ڪورِيَن منھنجي نظر ۾
اڪثر گهر وارا ماڻھو نيرن ڪري اچن ٿا. نيرن جو ٽائيم صبح جو 7 يا 8 وڳي آھي. باقي ھاسٽلن ۾ رھندڙ ڪوريئن شاگرد صبح جو جڏھن ليب ۾ ايندا ھئا تہ انھن جي ھٿ ۾ بليڪ ڪافي جو ڪپ ھوندو ھو، جيڪو سياري ۾ گرم ۽ اونھاري ۾ ٿڌو ھوندو ھو. ڪافيءَ ۾ کنڊ ۽ کير بلڪل نہ ھوندا هئا. تقريبن 8 يا 9 وڳي تائين ھر ڪو پنھنجي آفيس، ڪلاس يا ليب پھچي ويندو ھو. پوري 12 وڳي لنچ ٽائم ھوندو ھو. ھر ڪو لنچ ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪري ويندو ھو. ڪورين اڪثر ڪري ريسٽورنٽ تي ماني کائيندا آھن. اتي اھو ٻڌائڻ لازمي ٿو سمجهہان تہ ڪير بہ ڪيترو ئي مصروف ڇو نہ ھجي يا ڪيترو ئي ڪم رھيل ھجي، پر 12 کان 1 وڳي جي وچ ۾ مون ڪڏھن بہ ڪنھن ڪورين کي ڪم ڪندي نہ ڏٺو. ان لنچ بريڪ ۾ ھر ڪو ماني کائيندو ھو ۽ دوستن سان ڪچھري ڪري فريش ٿي ويندو ھو. شام جو 6 وڳي ڊنر ٽائم ھوندو ھو ۽ ائين ئي لنچ ٽائم وانگر بغير ڪو ٽائم ضائع ڪرڻ جي 6 وڳي ڊنر تي نڪري ويندا ھئا ۽ 7 وڳي واپس موٽي ايندا ھئا. رات جو دير تائين ھر ڪو ڪم ۾ مصروف رھندو ھو. ڪورين ھر مانيءَ کان پوءِ برش ڪندا ھئا.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي تہ ڪوريا ۾ ذات پات جو نظام تمام عام آهي. ڪورين نالي کان اڳ ذات لڳائيندا آھن. جيئن منھنجي پروفيسر جي ذات ’ڪِم‘ هئي، ليب ميٽس جون ذاتون ’بَيڪ‘، ’اِم‘ ۽ ’جيون‘ ھيون. اعلي ڪورين ذاتون ’ڪِم‘ (Kim)، ’لي‘(Lee) ۽ ’پارڪ‘ (Park) آھن. جيئن ’ڪِم جونگ ان‘ جيڪو اتر ڪوريا جو سربراھہ آھي، ھن جي ذات ’ڪِم‘ آھي.
ڪورين سٺا ڪپڙا پائڻ جا ڏاڍا شوقين ھوندا ھئا. ھر شئي برانڊيڊ (Branded) پائيندا ھئا. ھونئن تہ عام طور ڪورين جا ڪپڙا يوني سيڪس (Unisex) ھوندا آھن معنيٰ تہ گهڻو ڪري ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڪپڙا جھڙوڪ شرٽ، جينز ۽ جوتن ۾ ڪو فرق ڪونھي. ڪورينز جا ڪپڙا موسمي (سيزن وائز) ھوندا ھئا. ھڪ سياري ۾ جيڪي ڪپڙا ورتا، اھي ٻئي سياري لاءِ ڪونہ رکندا ھئا. ائين ھڪ اونھاري جا ڪپڙا ٻئي اونھاري ۾ استعمال نہ ڪندا ھئا. ڪپڙا استعمال ڪري ھڪ سائي رنگ جي دٻي ۾ رکي ڇڏيندا ھئا، جتان اھي ڪپڙا ٻين ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ڪيا ويندا ھئا. مون ڪڏھن بہ ڪنھن ڪورين جي ڪپڙن تي ماني يا ٻي ڪنھن شئي جا داغ نہ ڏٺا.
ڪورين پرفيومز جا بہ وڏا شوقين آهن. مھانگي ۾ مھانگي پرفيوم استعمال ڪندا، پر ھنن جون پرفيومز لائٽ ھونديون ھيون، اسان جي پرفيومز کان انھن کي الرجي ٿيندي ھئي، ڇو جو اسان جون پرفيومز تيز ھونديون ھيون.
ھيئر ڪٽنگ proper ھوندي اٿن، مطلب تہ ھڪ پروفيشنل ڏيک انھن جي اندر ھوندو ھو. اڪثر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ھيئر ڪٽنگ سيلون بہ ساڳيا ھوندا ھئا.
ڪورين ڇوڪرين جو ميڪ اپ کان بغير گذارو ڪونھي. گڏوگڏ اکين، ڪنن، چپن ۽ جسم جي ڪجهہ خاص حصن جي سرجري بہ انھن ۾ عام آھي. ھتان جي سرجري سڄيءَ دنيا ۾ مشھور آھي.
ياد رھي تہ ڪوريا ۾ انشورنس کان بغير علاج ڪرائڻ عام ماڻھوءَ جي وس جي ڳالھ ناھي. ڪورينز صفا آھستي ۽ ھلڪي آواز ۾ ڳالھائيندا آهن. ڳالھائڻ ۾ ڪورين تمام سٺا ھوندا آهن. تمام پولائٽ وي ۾ ڳالھائيندا... تڪڙو ڪڏهن ڪونہ ڳالھائيندا.
ڪورين جي کائڻ پيئڻ ۾ کنڊ، تيل ۽ لوڻ نہ ھجڻ جي برابر ھوندا آھن. صحتمند کاڌا کائڻ کان علاوہ ايڪسرسائز ۽ ويڪ اينڊ تي گهڻي گهمڻ جي ڪري ڪورين جي اوسط زندگي تقريبن 80 سال آھي. جيڪا پاڪستاني يا ٻين ايشين ملڪن کان تمام وڌيڪ آھي.
ڪورينز وٽ ھڪ ٻيو ٽرينڊ آھي تہ ھُو ڪافي شاپ ۾ گهڻو وقت گذاريندا آھن. ڪافي شاپ ۾ ڪافي پيئڻ سان گڏ آفيس جو ڪم ڪار بہ ڪندا آھن. انھي ڪري انھن وٽ ھڪ ٽرينڊ متعارف ڪرايو ويو آھي، جنھن کي ڪوفيس (Coffice) چئبو آھي معنيٰ ڪافي سان گڏ آفيس جو ڪم ڪرڻ.
سڄو ھفتو ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪورينز ويڪ اينڊ (ڇنڇر ۽ آچر) گهمڻ ڦرڻ ۾ گذاريندا آھن. ان جي برعڪس اسان پاڪستاني ويڪ اينڊ تي ننڊ ڪرڻ پسند ڪندا آھيون. مون کي اھا ڳالھ سمجهہ ۾ ڪونھي ايندي تہ اھا قوم ايتري گهٽ ننڊ ڪيئن ٿي ڪري؟ نوجوان ويڪ اينڊ شھرن ۾ گهمڻ ڦرڻ يا ڪلبن ۾ گذاريندا آھن. جوڙا بہ ويڪ اينڊ تي ڪلب وڃي، اتي انجواءِ ڪندا آھن ۽ ان کان علاوہ پارڪ ۽ ٻين گهمڻ جي جڳھين تي ويندا آھن. جڏھن تہ بزرگ ويڪ اينڊ تي جبلن تي ھائيڪنگ ڪندا يا موٽر سائيڪلن تي گهمڻ نڪري ويندا آھن.
ڪوريا ۾ ڪيش جو استعمال تمام گهٽ آھي. تقريبن ھر شئي ڪارڊ يا آن لائن خريد ڪئي ويندي آھي. اڪثر آن لائن خريداري ’جِي مارڪيٽ‘ GMARKET يا ڪوپانگ (Coupang) تان ڪئي ويندي ھئي. ڪيش جو استعمال وڌ ۾ وڌ منھنجي نظر ۾ ٽي مني ڪارڊ کي ريچارج ڪرڻ لاءِ ٿيندو ھو، نہ تہ اسان ڪوريا ۾ ڪيش نہ ھجڻ جي برابر رکندا ھياسين.
ائين ئي چاٻيءَ جو استعمال بہ تمام گهٽ آھي. جئين مان توھان کي اڳ ۾ ٻڌايو تہ ھاسٽل جي روم کان وٺي انجينئرنگ بلڊنگ جي ليب تائين ھر ڪا شئي پاسوَرڊ يا ڪارڊ تي ھوندي ھئي.
مون پنھنجي ٽن سالن جي رھائش دوران ڪڏھن بہ ڪنھن ڪورين کي وڙھندي نہ ڏٺو ۽ نہ ئي تيز ڳالھائيندي ڏٺو. ھڪ دفعو ھڪ ازبڪ ھڪ مسئلي تي ڪورين سان اٽڪي پيو. تڏھن بہ ڪورين نہ تيز ڳالھايس ۽ نہ ئي ان کي ڌمڪي ڏيڻ جي اسٽائل ۾ ھيو، جڏھن تہ ازبڪ تيز پيو ڳالھائيس. اتي اھو ياد رھي تہ اگر ڪڏھن بہ ٻن ماڻھن ۾ جهيڙو ٿي وڃي ۽ جنھن پھريون ھٿ کنيو تہ سڄو ڏوھہ ان تي اچي ويندو. ان ڪري ڪڏھن بہ ڪو جهيڙو وغيرہ نہ ڏٺوسين. ڪوريا ۾ ڪنھن سان جنسي زيادتي ڪرڻ واري کي سزا ۾ نامرد ڪري ڇڏبو آھي.
ڪورين صبح جو گهر مان نڪرڻ کان پھريان ھڪ تہ موبائل تي موسم چيڪ ڪندا ھئا ۽ ٻيو ان کي ڏسي ڇٽي (Umbrella) گڏ کڻندا ھئا. ڪوريا جو موسم انپريڊڪٽيبل ( Unpredictable) يعني غير متوقع آھي. يعني اسان ان کي ’پريڊڪٽ‘ نٿا ڪري سگهون تہ برف باري ٿيندي يا مينھن وسندو يا نہ. ان ڪري انھن سان گڏ ننڍي ڇٽي سدائين ھوندي ھئي.
ڪوريا ۾ ليبر ڏاڍي مھانگي آھي. مثال طور ھڪ سائيڪل جنھن جي قيمت ستر ھزار وون ھوندي ھئي، ان جو ھڪڙو ٽائر 30 ھزار وون جو ھوندو ھو ۽ ائين اگر ان جو ٽيوب پنچر ٿي وڃي تہ ان کي ٺھرائڻ جي چارجز ڏھہ ھزار وون ھوندي ھئي. ائين ئي پينٽ توھان کي 20 ھزار وون جي ملي ٿي تہ ان کي الٽر ڪرائڻ جا ڏھہ ھزار وون ھوندا ھئا. ان ڪري اڪثر ماڻھو پراڻين شين تي نيُن شيُن کي ترجيح ڏيندا آھن.
ڪوريا ۾ پراڻن گاڏين جو ٽيڪس بہ گهڻو ھو.
ڪورين ڪڏھن بہ ڪنھن کي گهوري نہ ڏسندا ھئا ۽ نہ ئي ڪنھن کي ڪو اک کڻي ڏسندو ھو. توھان کي سب وي ۾ يا گهمندي ڦرندي ائين لڳندو تہ توھان اڪيلا گهمي رھيا آھيو ۽ ڪوئي توھان کي نہ ڏسي رھيو آھي.
ڪورين جي ھڪ خراب عادت، اھا ھئي تہ موبائل جا ماريل ھئا مطلب تہ ڇا بہ ٿي پوي پر موبائل مان اک نہ ڪڍندا ھئا.
ھو ڪمپيوٽر گيمز جا بہ وڏا شوقين آھن. آن لائن ڪمپيوٽر گيمز جا باقائدہ ٽورنامينٽ ٿيندا آھن.
اتي پاڪستانين کي گهٽ پسند ڪيو ويندو ھو. ان جو ثبوت اھو ھو تہ اگر ڪنھن ريسٽورنٽ تي پاڪستاني ريسٽورنٽ لکيل ھوندو ھو تہ ڪورين ان تي گهٽ وڃڻ پسند ڪندا ھئا. ان جي مقابلي ۾ جنھن تي انڊين ۽ ترڪش ريسٽورينٽ لکيل ھوندو آھي تہ ھُو ان کي پسند ڪندا ھئا. اگر توھان سب وي ۾ سفر ڪيو ٿا ۽ ڪنھن توھان کان پڇي ورتو تہ توھان ڪٿي جا آھيو؟ ۽ توھان ٻڌايو تہ مان پاڪستان جو آھيان تہ يا تہ ھُو سيٽ مَٽائي ويندو يا تہ اتان اٿي ويندو. ان ڪري ڪجهہ دوست پنھنجي پاڻ کي دبئيءَ جا عرب چوندا ھئا، جنھن جا مطلب بہ گهڻا. اھا اسان لاءِ ھڪ نيگيٽو پوائنٽ ھئي، جيڪو اسان جي ئي ھٿ جو ٺاھيل اميج (Image) آھي. پاڪستان جي ريپوٽيشن (Reputation) ڪوريا ۾ سٺي نہ آھي. گڏوگڏ دھشتگرديءَ جو داغ بہ اسان تي لڳل ھو.
ڪوريا ھڪ ترقي يافتہ ملڪ آھي. ڪوريا جي ڪرنسي ھونئن تہ پاڪستان کان گهٽ آھي. پاڪستان ۾ ھڪ ڊالر جي قيمت اڄ ڪلھ 165 روپيا آھي، جڏھن تہ ڪوريا ۾ ھڪ ڊالر جي قيمت تقريبن 1200 وون آھي، پر اتان جي ماڻھن جي جيڪا آمدني آھي، اھا اسان جي ملڪ جي ماڻھن کان تمام وڌيڪ آھي. اتي عام ماڻھو جي پگهار 4 کان 5 ھزار ڊالر ٿئي ٿي. جڏھن تہ پاڪستان ۾ عام ماڻھو جي پگهار 200 کان 300 ڊالر تائين آھي.
جيئن اسان وٽ واٽس ايپ آھي، ھنن وٽ پنھنجو ميسيجنگ سافٽويئر آھي، جيڪو ’ڪڪائو‘ (Kakao) نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪڪائو ۾ آڊيو ۽ ويڊيو ڪال کان علاوہ بسن جو سسٽم، ٽيڪسين جو سسٽم ۽ بينڪنگ جي سھوليت پڻ موجود آھي.
ائين ئي انھن جي سرچ انجن بہ پنھنجي آھي، جيڪا ’نيور‘ (Naver) نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، جڏھن تہ اسان وٽ ’گوگل‘ استعمال ٿيندو آھي.
ڪورينز اسپا ۽ مساج جا بہ وڏا شوقين آھن.
انھن کي ڪتا ۽ ٻليون پالڻ جو بہ وڏو شوق آھي. ھُو انھن جو پنھنجن ٻچن کان وڌيڪ خيال رکن ٿا.
ڪوريا ۾ گهڻن ماڻھن جو تہ مذھب ئي ڪونھي ۽ ڪجهہ جو ڪرسچينٽي يا ٻُڌ مت مذھب آھي. مسلمانن جو انگ صفا گهٽ آھي. ڪورين اسان کان اسلام، حضرت عيسيٰ عليہ السلام، سُوئر جي گوشت ۽ شراب بابت تمام گهڻا سوال پڇندا ھئا. ھاڻي ھڪ ڪورين نوجوان مسلمان جنھنجو نالو ’دائود ڪِم‘ آھي، انھن موضوعن تي سٺا پروگرام ڪري ٿو.
ڪورين ۽ اسان ۾ دوري يا دوستي نہ ھجڻ جو وڏو سبب سُوئر جو گوشت نہ کائڻ ۽ شراب نہ پيئڻ آھي.
ڪوريا ۾ گهر جي صفائي، ڪار جي صفائي، ڪار ۾ پيٽرول ڀرڻ يا ڪپڙا ڌوئڻ سڀ ڪجهہ پاڻ ڪبو آھي.
ڪوريا ھڪ سائيڪل دوست ملڪ آهي. سائيڪلن لاءِ تمام گهڻا رستا آهن. ڪوريا ۾ سائيڪل ھلائڻ جو ھڪڙو پنھنجو ئي مزو آھي. ڪوريا ۾ توھان کي جڳھ جڳھ تي سائيڪل اسٽينڊ نظر ايندا. اڪثر ڪورين سائيڪلون بہ ڀاڙي تي وٺي ھلائين ٿا. سائيڪل جو سال جو ڪارڊ ٺھي ٿو. ان ڪارڊ ذريعي توھان ھڪ سائيڪل اسٽينڊ کان ٻي سائيڪل اسٽينڊ تائين سائيڪل ھلائي سگهو ٿا. ھر سَب وَي، وڏن بس اسٽاپن، وڏن رھاشي علائقن ۽ يونيورسٽين وٽ سائيڪل اسٽينڊ ھوندا ھئا.
توھان کي ڪوريا ۾ جڳھ جڳھ تي وينڊنگ مشينون نظر اينديون. انھن وينڊنگ مشينن جي ذريعي عام شيون جھڙوڪ پاڻي، ڪولڊ ڊرنڪ، ببل ۽ اھڙيون تمام شيون 500 وون کان 1000 وون ۾ ڪڍي سگهون ٿا.