سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

پنھنجي پاران

منھنجو سفرنامو-منھنجي ننڍڙي ڪاوش


زندگي ھڪ محنت ۽ جستجوءَ جو نالو آھي، جنھن ۾ پاڻ پتوڙڻ، ھر ڪم سان محبت ۽ اتساھ ھجڻ لازمي آھي. ان کي ڏسي مان پنھنجي زندگيءَ جي اصولن کي ھڪ جدوجھد جو نالو ڏنو آھي. مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن، گريجوئيشن، سرڪاري ملازمت، ماسٽرز (پوسٽ گريجوئيشن)، اسڪالرشپ جو حصول ۽ ڊاڪٽر آف فلاسافي (پي ايچ ڊي) ان عملي جدوجھد جا ثبوت آھن. گڏوگڏ سفر بہ روح ۾ رچيل آھي.
منھنجي زندگيءَ جو ھڪ اھم باب ’پي ايچ ڊي ڊگري‘ حاصل ڪرڻ ھو، جنھن ۾ مون پاڻ پتوڙيو، لاھا چاڙھا ڏٺا. ان ڪري سوچيم تہ ان کان پھريان، جو اھي ڏينھن ماضيءَ جو حصو ٿي ڌنڌلا ٿي وڃن، انھن کي ھڪ ڪتابي شڪل ’ڪوريا جيئن مون ڏٺو‘ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان. ڪھڙي خبر ھن علم جي ڳولائو مسافر جو ھي داستان، ڪنھن ٻئي طالبِ علم لاءِ مشعلِ راھ ٿي وڃي. ھي سفرنامو بہ ھڪ وڏي جدوجھد ھئي، ڇاڪاڻ جو اردو ميڊيم ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪري، مون کي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ تي ڪو خاص عبور نہ آھي.
ڪوريا وڃڻ ۽ اتي رھڻ دوران جن دوستن مدد، آڌرڀاءُ ۽ مھمان نوازي ڪئي. انھن سڀنن جو آءٌ ٿورائتو رھندس، جن ۾ ڊاڪٽر بدر سومرو، وزير جکراڻي، بختيار چنا ۽ عبدالڪريم شاھ شامل آھن. ھن ڪتاب جي لکڻ ۽ پروف ريڊنگ ۾ جن مدد ڪئي، انھن سڀني جو بہ ٿورائتو آھيان، جن ۾ سائين جميل احمد منگي، ڊاڪٽر بدر سومرو ۽ ڊاڪٽر بشير درس شامل آھن. ھن ڪتاب جي اشاعت لاءِ ’امرتا پبليڪيشنس حيدرآباد‘ جو پڻ ٿورائتو آھيان.
مان ٿورائتو آھيان پنھجي مِٽن مائٽن، استادن، دوستن جو، جن جي مدد ۽ ساٿ مون سان شامل رھيو. مان ٿورائتو آھيان ’هائير ايجوڪيشن ڪميشن(HEC) پاڪستان‘ ۽ ’مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (MUET)‘ جو جن جي مالي مدد ۽ سپورٽ بہ گڏ ھئي.
آخر ۾ مون کي پنھنجي ھن پھرين ننڍڙي ڪاوش بابت پڙھندڙن جي راءِ جو دل سان انتظار رھندو، ڇو جو زندگي ھڪ اڻ کٽندڙ سِکيا جو عمل آھي.


ڊاڪٽر مجيب اقبال سومرو
پھرين مارچ 2021ع
مھراڻ يونيورسٽي، خيرپورميرس
+92-345-3802280