مشھور شاپنگ ايريا
انسادونگ، شھر جي مرڪز ۾ واقع آهي. انسادونگ ۾ جديد گيليريز، ڪافي ۽ چانھه جا دڪان آھن. ڪنھن وقت ۾ اها ڪوريا ۾ قديم آثارن ۽ آرٽ جي حوالي سان وڏي مارڪيٽ هئي. انسادونگ ۾ پراڻين ۽ روايتي شين جي نمائش لاءِ سوين دڪان آهن.
ميانگدونگ (Myeongdong)
ميانگدونگ بہ شھر جي مرڪز ۾ واقع آهي. ميانگدونگ هڪ تجارتي علائقو آهي ۽ سيئول جي مکيہ شاپنگ ايرياز مان هڪ آهي. ميانگدونگ جو شمار دنيا جي مھانگين شاپنگ اسٽريٽ ۾ ٿيندو آھي. هي علائقو ٻن تاريخي طور اهم سائيٽز جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو يعني ’ميانگدونگ ڪيٿيڊرل‘ ۽ ’ميانگدونگ نانتا ٿيٽر‘.
هونگدي (Hongdae)
هونگدي، ماپو ضلعي ۾ آھي. ماپو ضلعو بہ ھان درياءَ جي اتر ۾ آھي. هونگدي، ’هونگڪ يونيورسٽي‘ جي ويجهو آھي. هونگدي پنھنجي شھري فنون، ميوزڪ ڪلچر، دڪانن، ڪلبز ۽ تفريح جي لاءِ مشھور آهي. ھتي توھان کي سڄو ڏينھن رش ملندي. سڄو ڏينھن مختلف ميوزڪ پروگرامز ٿيندا آھن، جيڪي مفت ھوندا آھن. هونگدي شاپنگ لاءِ بہ ڏاڍو مشھور آھي. ھتي توھان کي انڊين ۽ ترڪش ريسٽورنٽ پڻ ملندا. هونگدي جا نائٽ ڪلب سيئول ۾ مشھور آھن، تنھن ڪري رات جو بہ هتي رش ٿئي ٿي.
يونگسان اليڪٽرانڪس مارڪيٽ (Yongsan Electronics Market)
يونگسان اليڪٽرانڪس مارڪيٽ، سيئول جي يونگسان ضلعي ۾ آھي ۽ يونگسان سب وي اسٽيشن سان گڏوگڏ آھي. اھا هڪ ريٽيل مارڪيٽ آهي. مارڪيٽ ۾ 20 بلڊنگز ۽ 5000 اسٽور آھن، جن ۾ اليڪٽرانڪ اپلائنسز، اسٽيريو، ڪمپيوٽر، آفيس جو سامان، ٽيليفون، لائٽنگ جو سامان، اليڪٽرانڪ رانديون ۽ سافٽويئر، ويڊيوز ۽ سي ڊيز وڪرو ٿين ٿيون. ڪورين شيون عام طور هتي ٻين شين جي ڀيٽ ۾ تقريبن 20 سيڪڙو سستيون آهن. ياد رھي تہ ھن مارڪيٽ ۾ بہ قيمتون فڪس ناھن.
ڊي مليٽرائيزڊ زون (DMZ)
ڊي مليٽرائيزڊ زون (DMZ) سيئول کان ھڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي آھي. ڊي مليٽرائيزيشن وارو علائقو هڪ سرحدي ڇيڙو آهي، جيڪو اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ايراضيءَ کي تقريبن اڌ ۾ ورهائي ٿو. اهو 1953ع ۾ اتر ڪوريا، چين ۽ گڏيل قومن جي ڪمانڊ جي وچ ۾ معاهدي ذريعي ٺاهيو ويو ھو. ڊي مليٽرائيزڊ زون 250 ڪلوميٽر (160 ميل) ڊگهو ۽ اٽڪل 4 ڪلوميٽر (2.5 ميل) ويڪرو آهي. ڊي مليٽرائيزڊ زون جي چوٽيءَ تي بيھي، توھان اتر ڪوريا جي سرحد ۽ ھڪ شھر جو نظارو ڪري سگهو ٿا.
هان دريا (Han River)
هان دريا، سيئول شھر کي ٻن حصن ۾ ورھائي ٿو، جيڪو سيئول شھر جي وچان وھي ٿو. هن دريا تي مجموعي طور 27 پلون آھن. هن جي چوڌاري شام جو سير ڪرڻ، سئيول شھر مان لطف اندوز ٿيڻ جو بھترين طريقو آھي. شھر جي روشنين کي پاڻيءَ تي چمڪندڙ ڏسڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي. هان دريا جي ٻنھن پاسي واڪنگ ۽ سائڪلنگ ٽريڪ آھن. گڏوگڏ ٻنھي پاسي ڪيترا ئي پارڪ، ريسٽورنٽ، ڪافي شاپ پڻ آھن. انھي کان علاوہ اتي فوڊ ٽرڪ بہ ھوندا آھن جتي هر قسم جا کاڌا ملن ٿا. ھان دريا تي گهمڻ جون ڪجهہ جڳھيون ھي آھن: ’هانگانگ پارڪ‘ ۽ ’بينپو برج رينبو فائونٽين‘. هان دريا جي خوبصورتيءَ مان زمين تي لطف اندوز ٿيڻ سان گڏ بوٽ ۽ ياچ رائيڊ بہ عام آھي.
هانگانگ پارڪ (Hangang Park)
هانگانگ پارڪ، هان دريا تي هڪ پارڪ آهي. هانگانگ پارڪ ۾ گهڻيون رانديون رھڻ جي سھوليت آهي، جھڙوڪ فٽبال، اسڪيٽ بورڊنگ، اسڪيٽنگ پارڪ، ٽينس ڪورٽ، سائيڪلنگ وغيرہ. هتي پڻ ڪيترائي سوئمنگ پول ۽ ڪيتريون ئي پاڻيءَ سان تعلق رکندڙ رانديون جھڙوڪ واٽر اسيئينگ، ياچنگ، ٻيڙيءَ جي ڊوڙ ۽ مڇي مارڻ جون سھوليتون موجود آهن.
هانگانگ پارڪ ۾ 12 پارڪ آهن:
1. يوئيدو پارڪ
2. بنپو پارڪ
3. نانجي پارڪ
4. گوينگنارو پارڪ
5. جيمسل پارڪ
6. ٽڪسم پارڪ
7. جام ون پارڪ
8. ايچون پارڪ
9. منگوون پارڪ
10. گنگسيو پارڪ
11. ينگهوا پارڪ
12. سيونيوڊو پارڪ
انھن مان ’يوئيودو پارڪ‘ گهڻي اھميت جو حامل آھي. يوئيودو پارڪ، Yeouido ۾ واقع آهي. ھن جي ڊيگهہ 8.4 ڪلوميٽر آھي. يوئيودو پارڪ سب وي سان بہ گڏيل آھي. يوئيودو، ڪاروباري ماڻھن ۽ عام شھرين جي پسنديده جڳھہ آهي. يوئيودو پارڪ ڪيترن ئي واقعن جھڙوڪ هانگانگ اسپرنگ فيسٽيول، سيئول بين الاقوامي آتش بازي فيسٽيول، مختلف پرفارمنس ۽ ميراٿن لاءِ استعمال ٿيندو آھي.
بينپو برج رينبو فائونٽين (Banpo Bridge Rainbow Fountain)
بينپو برج رينبو فائونٽين، ھان درياءَ جي بينپو پل سان گڏ هڪ فائونٽين يا ڦھارو آهي. اتي ميوزڪ سان گڏ رنگا رنگ ۽ تيز روشنيءَ سان فائونٽين ھلن ٿا. فائونٽين ڏسڻ سان گڏوگڏ فوڊ ٽرڪ تان ريفريشمنٽ ڪرڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي. ھتي شام جي وقت سوَن جي تعداد ۾ ماڻھو فائونٽين کي ڏسڻ ۽ ريفريشمنٽ ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.
يوئيدو (Yeouido)
يوئيدو کي ڪوريا ۽ سيئول ۾ ھڪ خاص اھميت حاصل آھي. يوئيدو، سيئول ۾ هان دريا تي هڪ وڏو ٻيٽ آهي. اهو سيئول جو مکيہ فنانس ۽ سيڙپڪاري بينڪنگ جو ضلعو پڻ آهي. ھي ٻيٽ سيئول جي يونگدينگپو (YEONGDEUNGPO-GU) ضلعي ۾ واقع آھي. يوئيدو ۾ ’نيشنل اسيمبلي بلڊنگ‘، ’ڪوريا فنانشل انويسٽمينٽ ايسوسيئيشن‘، ’63 بلڊنگ‘، ’ايل جي هيڊڪوارٽر‘، ’ڪورين براڊڪاسٽنگ سسٽم هيڊڪوارٽر‘ ۽ ’ڪوريا ايڪسچينج سينٽر‘ موجود آھن. يوئيدو مرڪز ۾ هڪ مالي ضلعو ھجڻ جي ڪري ڪوريا جي بلند ترين عمارتن جو ڳڙھ آھي، جھڙوڪ ’بين الاقوامي مالياتي مرڪز سيئول‘، ’پارڪ ون ٽاور‘، ’ڪوريا فيڊريشن انڊسٽريز ٽاور‘ ۽ ’63 بلڊنگ‘. 63 بلڊنگ، سيئول جي بلند ترين عمارتن مان ھڪ آهي، جيڪا 1985ع ۾ تعمير ڪئي وئي هئي. هن عمارت جي چوٽيءَ تي ريسٽورنٽز پڻ آھن.
گنگنم (Gangnam)
گنگنم، سيئول جي 25 ضلعن مان هڪ آهي. گنگنم جي لفظي معني آهي ’درياھہ جو ڏکڻ‘. گنگنم ضلعو سيئول ۾ ٽيون نمبر وڏو ضلعو آهي. ھي ضلعو عالمي طور ڪجهہ طاقتور ڪمپنين لاءِ اقتصادي مرڪز آهي جيئن گوگل، آءِ بي ايم ۽ ٽيوٽا. گنگنم جي اصل دل هن جا رهواسي علائقا آهن، جتي گهر مسواڙ تي خريد ڪرڻ لاءِ ائڊوانس جي ماليت ھڪ عام ڪورين جي 10 سالن جي پگهار آهي.
ڪوريا ۾ مھانگي ترين ملڪيت ’گنگنم‘ جي آهي، خاص طور جڏهن توهان تمام گهڻي گهربل پاڙن ۾ ملڪيت رکو ٿا. ڪيترن ئي ڪورين لاءِ گنگنم ۾ ملڪيت انھن جي حيثيت جي علامت آهي، ان ڪري وڏا بزنسمين، اداڪار ۽ فنڪار گنگنم ۾ رھن ٿا. گنگنم ۾ توھان کي برانڊيڊ ڪارون جھڙوڪ مرسڊيز، آڊي، مسيراٽي، ٽيسلا ۽ رينج روور هر گهٽيءَ ۾ ملنديون. پلاسٽڪ سرجري ڪوريا ۾ ۽ خاص طور گنگنم ۾ ثقافت جو هڪ وڏو حصو بڻجي چڪي آهي. انھيءَ ڪري گنگنم ۾ توھان کي ھر جڳھ تي پلاسٽڪ سرجري ڪلينڪس ملنديون. ھڪ اندازي مطابق گنگنم ۾ 500 کان مٿي پلاسٽڪ سرجري جون ڪلينڪس موجود آهن. ڏيھي توڙي پرڏيھي، گنگنم ۾ پلاسٽڪ سرجري ڪرائڻ ايندا آھن. گنگنم پنھنجي رات جي زندگي (نائٽ لائف) لاءِ بہ مشھور آهي.
گنگنم پنھنجي جديد اڏاوت، اسڪاءِ اسڪريپرز، جديد طرزِ زندگي ۽ ڪلبز وغيرہ لاءِ بہ سڃاتو وڃي ٿو. سائي (PSY) جي بين الاقوامي گاني ’گنگنم اسٽائل‘ وڏي پئماني تي ’گنگنم کي روشن ڪرايو، جنھن کي ھاڻي ڪورين ثقافت ۾ وڏي شھرت حاصل آهي.
گنگنم سب وي اسٽيشن، گنگنم ضلعي جي اھم ترين اسٽيشنن مان ھڪ آهي. گنگنم سب وي اسٽيشن پاڻ ئي ھڪ انجنيئرنگ جو شاھڪار آھي. سب وي اسٽيشن کي تقريبن 12 ايگزٽ آھن. سب وي اسٽيشن ۾ زمين هيٺ سوين دڪان آهن. اسٽيشن جو ڀر وارو علائقو هڪ اهم تجارتي ۽ تفريحي علائقو آهي. گنگنم سب وي اسٽيشن وٽ ۽ ضلعي ۾ ڪيترا ئي حلال ترڪش ۽ انڊين ريسٽورنٽ ملندا. ھونئن تہ گنگنم ۾ ڪيترا ئي تفريحي ماڳ آھن، پر ڪجهہ خاص آهن، جن جو ذڪر ڪرڻ لازمي آھي.
لوٽي ورلڊ ٿيمپارڪ (Lottee World Theme Park)
لوٽي ورلڊ جيمشل (Jamsil) سب وي اسٽيشن سان جڙيل آھي. انھيءَ ڪري توهان براہ راست جيمشل اسٽيشن کان لوٽي ورلڊ ٿيم پارڪ جو دورو ڪري سگهو ٿا. لوٽي ورلڊ سيئول جو سڀ کان وڏو تفريحي پارڪ آهي، جنھن ۾ مزي جون سواريون، رانديون، هڪ آئيس اسڪيٽنگ رنگ ۽ 176 مختلف قسم جا ونڊرلينڊ آھن. لوٽي ورلڊ ۾ صبح جو سوير وڃڻ کپي ڇو جو هتي شام جو ۽ ويڪ اينڊ تي وڏي رش ٿئي ٿي ۽ توهان کي مشھور سواريءَ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو. لوٽي ورلڊ لوٽي گروپ جو آهي. اهو تقريبن پورو سال کليل ھوندو آھي ۽ ان جي ھڪ ڏينھن جي داخلا جي ٽڪيٽ 30 هزار وون آهي.
لوٽي ورلڊ ٽاور مال (Lottee World Tower Mall)
لوٽي ورلڊ ٽاورمال بہ جيمشل سب وي جي ٻئي پاسي کان جڙيل آھي. لوٽي ورلڊ ٽاور مال ھڪ وڏو ۽ مشھور مال آھي. مال ۾ سوين دڪان، ريسٽورنٽز ۽ ڪافي شاپ آھن. لوٽي ورلڊ ٽاور مال جي پويان سيوڪچن ليڪ ۽ پارڪ بہ آهي، جتي توهان آرام ڪري سگهو ٿا ۽ ٻاهرئين منظر کان لطف اندوز ٿي سگهو ٿا.
لوٽي ورلڊ ٽاور (Lottee World Tower)
لوٽي ورلڊ ٽاورمال جي اندران ئي لوٽي ورلڊ ٽاور جو رستو آھي. لوٽي ورلڊ ٽاور ڏکڻ ڪوريا جي بلند ترين عمارت آهي، جيڪا 123 فلور تي مشتمل آھي ۽ ان جي بلندي 555 ميٽر آهي. ٽاور جي چوٽيءَ تي واقع سيئول اسڪائي آبزرويٽري آھي، جتان سيئول شھر جو خوبصورت آسماني نظارو 360 ڊگري تي ڪري سگهجي ٿو. لوٽي ورلڊ ٽاور مال ۾ مٿي وڃڻ جي ٽڪيٽ 30 هزار وون آهي.
ڪوايڪس مال (Coex Mall)
اسٽار فيلڊ ڪوايڪس (Coex) مال (جيڪو اڳوڻي ڪوايڪس مال طور سڃاتو وڃي ٿو) ڪوريا جي گنگنم ضلعي ۾ ھڪ انڊر گرائونڊ شاپنگ مال آھي. ان جي ايراضي تقريبن هڪ لک چوونجاھہ هزار چورس ميٽر آهي، جنھن مان هڪ لک چوئيتاليھہ هزار زير زمين منزل تي آهن، جيڪا انھي کي دنيا جو سڀ کان وڏو زيرِ زمين شاپنگ مال بڻائي ٿي. ڪوايڪس مال ڪوريا جي وڏن مالز مان ھڪ آهي. ڪوايڪس مال ۾ ڪنوينشن سينٽر، نمائشي ھال ۽ ڪيترائي دڪان آھن. سوين دڪانن سان گڏ مال ۾ فوڊ ڪورٽز، ميگا باڪس (سينما)، ڪوايڪس مال ايڪيوريم ۽ هڪ وڏو بڪ اسٽور آهي. مال جي اندر پڻ ڪيئي حلال ريسٽورنٽس آھن. مال جي اندر ’اسٽار فيلڊ لائبريري‘ بہ آھي، جيڪا سڀني لاءِ کُليل آھي. ھر ڪو ھتي اچي، ويھي ڪتاب پڙھي سگهي ٿو.
ٽائمز اسڪوائر مال (Times Square Mall)
ٽائمز اسڪوائر مال، سيئول جي مشھور مالز مان هڪ آهي. ان ۾ سي جي ويCGV جي سڀني کان وڏي سينما اسڪرين آھي. ٽائمز اسڪوائر مال ۾ ڊپارٽمينٽل اسٽورز، ملٽي پلڪس ٿيٽرز، شاپنگ مالز ۽ ڪيترائي ريسٽورنٽس شامل آهن. ان جي اڏاوتي خاصيتن ۾ پلازه، ڇتيون، پاڻيءَ جا چشما ۽ ڪيترائي باغ آهن.