سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا ڏانھن اُڏام

آخرڪار اهو ڏينھن بہ آيو، جنھن ڏينھن آئون ڪوريا ڏانھن اڏامي رهيو هيس. اسان ھڪ سوزوڪي APV بُڪ ڪرائي، ڊرائيور ڪيريئر ۾ منھنجو سمورو سامان ٻڌو ۽ گاڏي ڀري نڪتاسين. اسان صبح جو 9.00 وڳي ڄامشورو ڇڏيو ۽ سپر هاءِ وي تي ناشتو ڪيو. ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر احسان احمد سومري جي گهر تي ڪچھري ۽ مانجهاندو ڪيو، ٿوري دير آرام ڪيم. شام جي ريفريشريشمنٽ طاھر احمد سومري جي گهر تي ھئي. نيٺ رات 8 وڳي گلستانِ جوھر کان ايئرپورٽ لاءِ روانو ٿياسين. اهو پھريون ڀيرو هو، جڏهن منھنجي دل پريشان ھئي ۽ منھنجيون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون.
ايئرپورٽ پھچي، مون ڪجهہ پاڪستاني روپيا ڊالرز ۾ تبديل ڪرايا، ڇاڪاڻ تہ ڪورين وون پاڪستان ۾ نہ ملندا آهن. ان ڪري اسان پاڪستاني روپيا ڊالرز ۾ تبديل ڪرائي ڪوريا کڻين ويندا ھئاسين ۽ ڪوريا پھچي ڊالرز کي وون ۾ تبديل ڪرائيندا ھئاسين. ان وقت ھڪ پاڪستاني روپئي ۾ 10 وون ملندا ھئا.
ھاڻي وقت هو ڪٽنب کي الوداع چوڻ جو، جنھن ۾ ابو، امي، گهرواري، پٽ، ڀاءُ ۽ ڀيڻون شامل ھيون. خاص طور ابو، امي ۽ گهرواري کي الوداع چوڻ ڏاڍو ڏکيو هو. مون کي ياد آهي اهو ڏينھن جڏهن مان والدين سان آخري ڀيرو مليو هيس تہ مان ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ اکين ۾ لڙڪ نہ اچن، پر اکيون آليون ٿي ئي ويون. مان سوچيو بھتر آهي تہ جلدي جلدي الوداع چئجي نہ تہ ڪم گهڻو ٿي ويندو. بھرحال مان تڪڙو الوداع ڪندي ۽ پنھنجي ڪٽنب جا مُنھن ڏسندي چيڪنگ زون ۾ داخل ٿيس. مان پنھنجي پاڻ کي چئي رهيو هيس تہ، اھا بہ ڇا زندگي آ جنھن ۾ ماڻھو خاندان کان پري ھجي. پنھنجي پاڻ کي چئي رهيو هيس تہ اهو وقت جلد کان جلد ختم ٿي وڃي تہ جيئن آئون ٻيھر پنھنجي گهروارن کي ڏسي سگهان.
بھرحال چيڪنگ کان پوءِ بورڊنگ پاس ورتم ۽ اميگريشن واري لائن ۾ بيٺس. اميگريشن آفيسر پاسپورٽ، ٽڪيٽ ۽ NOC چيڪ ڪري اڳتي ڪيو، جتان پاڪستان مان EXIT ٿيڻ جو ٺپو لڳو، پوءِ آئون ويٽنگ لائونج ۾ ويس، جتان مان فون ڪري مِٽن مائٽن، دوستن ۽ استادن کي الوداع چيو. ڪجهہ ديرکان پوءِ ٿائي ايئر ذريعي بئنڪاڪ ويندڙ مسافرن لاءِ اعلان ٻڌم تہ جھاز بورڊنگ لاءِ تيار آھي. ماڻھن قطار ٺاھڻ شروع ڪئي، بورڊنگ پاس چيڪ ڪرائڻ بعد آئون هوائي جھاز ۾ داخل ٿيس ۽ پنھنجي سيٽ ورتم. هوائي جھاز جي روانگيءَ جو وقت رات جا 12.15 هو. اٽڪل 15 منٽن تائين هوائي جھاز رَنوَي تي ھلندو رھيو ۽ پوءِ اڏام لاءِ تيار ٿي ويو. هوائي جھاز جي انجڻ زور سان ھلڻ شروع ٿي ۽ READY FOR TAKE OFF جو آواز آيو. جيئن ئي جھاز رَن وَي تان اڏام ڀري تہ منھنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، دل تيز پئي ھلي ۽ گهٻراهٽ بہ ٿي پئي. اھا اھڙي ڪيفيت ھئي جو اھو وقت ياد ڪري دل اڄ بہ اداس ٿي ويندي آھي. ڪجهہ سيڪنڊن کان پوءِ جھاز ھوائن ۾ ھو، جھاز ۾ گهڻيون سوچون آيون، اکيون بہ آليون ٿيون، نيٺ پوءِ ننڊ اچي وئي.
ڪراچيءَ کان بئنڪاڪ چار ڪلاڪن جي اڏام هئي. ٿائلينڊ جي مقامي وقت مطابق اسان تقريبن صبح 7:00 وڳي بئنڪاڪ ۾ لينڊ ڪيو. ٿائلينڊ ايئرپورٽ جي Structure کي ڏسي، مون کي واقعي حيرت ٿي هئي، ڇاڪاڻ تہ اھو انجنيئرنگ جو ھڪ شاھڪار ھو. ايئرپورٽ جي وڏي حصي ۾ ڊيوٽي فري دڪان يا شاپس، مساج پارلر، ڪافي شاپس، مختلف ريسٽورنٽز، گڏوگڏ مسجد ۽ حلال ريسٽورنٽ بہ هئا. مون ڪجهہ وقت مسجد ۾ گذاريو، پوءِ ھڪ ريسٽورنٽ تي اوٻاريل بيضن ۽ ڪافيءَ سان ناشتو ڪيو. ڪجهہ دير ايئرپورٽ گهميم. ھڪ ڪالنگ ڪارڊ خريد ڪيم ۽ والد کي فون ڪيم، هُو ننڊ ۾ ھو، ڪجهہ دير کان پوءِ ڪال کنيائون ۽ حال احوال ٿيو. مون هنن جي آواز مان محسوس ڪيو تہ هُو RELAX هيا، تنھن ڪري منھنجي دل بہ مطمئن ٿي وئي. ايئرپورٽ تي ڪجهہ وقت گذارڻ بعد اسان ٿائلينڊ کان هڪ ٻئي هوائي جھاز ۾ صبح جو 10.30 وڳي هانگ ڪانگ لاءِ اڏام ڀري. منجهند جو 2.30 وڳي اسان هانگ ڪانگ ايئرپورٽ تي پھتاسين. هڪ ڪلاڪ جي LAY OVER کان پوءِ، ساڳئي جھاز 3:30 وڳي هانگ ڪانگ کان ڪوريا لاءِ اڏام ڀري ۽ رات جو 8:00 وڳي جھاز ڏکڻ ڪوريا جي انچئن ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو.