پيش لفظ: سفر جو اقبال
زندگيءَ کي بہ ڏاهن هڪڙو سفر ئي سڏيو آهي. بس رڳو انھيءَ جي منزل جي خبر نہ هوندي آهي. باقي حياتيءَ ۾ جيڪي بہ سفر ڪجن ٿا، انھن ۾ منزل جي نوع تہ معلوم ئي هوندي آهي. چيو اهو بہ ويندو آهي تہ ’ميلي جي موٽ‘ خراب هوندي آهي. مطلب اهو ساڳيو نڪري ٿو تہ سفر تي نڪرڻ مھل جيڪو اُتساھہ اندر ۾ جاءِ والاريندو آهي. اهو واپسيءَ مھل ڪڏهن ڪڏهن هڪ بيزاريءَ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. وڏن پاران ٻُڌايل اها چوڻي يقينن پنھنجي جاءِ تي اهم هوندي، پر ننڍڙي مجيب جي هيءَ سفرنامي واري تحرير ڪوريا وڃڻ کان وٺي، پنھنجي گهر پھچڻ تائين هڪ لاڳيتو اُتساھہ آهي.
هن سفرنامي جي سڀ کان اهم ترين نوع، سندس سادي تحرير آهي. ليکڪ ڄاڻي ٿو تہ هُو لفظن جي بازيگريءَ کان اڻ واقف آهي. سنئون سڌو هڪ ’ريسرچر‘ آهي، جيڪو يونيورسٽيءَ جي تعليم حاصل ڪندي، تحقيق جي ميدان ۾ تہ گهڻو ڪجهہ ڪري سگهي ٿو، پر لفظن جي دنيا ۾ سندس پاڙ ايڏي پختي ڪونھي، جو عملي تحريري پريڪٽيڪل جا نتيجا سامھون اچي سگهن. تنھن هوندي بہ شابس آهي، جو ’ڪووِڊ-19‘ جي پاران عنايت ڪيل اڪيلائين ۾ هُن اهو لازم سمجهيو تہ ڇو نہ هن وقت جي خبرگيري ڪئي وڃي ۽ سجايو بڻائيندي يادگيرين جا ورقَ لکجن، اندر جي تجربن کي اوتجي ۽ ڇو نہ هڪ ڪتابي شڪل، سفرنامي جي صورت ۾ سامھون اچي.
تحرير جي اها ئي سادگي آهي، جيڪا سندس عنوانن کان وٺي، بابن جي اندر تائين جهاتي پارائي ٿي. هُن شعوري طور اها ڪوشش ڪئي آهي تہ جيڪي بہ نوجوان شاگرد يا ڏيھي مسافر ڪوريا وڃن ٿا، پوءِ اهي تعليم حاصل ڪرڻ وڃن، روزگار سانگي وڃن يا گهمڻ، وٽن ننڍين ننڍين ڳالھين جي مڪمل ڄاڻ هئڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ انھي ڳالھہ جو خاص خيال رکيو ويو آهي تہ شاگرد لڏي کي وڌ کان وڌ ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي.
عام زندگيءَ ۾ اهو ڏٺو ويو آهي تہ ڪيترائي شاگرد جيڪي تحقيق جي ميدان سان سلھاڙيل هوندا آهن، رڳو ڪجهہ شين کي پنھنجو محوَر بڻائيندا آهن. خاص طور تعليمي سرگرميون سندن گهڻو ڌيان ڇڪينديون آهن ۽ هُو تفريح کان ڪجهہ پرڀرو رهندا آهن، پر مجيب اقبال جي هن سفرنامي ۾ سندس ذات سان لاڳاپيل تعليم ۽ تفريح گڏوگڏ هلنديون رهن ٿيون. جيڪا هڪ خوبصورت روايت آهي.
مجيب نہ رڳو مشاهدو رکي ٿو، پر سندس مطالعو بہ ڪنھن لحاظ کان پوئتي نظر نٿو اچي. اوهان جيئن جيئن سندس تحرير جي حُسن ۾ گم ٿيندا ويندؤ، تيئن تيئن احساس ٿيندو تہ هن نوجوان جي اک جتي منظر جهٽي ٿي، اُتي ئي وري سندس ذهن بئڪ ڊراپ ۾ مطالعي جا ورقَ ورائيندو رهي ٿو. ڪتاب جو ڪوبہ چيپٽر کڻي ڏسو، تقريبن هر مشاهداتي اسم جو مطالعو ٿيل آهي. هُن هاسيڪار ڪوشش ڪري انھن سڀني جاين جڳھين جي پيرائتي ڄاڻ ڏني آهي تہ جيئن پڙهندڙن يا اُتي وڃڻ جو موقعو ماڻيندڙن جي خدمت ۾ پنھنجي مشاهدي سان گڏ ان جاءِ جڳھہ بابت ماضيءَ کان ويندي حال تائين جو سمورو احوال پيش ڪجي.
هڪ ڪامياب سفرناما نگار جي اهم خوبي بہ اها ئي هوندي آهي تہ هُو پاڻ جيڪي ڪجهہ ڏسي پَسي پيو، سو تہ پيش ڪري ئي ڪري، پر ان سان گڏ ان جون سموريون لوازمات شامل ڪري، جن ۾ ان بابت تاريخي ڳالھيون ۽ روايتون اهميت جون حامل هجن ٿيون. ساڳئي وقت ڪنھن بہ پرڏيھي ملڪ ڏي اُسھندڙ لاءِ اهو ضروري هجي ٿو تہ ان کي ان ملڪ جي تاريخ، تمدن، ثقافت، قانون وغيرہ بابت ضروري ڄاڻ هئڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ جيڪڏهن هن قسم جا سفرناما ميسر هجن تہ ڇا ڳالھہ آهي. ڪنھن گائيڊ يا سونھين جي پوءِ تہ ضرورت ئي ڪونھي، ڇاڪاڻ جو مجيب نہ رڳو پنھنجي هن سفرنامي ۾ اتي جي اُٿڻي ويھڻي ۽ ثقافت ۽ جاين جڳھين کي تہ پنھنجي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي، پر هُن اتي جي کاڌن پيتن جو بہ ذڪر پيرائتي نموني ڪيو آهي، جنھن جي ڪري ڪوريا ويندڙن لاءِ هي ڪتاب هڪ سونھين طور واھہ جو ڪم اچي سگهي ٿو.
مجيب، جيئن پھرين عرض ڪيوسين، تہ پنھنجي لکڻ ۾ بيحد سادو آهي. اها شاندار سادي ٻولي ڄڻ تہ سندس هڪ اهم خاصيت بڻجي وڃي ٿي. جيئن صفحي 127 تي لکي ٿو:
ايئر چائنا تمام سستي هئي. ايئر چائنا ڪوريا کان صبح 9 وڳي ھلندي ھئي ۽ شام 7 وڳي اسلام آباد ۽ رات 10:00 وڳي ڪراچي پھچندي هئي. ساڳيو جھاز رات 12:00 وڳي ڪوريا لاءِ روانو ٿيندو ھو. جڏهن بہ هوائي جھاز جا ٽائر پاڪستان جي رن وي تي لڳندا هئا تہ هڪ عجيب خوشي محسوس ٿيندي ھئي، جيڪا لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. اهو هڪ قدرتي احساس هو. ائين ئي گهروارن سان ملڻ جو احساس بہ لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، پر ڪراچي ايئرپورٽ تي لھڻ کان پوءِ ھر ڪا شئي ڄڻ اوندھ اوندھ ۽ مٽي مٽي لڳندي ھئي.
مون کي ويڪيشنز ۾ گاڏي ھلائيندي يا گهمندي ڦرندي پريشاني ٿيندي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ڪوريا ۾ پورو سال گاڏي نہ ھلائيندا ھئاسين ۽ ڪوريا ۾ روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ پيڊسٽريل جو استعمال ڪندا ھئاسين.
ويڪيشنز دوران مان پنھنجو گهڻو وقت گهروارن ۽ دوستن سان گذاريندو هيم. مانجهاندي کان وٺي رات جي مانيءَ جي دعوت ۽ پڪنڪ وغيرہ ۾ ڏينھن گذرندا ھئا. ويڪيشنز دوران ريسرچ جي ٽينشن ختم ٿي ويندي ھئي ۽ ايندڙ سال لاءِ تازو ٿي ويندو هيم.
يا وري صفحي 186 کي پڙهي ڏسو:
مان يونيورسٽيءَ ۽ پروفيسر جي گريجوئيشن ريڪوائريمينٽس پوري ڪرڻ کان پوءِ پروفيسر کي چيو تہ، ”مون کي گريجوئيٽ ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي.“ پروفيسر ڪجهہ ڀيرا انڪار ڪرڻ کان پوءِ نيٺ مون کي اجازت ڏئي ڇڏي. اجازت ملڻ کان پوءِ مان ڊيزرٽيشن (ٿيسز) لکڻ شروع ڪيم ۽ گڏوگڏ پريزينٽيشن بہ ٺاهڻ شروع ڪئي. مون پي ايچ ڊي جون ٽي پريزينٽيشنز ڏنيون. هر پريزينٽيشن کان پوءِ کوڙ سوال پڇا ويندا هئا، جنھن جا جواب ٻي پريزينٽيشن ۾ ڏيڻا هوندا هئا. منھنجي ٽين ۽ آخري پريزينٽيشن 18 نومبر 2018ع تي ٿي. پريزينٽيشن ڪميٽيءَ ۾ منھنجو پروفيسر، ڊپارٽمينٽ جا سينئر پروفيسرز، چيئرمين، ڊين، انڊسٽريل ايڪسپرٽ ۽ ايڪسٽرنل شامل هئا. ڪميٽيءَ آخري پريزينٽيشن کان پوءِ مون کي سڏي، مون سان هٿ ملايو ۽ مون کي ’ڊاڪٽر‘ جو خطاب ڏنو. اهو ڏينھن منھنجي لاءِ تمام خوشيءَ جو ڏينھن هو، ڇو جو ان ڏينھن مان اَن آفيشلي (Unofficially) گريجوئيٽ ٿي چڪو هيس.
هي هڪ سادي سُودي ’علمي اڪابر‘ جي تحرير جا ٻہ نمونا آهن، جيڪي سڄي اظھار خيال کي سگهارو بڻائين ٿا. تحرير گفتگوءَ جو پيرايو رکي ٿي، هُو جيئن سوچي ٿو، تيئن ڳالھائي ٿو ۽ جيئن ڳالھائي ٿو، تيئن لکي ٿو.
مجيب جي پاران ڏنل نالا بہ بنھہ سادا آهن. ڪٿي بہ اوهان کي ڪو بہ عنوان اهڙو نظر نہ ايندو، جيڪو جُڙتو لڳندو هجي. ’سادونگ ۾ رولاڪي‘، ’غير نصابي سرگرميون‘، ’ڪوريَن منھنجي نظر ۾‘، ’وانداڪائيءَ ۾ ويتنام جو دورو‘... اشاري طور اسان ۽ اوهان لاءِ ڪافي آهن. مجيب کي لڳي ٿو تہ هر شئي جي بنياد تائين پھچڻ جو شوق آهي، تنھن ڪري هُن جيڪو بہ موضوع کنيو آهي. تنھن سان بنيادي طور تائين نباهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿائين... پوءِ ڪوريا جا شھر هجن يا گهمڻ جون جايون، صوبا هجن يا تعليمي نظام... مجيب ان ڳالھہ جي شدت سان ڪوشش ڪئي آهي تہ پڙهندڙ کي هر ڳالھہ کان بخوبي واقف ڪيو وڃي. مثال طور ڪوريا ملڪ جو نالو کڻڻ ساڻ ئي جيڪو تفصيل گهربل آهي ڄڻ تہ هن ڪوزي ۾ درياھہ وانگر هڪدم سامھون آندو آهي. ’ڪوريا جو تعارف‘، ’ڪوريَن جيوگرافي‘، ’ڪوريَن ڪلچر‘، ’ڪوريَن ڪرنسي‘، ’ڪوريا جو تعليمي سسٽم‘، ’ڪوريَن قومي ٻولي‘، ’ڪوريَن روايتي لباس‘، ’ڪوريَن کاڌا‘، ’ڪوريَن ٽيڪنالاجي‘، ’ڪوريَن سب وَي‘، ’ڪوريَن بسون‘، ’ڪوريَن انٽرنيٽ انڊسٽري‘، ’ڪوريا ۾ رهڻ لاءِ اهم دستاويز‘، ’ڪوريَن منھنجي نظر ۾‘... اهي سڀ عنوان هڪ ئي نسبت سان اسان جي سامھون اچن ٿا، جيڪا ان ڳالھہ جي ثابتي آهي تہ مجيب ترتيبوار ڪم ڪري ٿو.
پنھنجي ’حاصلِ سفر‘ ۾ مجيب لکي ٿو:
منھنجو ھي سفر ڪاميابين ۽ سير و تفريح سان ڀريل نظر اچي رهيو ھوندو، پڙھندڙن محسوس ڪيو ھوندو تہ مان ڪيئن سوَلي ۽ سھڻي نموني گهمي ڦري بہ آيس ۽ پي ايچ ڊي بہ ٿي وئي، پر دراصل ائين نہ آھي. ھن سفر ۾ بي انتھا پريشانيون ۽ تڪليفون پڻ شامل ھيون.
مان صرف ۽ صرف حاصل نہ ڪيو پر گهڻو ڪجهہ وڃائي بہ ڇڏيو، پر زندگيءَ ۾ بنا تڪليف يا ڪجهہ وڃائڻ کان بنا ڪا بہ شي سوَلائيءَ ڪونھي ملندي.
اهو سادو سُودو اظھار، اسان ۽ اوهان کي گهڻو ڪجهہ ٻُڌائي ويو آهي. سفر وسيلہءِ ظفر هوندو آهي، پوءِ کڻي سوَلو هجي يا ڏکيو. ان سڄي سفر مان مجيب اقبال بہ گذري آيو آهي. کيس سفر جو اهو اقبال مبارڪ هجي.
محمود مغل
خميس 18 نومبر 2021ع
امرتا ڇاپ گهر
باسم چيمبر - حيدرآباد