سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا وڃڻ جو مقصد

جئين تہ آئون مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس MUET SZAB CAMPUS ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هوس تہ مون لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ضروري هئي ڇو تہ يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي کان سواءِ گذارو ڪونھي. ان ڪري آئون پرڏيھي پروفيسرن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) پاڪستان کان اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو هيس. 2015ع ۾ مون گريجوئيٽ ريڪارڊ ايگزيم (GRE)، جيڪا نيشنل ٽيسٽنگ سروسز (NTS) طرفان ورتي ويندي آھي، سٺن مارڪن سان پاس ڪئي. مون کي HEC طرفان پرڏيھي اسڪالرشپ لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو. ان کان پوءِ مون کي ڪجهہ ملڪن جي لسٽ مان ڪِن بہ ٽن ملڪن جا نالا ڏيڻ لاءِ چيو ويو، جتي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو ھجان. مون آسٽريليا، جرمني ۽ ڏکڻ ڪوريا کي چونڊيو. آسٽريليا کي چونڊڻ جو سبب اهو هو تہ ھي ھڪ انگريزي ڳالھائيندڙ ملڪ آهي؛ جرمني ۽ ڏکڻ ڪوريا کي انھن جي ٽيڪنالاجي ۽ ريسرچ جي ڪري چونڊيو هيم. اهي ملڪ مون پنھنجن دوستن، جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، کان صلاح مشوري کان پوءِ چونڊيا. HEC اسان جي بئچ کي ڪجهہ خاص سببن جي ڪري شروعات ۾ جرمني ۽ آسٽريليا وڃڻ جي اجازت نہ ڏني، تنھن ڪري اسان کي ڏکڻ ڪوريا ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ گرين سگنل ڏنو ويو. ياد رھي تہ ھن سفرنامي ۾ جتي بہ لفظ ڪوريا اچي ان کي لفظ ڏکڻ ڪوريا سمجهيو وڃي. ڪوريا ۾ مون سِنڪ ڪُئِن ڪُوَان (SKKU) ۽ ھانِيَانگ يونيورسٽي (HYU) ۾ داخلا لاءِ درخواست ڏني. مون کي HYU مان پروفيسر جي قبوليت جو ليٽر (ايڪسيپٽنس ليٽر) تڪڙو ملي ويو ۽ مان HEC ۽ MUET جون سڀ ريڪوائرمينٽس پوريون ڪرڻ کان پوءِ ڪوريا جي اڏام لاءِ تيار ٿيس.