھنجو پھريون گروپ سيد صابر حسين شاھہ بخاري (بخاري) ۽ جواد سيريوال سان هو. مان ۽ جواد سامان خريد ڪندا ھئاسين، اسان ئي گوشت ۽ سبزيون ڪٽي ٺاھي تيار ڪندا ھئاسين، بخاري صرف ٻوڙ پچائيندو ۽ چانھ ٺاھيندو هو. اسان ئي وري ٿانوَ صاف ڪندا ھئاسين. اسان جو اھو گروپ تقريبن هڪ سال تائين ھليو.
هر ڪو ڪِچن ۾ مختلف وقتن تي ويندو هو. مثال طور اسان EARLY BIRDS هئاسين ڇاڪاڻ تہ اسان صبح جو 8 وڳي ناشتو ڪندا هئاسين. ڪجهہ ماڻھو ڪورين وانگر 12 وڳي کان 1 وڳي تائين لنچ ڪندا هئا. ڪجهہ ماڻھو منجهند جي ماني 2 وڳي کائيندا هئا. رات جي مانيءَ جو وقت 6 کان 7 وڳي هو، جڏهن تہ ڪجهہ ماڻھو رات دير سان ڪِچن ۾ ايندا هئا. گهڻو ڪري ماڻھو آچر تي ٻوڙ رڌيندا ھئا ۽ اهو ٻوڙ هڪ هفتي تائين ھلائيندا ھئا. ناشتي ۾ اڪثر ماڻھو بيضو کائيندا ھئا. منجهند ۽ رات جي مانيءَ ۾ گهڻو ڪري ساڳيو ٻوڙ کائيندا ھئا. ڪجهہ ماڻھو گهڻو ڪري دال ٺاهيندا هئا، جڏهن تہ ٻيا ڪڪڙ يا ٻاڪرو گوشت. جيڪڏهن ڪو ماڻھو دال پچائيندو ھو تہ ان کي سڄو ھفتو ڪو ھٿ بہ نہ ھڻندو ھو، باقي ٻاڪرو گوشت ھڪ ڏينھن بہ مس ھلندو ھو. ڪِچن ۾ ھڪٻئي جا کاڌا لڪي کائڻ جو وڏو رواج ھو. ان ڪري ڪِچن ۾ ٻاڪرو گوشت وڏو قيمتي هو. ٻي قيمتي شئي چانھہ جي پتي هئي. چانھہ جي پتيءَ جي قيمت تقريبن 8000 وون هئي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻھو هن کي ڪِچن ۾ رکندو ھو تہ ضرور وڃائي ويھندو ھو. ڪِچن جي مشھور کاڌن ۾ ڪڙھائي، برياني ۽ دمپُخ ھو، جيڪو پٺاڻن جو کاڌو ھو. سومر کان جمعي تائين ماڻھو پنھنجا پچايل ٻوڙ کائيندا هئا. جڏهن تہ ڇنڇر تي اڪثر ماڻھو ٻاهر ويندا هئا ۽ آچر تي وري ڪوڪنگ ڪندا ھئا.
ٽيليويزن، ڪِچن ۾ هڪ تمام اهم تفريح هئي. ٽيليويزن کي ناشتي ۾ ماڻھو خبرون ٻڌڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. ڪجهہ ماڻھو منجهند جو نوان انڊين گانا ٻڌندا هئا، ڪي وري 1990ع وارا انڊين گانا ٻڌندا هئا، ڪي پراڻيون فلمون ڏسندا ھئا. ڪي وري رات جي ماني تي نوان انڊين ۽ انگريزي گانا ٻڌندا هئا. اڌ رات وارو گروپ انگريزي ميوزڪ ٻڌندو هو يا انگريزي فلمون ڏسندو هو. اھو گروپ اينڊرائيڊ ڊوائيسز کي ٽيليويزن سان connect ڪري مختلف آن لائن رانديون کيڏڻ لاءِ پڻ استعمال ڪندو هو.
مجموعي طور ڪِچن، کائڻ پيئڻ، ڳالھائڻ ۽ مائنڊ کي رليڪس ڪرڻ جي جاءِ هئي. ڪچن ھميشہ ٽھڪن سان ڀريل ھوندو ھو ڇاڪاڻ تہ اتي کل مذاقون گهڻيون ڪيون وينديون هيون. ماڻھو ڪِچن ۾ ذاتي زندگيءَ بابت ۽ ريسرچ جي مسئلن تي سينيئرز کان صلاح مشورا بہ ڪندا ھئا. ڪِچن ۾ جام گڏجاڻيون ٿينديون ھيون؛ آزاديءَ جي ڏينھن جي جشن کان وٺي الوداعي گڏجاڻين تائين، عيد کان وٺي هر مذهبي گڏجاڻيءَ تائين. اسان وڏي گڏجاڻيءَ لاءِ پاڻ ئي پچائيندا هئاسين. ڪچن ۾ ڪجهہ ماسٽر شيف هئا، جيڪي هر وڏي گڏجاڻيءَ جي لاءِ سڀ ڪجهہ پاڻ ئي ٺاهيندا هئا. اسان جا سينيئرز جھڙوڪ جنيد امتياز، علي احمد انصاري، عمر سلمان، وحيد ارباب ۽ دائود ادريس رڌ پچاءَ جا ماهر هئا. ڪجهہ عرصي کان پوءِ مان بہ انھن مان هڪ ٿي ويس ۽ مون کي چانھہ ٺاهڻ تي مقرر ڪيو ويو. ٿورو رڌپچاءُ يا ڪُڪنگ مون کي ايندي ھئي پر مسلم ڪِچن ھڪ باورچي يا شيف ٺاھي ڇڏيو.
يونيورسٽيءَ جي انتظاميا اسان پاڪستانين تي ھميشہ ڪاوڙيل رهندي هئي، ڇاڪاڻ تہ پاڪستاني ڪِچن کي ڪورين جي معيار موجب صاف نہ رکندا هئا.