سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ٻہ اکر: واقعن، تجربن ۽ مشاهدن جو مجموعو

تدبير تي تقدير حاوي آھي، مان ان منطق جو حامي آھيان پر زندگي ۾ ڪجهہ اھڙا ماڻھو بہ ملن ٿا، جيڪي پنھنجي تدبير سان تقدير لکن ٿا، مجيب بہ انھن مان ھڪ آھي. ساڻس منھنجو گهرو تعلق آھي پھريان تہ منھجو شاگرد رھيو آھي، دوست بہ آھيون، پر سڀ کان وڌ ذھني ھم آھنگي جو رشتو آھي. مان جيڪو چوڻ چاھيندو آھيان، ھو گهٽ لفظن ۾ منھنجي مقصد تائين پھچي ويندو آھي، مان پڻ ھن جي لفظن جي تت مان سمجهي ويندو آھيان تہ ھو ڇا ٿو چاھي.
مجيب 24 ڊسمبر 1984ع تي سومر جي ڏينھن پيدا ٿيو. سندن اباڻو ڳوٺ ڳاڙهي موري ضلعو خيرپورميرس آھي. سندس والد محمد اقبال سومرو واپڊا(WAPDA) ۾ ملازم هو ۽ ڪوئيٽا ۾ ’شيخ ماندہ پاور پلانٽ‘ ۾ پوسٽيڊ هو، جنھن ڪري مجيب پنھنجي ننڍپڻ جو ڪجهہ حصو ڪوئيٽا ۾ گذاريو، پوءِ سندس والد کي ’گيس ٽربائن پاور اسٽيشن (GTPS) ڪوٽڙي‘ ۽ ڪجهہ عرصي کان پوءِ ’ڄامشورو پاور ڪمپني لميٽيڊ (JPCL)‘، جيڪو هاڻي ’ٿرمل پاور اسٽيشن (TPS) ڄامشورو‘ طور سڃاتو وڃي ٿو، ۾ بدلي ڪيو ويو. ھن پنھنجي ابتدائي تعليم ’واپڊا ماڊل هاءِ اسڪول ڪوٽڙي‘ ۽ ’مھراڻ گرامر هائر سيڪنڊري اسڪول ڄامشورو‘ مان حاصل ڪئي. مجيب ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ ’پبلڪ اسڪول حيدرآباد‘ مان ڪئي. 2004ع ۾ ھن جي داخلا مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (MUET) ڄامشوري جي ’مڪينيڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ‘ ۾ ٿي ۽ 2009ع ۾ يونيورسٽي مان گريجوئيشن (بيچلرز آف انجنيئرنگB.E. ) ڪئي.ھن کي بيچلرز ۾ پڙهائي دوران ئي سنگت ساٿ سان گهمڻ ڦرڻ جي عادت پئي. مجيب پھرين نوڪري ’عبدالڪريم اينڊ سنز (AKS) انجنيئرنگ پرائيويٽ لميٽيڊ‘ ۾ بطور سائيٽ انجنيئر جي حيثيت سان شروع ڪئي ۽ ھن جي پھرين پوسٽنگ الائيڊ اليڪٽريڪل سروسز (AES) لعل پير ضلعو مظفرگڙھ، پنجاب ۾ ٿي. ڪجهہ عرصي کان پوءِ، اڪبر علي اينڊ سنز پرائيويٽ لميٽيڊ ڪراچي ۾ بطور مينٽيننس اينڊ سروس انجنيئر طور نوڪري ڪيائين. مجيب پھرين جنوري 2010 تيMUET ڄامشورو جي مڪينيڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ بطور سينئر ورڪشاپ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. جنوري 2010ع کان آڪٽوبر 2013ع تائين ھن يونيورسٽيءَ ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ان ئي دوران MUET مان انرجي سسٽمز انجنيئرنگ ۾ ماسٽرز آف انجنيئرنگ (M.E)پڻ مڪمل ڪيائين. نومبر 2013 ۾ ھن کي MUETجي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو (SZAB)ڪيمپس، خيرپور ميرس جي مڪينيڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان نوڪري ملي ۽ تقريبا اڍائي سالن تائين ھُن ڪيمپس جي خدمت ڪئي. ھن 2016ع ۾ ڏکڻ ڪوريا(SOUTH KOREA) ۾ ڊاڪٽر آف فلاسافي (Ph.D.) جي تعليم لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن(HEC) پاڪستان طرفان اسڪالرشپ حاصل ڪئي. هو 26 فيبروري 2016ع تي ڪوريا لاءِ روانو ٿيو.
اڄ بہ ياد اٿم تہ ڪوريا وڃڻ کان اڳ چيو ھيائين تہ ”پھرئين سال ذوق و شوق سان تعليم ڏانھن ڌيان ڏبو. ٻئي سال ٻار گڏ وٺي ويندس ۽ ٽئين سال انھن کي ويڪيشن ۾ گهر ڇڏي، وري وڃي پنھنجي تعليم پوري ڪبي.“ مون سوچيو ھو تہ مئٿميٽڪس جي ڪنھن فارمولا جيان ائين تہ ڪونہ ٿيندو. پرايو ديس، پرائي ٻولي ۽ اڻ ڄاڻ ماحول ۾ حالتن مطابق ھلڻو پوندس، پر ھُو انھن ٽن سالن ۾ تدبير تي ھلندو رھيو ۽ جيئن پلان ڪيو ھيائين، تيئن پنھنجو تدريسي سفر سڦلتا ۽ ڪاميابيءَ سان پورو ڪيائين. مجيب 22 فيبروري 2019ع تي پي ايڇ ڊي جي تعليم مڪمل ڪري وطن واپس وريو. پرديس وڃڻ کان اڳ ٺھيل پلان کان ھٽي ڪوريا جي سير و تفريح کي بھتر نموني سان انجواءِ ڪيائين ۽ سنڌي ۽ اردو ادب جي سفرنامي واري صنف ۾ معلوماتي ڪتاب جي صورت ۾ قوم کي ھڪ تحفو پڻ ڏنو. هي سفرنامو ڪوريا ۾ پي ايڇ ڊي دوران مجيب سان پيش ايندڙ واقعن، تجربن ۽ مشاهدن جو هڪ مجموعو ۽ گڏوگڏ پرڏيھ (خاص ڪري ڪوريا) ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙن لاءِ ھڪ گائيڊ پڻ آهي.
مجيب جي پرائمري تعليم ڪوئيٽا ۾ رھڻ جي ڪري اردو ميڊيم ھئي پر سندس ھن ڪتاب مان محسوس نٿو ٿئي تہ سندس سنڌي ٻوليءَ تي ڪا گرفت ڪمزور آھي. ان سان گڏ اھو بہ ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان تہ PhD جي ڊگري حاصل ڪرڻ دوران لکڻ جو ڏانءُ ۽ طورطريقا پڻ سيکاريا وڃن ٿا، جن کي مجيب بھتر نموني سان سمجهي ھتي طبع آزمائي ڪئي آھي.
بس اھا دعا ڪجي ٿي تہ ﷲ پاڪ کيس ھن شوق سان ساٿ نڀائڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ وڌيڪ لکڻ جي ھمت عطا فرمائي-آمين.

جميل احمد منگي
ڄامشورو