حاصلِ سفر
مان صرف ۽ صرف حاصل نہ ڪيو پر گهڻو ڪجهہ وڃائي بہ ڇڏيو، پر زندگيءَ ۾ بنا تڪليف يا ڪجهہ وڃائڻ کان بنا ڪا بہ شي سوَلائيءَ ڪونھي ملندي. جئين مشھور انگريزي چوڻي آھي:
“There Is No Gain Without Pain”
ھونئن تہ هن دنيا ۾ ڪوبہ پرفيڪٽ نہ آهي، پوءِ اسان ھجون يا ڪورين، پر ھُو زندگيءَ جي ڪيترن ئي شعبن ۾ اسان کان بھتر آهن. مون ھنن کان گهڻو ڪجهہ سکيو، هن سفر ۽ ڪورين کان سکيو تہ:
• دنيا ڇا آھي؟
• ترقي يافتہ ملڪ ڪيئن ھوندا آهن؟
• ھڪ قوم ڪيئن ھوندي آهي؟
• نظم و ضبط ڇا آھي؟
• قانون ڪيئن ھوندو آهي؟
• قانون تي ڪيئن عمل ڪبو آهي؟
• قانون جي بالادستي ڪيئن ھوندي آهي؟
• ملڪ جي صفائي ڇا ھوندي آھي؟
• وقت جي پابندي ڇا ھوندي آھي؟
• صاف سٿرا ڪپڙا ڪيئن ھوندا آهن؟
• پروفيشنلزم ڇا آھي؟
• پنھنجو ڪم پاڻ ڪيئن ڪبو آھي؟
• دنيا جا مشھور پروفيسر ۽ ارب پتي ماڻھو بنا پٽيوالن جي ڪيئن
پنھنجو ڪم پاڻ ڪن ٿا؟
• فٽنيس ڇا ھوندي آھي؟
• 80 سالن جا بزرگ ڪيئن ايڏا فٽ ھوندا آھن؟
• انھن ماڻھن جي وڏي عمرن جا راز ڇا آھن؟
• محنت ڇا ھوندي آھي؟
• پڙھائي ڪيئن ڪبي آھي؟
• ڪنھن سان ڪا ڪمٽمينٽ ڪجي تہ ڪيئن پوري ڪجي؟
• ھڪ ڏينھن ۾ ٻارنھن کان پندرنھن ڪلاڪ ڪم ڪيئن ڪبو آھي؟
• ايتري مصروف زندگيءَ کان پوءِ بہ پنھنجو پاڻ کي فٽ ڪيئن
رکبو آھي؟
• دنيا جا مشھور پروفيسر ۽ ارب پتي ماڻھو پنھنجون امپورٽيڊ
گاڏيون ڇڏي سب وي ۽ بسن تي ڇو ۽ ڪيئن سفر ڪن ٿا؟
• ارب پتي ماڻھن جا ٻار ڪيئن دڪانن تي ڪم ڪن ٿا؟
• ڪيئن توھان سڀنن سان گڏ ھوندي بہ اڪيلا آھيو؟ ڪير بہ توھان
کي ھرو ڀرو اک کڻي نہ ڏسندو.
• جتي کائڻ ڏکيو، پيئڻ ڏکيو، رھڻ ڏکيو ۽ پنھنجو ھر ڪم پاڻ
ڪرڻو ھجي، اتي ڪيئن گذاربو آھي؟
اسان کي قدرت ھر شئي سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي، سرسبز زمين، ريگستان، جبل، سمنڊ. اسان ايترو سڀ ڪجهہ ھوندي بہ اڄ ڪٿي آھيون؟ ھنن وٽ نہ گهڻي زمين نہ ريگستان، ايريا ۾ سنڌ کان بہ ننڍا پر ھُو اڄ ڪٿي بيٺا آھن؟ هُو صرف قانون کي بالا رکندي ۽ دماغ جو استعمال ڪندي ڪٿي وڃي پھتا آھن.
جيڪڏهن منھنجو وس هلي تہ مان هر ماڻھوءَ کي پڙھائي يا ڪنھن ٽريننگ لاءِ ڪوريا جو چڪر ھڻايان. ڇو جو ڪوريا هڪ بٺيءَ وانگر آهي، جيڪو بہ هن مان گذرندو سونُ ٿي نڪرندو.