سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا ۾ رهڻ لاءِ اهم دستاويز

ڪنھن بہ ملڪ ۾ اچڻ کان پوءِ ڪجهہ اهم دستاويز اتي ٺھرائڻا پوندا آھن. اهڙي طرح ڪوريا اچڻ بعد اسان بہ هيٺيان دستاويز ٺھرايا.

رجسٽريشن ڪارڊ:
اهي ماڻھو جن کي ڪوريا ۾ گهڻو وقت گذارڻو ھوندو آھي، تن کي پنھنجو رجسٽريشن ڪارڊ جلد از جلد ٺھرائڻو پوندو آھي. رجسٽريشن ڪارڊ جيئن پاڪستان ۾ قومي شناختي ڪارڊ NIC آھي. ائين ئي ڪوريا ۾ ’اَيليَن رجسٽريشن ڪارڊ‘ (ARC) آهي. ARC ھر ھڪ شئي لاءِ ضروري گهربل ھوندو آھي، جھڙوڪ سيل فون يا موبائل، سم، انٽرنيٽ ۽ بينڪنگ وغيرہ. اهو ايلين ڪارڊ ظاهر ڪري ٿو تہ اسين ايلين آھيون معنيٰ اسان ڪوريا جو حصو نہ آهيون. جيئن هوليووڊ جي فلمن ۾ ڏسي سگهجي ٿو تہ ايلين ان مخلوق کي سڏجي ٿو، جيڪا ٻِي ڌرتيءَ کان اچي ٿي يا خلائي مخلوق. اڄڪلھ جڏھن مان ھي سفرنامو لکي رھيو آھيان تہ پرڏيھين ۽ خاص طور ڪجهہ پاڪستاني جن ۾ زاھد حسين ۽ ڊاڪٽر امان ﷲ جي پرزور اصرار تي ’اَيليَن رجسٽريشن ڪارڊ‘ کي ’فارينر رجسٽريشن ڪارڊ‘ جو نالو ڏيڻ جو ڪم ھلي رھيو آھي.
اَيليَن ڪارڊ لاءِ پھريان اسان کي سرڪاري ويب سائيٽ تي تاريخ ۽ وقت بڪ ڪرڻو پوندو. ان تاريخ ۽ وقت تي گهربل دستاويزن سان گڏ اميگريشن آفيس وڃڻو پوندو. گهربل دستاويزن جي لسٽ ھيءَ آھي:
1. يونيورسٽي جو داخلا سرٽيفڪيٽ
2. يونيورسٽي طرفان نڪتل اسڪالرشپ سرٽيفڪيٽ
3. ٽي بي ٽيسٽ رپورٽ
4. ڊارميٽري مينيجر کان رهائشي سرٽيفڪيٽ
5. پاسپورٽ
6. ويزا جي ڪاپي
7. سفيد پس منظر سان فوٽوگراف
8. 30000 وون فيس
9. درخواست فارم

جڏهن مون اميگريشن آفيس جو دورو ڪيو تہ مون کي اهو ڏسي حيرت لڳي تہ انھن وٽ منھنجي ڪوريا ۾ اچڻ کان وٺي سڄي ڊيٽا ھئي. اهو لازمي آهي تہ توهان اميگريشن آفيس کي ڪنھن بہ تبديلي بابت جھڙوڪ موبائل نمبر يا گهر جي ايڊريس جي تبديليءَ جي صورت ۾ ھنن کي جلد از جلد انفارم ڪرڻو آھي، نہ تہ توهان کي ڏنڊ ڏيڻو پوندو.

بينڪ اڪائونٽ:
ٻي اهم شئي جيڪا اسان کي ڪرڻي هئي، اھو ھو بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ. ڇو تہ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايچ اي سي) اسان کي بئنڪ اڪائونٽ ۾ پئسا موڪليندي ھئي. ڪوريا ۾ ڪجهہ خاص بينڪن جا نالا هي آهن:
• Central Bank
• Bank Of Korea
• Korea Development Bank
• Industrial Bank Of KoreA
• Nonghyup Bank
• Citibank Korea
• Keb Hana Bank
• KB Kookmin Bank
• Standard Chartered
• Shinhan Bank
• Woori Financial Group
• Woori Bank

مون پنھنجي يونيورسٽيءَ ۾ موجود ’شنھان بينڪ‘ ۾ اڪائونٽ کولرايو. اتي اڪائونٽ کولرائڻ بہ سوَلو ۽ سار سنڀال بہ سوَلي. اتي اي ٽي ايم مان توهان نہ صرف پئسا ڪڍرائي سگهو ٿا، پر ان ۾ جمع بہ ڪرائي سگهو ٿا. اتي مون ھڪ مشين ڏٺي، جيڪا سِڪن جي ڳڻپ ڪري ۽ ھر سِڪي جا الڳ الڳ بنڊل ٺاهي ڏيندي هئي.

انشورنس:
ڪوريا ۾ رهڻ لاءِ انشورنس ضروري آهي. ڇو تہ اتي ميڊيڪل فيسلٽي تمام گهڻي مھانگي آهي. اڪيلي ماڻھوءَ جي انشورنس فيس ساليانو هڪ لک وون، جڏهن تہ ھڪ خاندان جي انشورنس فيس ماھانو پنجاھہ هزار وون ھئي.

ميڊيڪل رپورٽ:
ڪنھن بہ ملڪ ۾ اچڻ کان پوءِ ڪجهہ ميڊيڪل رپورٽس ڪرائڻيون پونديون آھن. اهڙي طرح ڪوريا اچڻ ۽ هر ڇھن مھينن کان پوءِ اسان کي ٽي بي ٽيسٽون ڪرائڻيون پونديون ھيون.

سم ڪارڊ:
سم ڪارڊ خريد ڪرڻ جو سڀ کان سوَلو طريقو آن لائن خريد ڪرڻ آھي. ان کي آف لائن خريد ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ تي يا شھر جي موبائل سروس فراهم ڪندڙن طرفان هلندڙ دڪانن تان پڻ خريد ڪري سگهجي ٿو. ڪوريا ۾ موبائل سروس فراهم ڪندڙن ڪجهہ ڪمپنيون ھي آھن:
• KT (Korea Telecom) Olleh
• SKT
• LG U+