سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

واپسيءَ جو سفر

ڊگري وٺڻ ۽ الوداعي تقريبن کان پوءِ 25 فيبروري 2019ع تي پاڪستان لاءِ روانو ٿيڻو ھو. مان ۽ محمد عمران ٻنھي گڏ بڪنگ ڪرائي هئي. اسان صبح سوير پنجين وڳي واري بس ورتي ۽ 6 وڳي ’گمپو ايئرپورٽ‘ پھتاسين. اتي اھو ٻڌائيندو هلان تہ جڏهن مان ڪورياآيو هيس تہ ايئرپورٽ کان اسان جي يونيورسٽيءَ تائين بس جو ڪرايو 11 هزار وون هو ۽ جڏهن مان پاڪستان واپس اچي رهيو هيس تہ ٽن سالن کان پوءِ ڪرايو گهٽ ٿي 7 هزار وون ٿي ويو هو. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي تہ هي روٽ جڏهن نئون هو تڏهن ماڻھن جي رش گهٽ هئي تنھن ڪري ڪرايو وڌيڪ هو، پر هاڻي هن روٽ تي ماڻھن جي ڪافي اچ وڃ آهي، تنھن ڪري ڪرايو گهٽايو ويو آهي. اهو ٻڌي مون کي تمام حيرت ٿي، ڇو جو پاڪستان ۾ اهڙو ڪو سسٽم ڪونھي. بھرحال اسان گمپو ايئرپورٽ تان بورڊنگ پاس وٺڻ کان پوءِ ايئر چائنا جي جھاز ۾ چڙهي بيجنگ پھتاسين. ڪوريا کان جھاز تقريبن صبح نائين وڳي هليو ۽ هڪ وڳي بيجنگ چائنا پھتو. چائنا ۾ اسان ’بيجنگ ايئرپورٽ‘ تي (Pizza Hut) تي ويجيٽيبل پيزا ۽ فرائيڊ شرمپ کاڌاسين ۽ چانھ پيتيسين. اتي هڪ عجيب اتفاق ٿيو تہ پيزا هٽ بيجنگ ايئرپورٽ تي جيڪي اسان کي چانھ ملي، اھا سؤ سيڪڙو صفا ديسي چانھ وانگر هئي. اسان ٻئي اها چانھ پي حيران ٿي وياسين، تہ اهڙي چانھ هتي ڪيئن؟ اسان کي چانھ پي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ٿڪ لھي ويا. ان کان پوءِ جھاز اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو ۽ تقريبن شام ستين وڳي اسلام آباد پھتو. محمد عمران اسلام آباد ۾ لھي ويو ۽ مان ڪراچيءَ لاءِ جھاز ۾ ويٺو رھيس. رات جو تقريبن ساڍي ڏهين وڳي جھاز ڪراچيءَ ۾ لينڊ ڪيو. اميگريشن وارن وٽان ٿيندو جڏهن مان ٻاهر نڪتس تہ منھنجي فيملي، جنھن ۾ امي، ابو، گهرواري، ٻار (پٽ طٰحه ۽ ڌيءَ دعا)، ڀاءُ، ڀيڻون ۽ ڀيڻويا شامل هيا، سڀني سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ اهو وقت ياد آيو جڏهن مان هِتان ڊگريءَ لاءِ وڃي رهيو هيس. ڪراچي ايئرپورٽ مان نڪرندي، سڌو شاهين شنواري ريسٽورنٽ تي وياسين، اتي ديسي کاڌو (ڪڙھائي ۽ نان) کاڌاسين ۽ چانھ پيئڻ کان پوءِ ڄامشوري لاءِ راونہ ٿياسين. رات جو تقريبن ٽين وڳي ڄامشوري پنھنجي گهر پھتاسين.