نصابي سرگرميون
انھيءَ ئي ڏينھن تي آئون ڪيمپس جي جِم ۾ باقاعدہ شامل ٿيس ۽ روز جِم وڃڻ شروع ڪيو. مون هڪ سال ۾ پنھنجو وزن 105 ڪلوگرام کان 83 ڪلوگرام تائين پھچايو. ڪيمپس واري سنگت ۽ جڏهن آئون پاڪستان واپس آيس تہ هر ڪو منھنجي فٽنيس کي ڏسي حيران ھو.
پھريون سيمسٽر پي ايڇ ڊي دوران سڀني کان ڏکيو سيمسٽر هو. ھڪ سبجيڪٽ NUMERICAL ANALYSIS FOR PARTIAL DIFFERENTIAL EQUATION ايڏو ڏکيو لڳو، جو هڪ وقت مون اهو سوچيو تہ جيڪڏهن مان هي سبجيڪٽ پاس ڪري ويم تہ پوءِ مان ضرور پي ايڇ ڊي بہ ڪري ويندم. اهو پروفيسر ناسا ۾ ڪيترائي سال ڪم ڪري چڪو ھيو. هڪ ٻيو دلچسپ سبجيڪٽ جيڪو پھرئين سيمسٽر ۾ پڙهيو هو. ان جو نالو TURBULENCE MODELING هو. اھو مون لاءِ نئون سبجيڪٽ ھو. منھنجي ڄاڻ مطابق پاڪستان ۾ ان وقت اھڙي ڪا بہ يونيورسٽي نہ ھئي، جيڪا اهو سبجيڪٽ آفر ڪندي ھجي. اهو هڪ تمام مشڪل سبجيڪٽ هو، پر پروفيسر ڪوآپيريٽو هو. تنھن ڪري اسان انھي بابت گهڻو پريشان نہ ٿياسين. ٻئين سيمسٽر ۾ بہ ھڪ سبجيڪٽ دلچسپ ھو، جنھن جو نالو MICRO ELECTRO MECHENICAL SYSTEM ھو. منھنجيون ڪلاسز چوٿين سيمسٽر تائين جاري رهيون.
تقريبن هر هڪ سبجيڪٽ جي پنھنجي اھميت ھئي، پر هڪ سبجيڪٽ جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو، جنھن جو نالو انگريزيءَ ۾ ريسرچ پيپر پبلشنگ ۽ ريسرچ اخلاقيات هو. اهو سبجيڪٽ اسان کي سيئول ڪيمپس ۾ هڪ فرانسيسي پروفيسر ’ايڊم ٽرنر‘ طرفان پڙھايو ويو. پروفيسر ايڊم ٽرنر پھريون پروفيسر هو، جنھن اسان کي ھڪ لرننگ مينيجمينٽ سسٽم (LMS) سافٽويئر استعمال ڪرايو. اسان ايل ايم ايس منھنجي ٽئين سيمسٽر 2017ع ۾ تعليم لاءِ استعمال ڪيو ھو، هن ڪينواس کي ايل ايم ايس جي طور استعمال ڪيو ھو. اوھان کي ٻڌائيندو ھلان تہ آئون ڪرونا وائرس جي ڪري گهر ۾ رھندي، ھي سفرنامو لکي رھيو آھيان ۽ اسان سکيا واري انتظامي نظام کي منتقل ڪري رھيا آھيون تہ جيئن اسان آن لائن سکيا ڏئي سگهون. اها اسان جي وقت جي تقاضا آهي. پروفيسر ٽرنر ٽي سال اڳ اھو سافٽ ويئر استعمال ڪيو ھو، جيڪا ان وقت جي ضرورت نہ ھئي پر شوق ھو. پروفيسر ٽرنر اسان کي انگريزيءَ ۾ ريسرچ پيپر لکڻ ۽ پبلشنگ جا اصلي گُر سيکاريا.
اسان ھر سيمسٽر ۾ سيفٽي ڪورس پڻ ڪندا ھئاسين. انھن سبجيڪٽز کان علاوہ ھر سيمسٽر ويڪيشنز ۾ اسان لاءِ مفت ۾ ڪورين ڪلاسز پڻ منعقد ڪيا ويندا ھئا، جيئن اسان روزمرہ جي معاملات ۾ ڪورين ڳالھائي سگهون.
ڪوريا ۾ توهان ڪلاس ۾ ڪا بہ شئي پائي اچي سگهو ٿا، توهان کائڻ لاءِ ڪا بہ شئي کڻي اچي سگهو ٿا. پيئڻ لاءِ ڪجهہ بہ کڻي اچي سگهو ٿا. سواءِ بيئر کان ۽ موبائيل بہ استعمال ڪري سگهو ٿا. ڪو بہ ان تي ڪجهہ بہ نہ چوندو، پر توهان کي ڪلاس ۾ گوڙ نہ ڪرڻو آھي. مان پنھنجن تجربن ۽ احساسن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان تہ ڪورين شاگرد پنھنجي پروفيسر جي ڪيتري عزت ڪن ٿا. مون وٽ ان لاءِ لفظ ناهن. بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ استاد ۽ پروفيسر جي ايتري عزت ناهي ڪئي ويندي. ڪورين شاگرد پروفيسرن کان گهڻا سوال نہ پڇندا ھئا ۽ ان جو سبب ھوندو ھو استاد کان شرم ۽ ان جي عزت، پر ٻيا پرڏيھي شاگرد پروفيسرن کان گهڻا سوال پڇندا ھئا. هڪ ضروري ڳالھہ توهان کي ٻڌائيندو ھلان تہ ڪورين شاگرد گهڻو ڪري تعليمي سرگرمين ۾ ٻين شاگردن جا مددگار نہ ھوندا ھئا. جڏھن تہ ٻيا پرڏيھي شاگرد جھڙوڪ يورپين ۽ چيني مددگار هئا.
ڪلاسز دوران منھنجا ڪيترائي غير ملڪي دوست ٺھيا. انھن مان ’شنگ جنگ منگ‘ منھنجو هڪ تمام سٺو دوست هو. هُو ھڪ چيني هو ۽ هن جو پيءُ چين ۾ هڪ وڏو واپاري هو. هُو هڪ تمام سٺي دل جو ماڻھو هو. ھن مون کي ڪلاسز دوران پريشان ڏسي منھنجي مدد شروع ڪئي ۽ ائين اسان دوست ٿي وياسين. ھن مون سان ٽي سيمسٽر گڏ پڙھيا. ھو بہ ڊارميٽري 3 ۾ رھندو ھو. تنھن ڪري اسان جام ڪچھريون ڪندا ھئاسين ۽ گڏ گهمندا ھئاسين. ھن وٽ گاڏي بہ ھئي. هن مون کي ھڪ ڏينھن گڏهن جو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هن چيو تہ تون پاڪستان ۾ گڏهن جو بندوبست ڪر ۽ هُو اهي چين برآمد ڪندو. ھڪ گڏھ جو ملھ ٻہ لک چوي پيو. چين ۾ ان ھڪ گڏھ جو ملھ پنج لکن تائين ھو. مون کي ياد آھي ان وقت پشاور مان گڏھ گم ٿيڻ بہ شروع ٿيا ھئا.