ڪوريا ۾ فيمليءَ سان گذاريل وقت
فيملين وارا گهڻا ماڻھو مين گيٽ (جنھن کي سادونگ سڏبو ھو) وٽ رھندا ھئا. مون بہ سادونگ ۾ ھڪڙو گهر مسواڙ تي ورتو ھو. سادونگ ۾ ھڪ ڪمري واري گهر جي ماھوار مسواڙ تقريبن ٽي لک وون ھئي. اسان کي HEC طرفان تقريبن نَوَ لک وون ملندا ھئا، سو انھي ڪري ايترن پئسن ۾ فيملي سان گذارو ڏاڍو ڏکيو ھو.
فيمليءَ سان منھنجو معمول ڪجهہ هن ريت هو، جو صبح اٺين وڳي ناشتو ڪري مان پنھنجي يونيورسٽي ويندو ھيم. منجهند ٻارھين وڳي منھنجي گهرواري ۽ پٽ يونيورسٽي ايندا ھئا، جتي اسان پارڪ ۾ ويھندا هئاسين ۽ مانجهاندو گڏجي ڪندا ھئاسين، پوءِ اهي موٽي گهر ويندا ھئا ۽ مان واپس ليب. وري مان ڇھين وڳي رات جي ماني لاءِ گهر ويندو هئس ۽ ستين وڳي واپس ليب... ان بعد ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ ڏهين وڳي واپس گهر ويندو هيس. هر ڇنڇر ۽ آچر تي فيمليءَ سان گهمڻ ڦرڻ نڪري ويندو ھئس.
اسان اڪثر وقت ليب ۾ ھوندا ھئاسين، ان ڪري فيمليز پنھنجا مختلف پروگرام ٺاھي وقت گذارينديون ھيون. اڪثر پاڪستاني فيمليز جا ٻار گهرن ۾ ئي ھوندا ھئا ۽ ڪجهہ جا ٻار ڊَي ڪيئر يا اسڪول ويندا ھئا، ڇو جو اتي ’ڊي ڪيئر‘ يا ’اسڪولنگ‘ تمام مھانگي ھئي.
ڪوريا ۾ فيمليءَ سان گڏ بغير انشورنس جي رهڻ ناممڪن آھي، ننڍي کان ننڍي مرض جي علاج جو بل لکين وون ايندو ھو. فيملي سان گڏ رهڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو هو تہ انسان ذهني پريشانين کان آزاد هو، پوءِ اھا پريشاني ريسرچ جي ھجي يا رڌ پچاءَ جي يا ڪپڙا ڌوئڻ جي، پر اسڪالرشپ جا پيسا گهٽ ھجڻ جي ڪري فيملي کي گهڻي عرصي تائين گڏ رکڻ ممڪن نہ هو.