سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

سادونگ ۾ رولاڪي

مان توھان کي اڳي ئي ٻڌايو ھو تہ اسان جي يونيورسٽي سنگنوڪگو جي سادونگ ايريا ۾ واقع آھي. سادونگ ۾ ڪيترائي دڪان، ڪيفي (ڪافي شاپس) ۽ ريسٽورنٽ هئا. خاص طور هتي اسان لاءِ ھڪ دڪان LUCKY MART ھو، جيڪو ’مائي شاپ‘ نالي سان مشھور هو.
جڏهن شروعاتي دور ۾ پاڪستاني شاگرد هتي آيا ھئا تہ اھي لڪي مارٽ کان حلال گوشت، مصالحا ۽ چانھہ جي پتي وٺندا ھئا. اھو واحد دڪان ھو جنھن وٽ حلال گوشت، مصالحا ۽ چانھہ جي پتي ھوندي ھئي. دڪان جي مالڪ هڪ 80 ورھين جي ڪورين خاتون هئي، ان ڪري انھي دڪان کي ’مائي شاپ‘ سڏيندا ھئا. اسان پڻ انھي دڪان تان خريداري ڪندا ھئاسين. مان توھان کي ڪجهہ مکيہ شين جون قيمتون ٻڌائيندو ھلان.
• ڪڪڙ 5000 وون يا 500 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• بيف 13000 وون يا 1300 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• ليمب 18000 وون يا 1800 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• ٽماٽا 5000 وون يا 500 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• چانھہ جي پتي 8000 وون يا 800 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• ڪڻڪ 1000 وون يا 100 پاڪستاني روپيا في ڪلو
• ڪوڪنگ جو تيل 5000 وون يا 500 پاڪستاني رپيا في ليٽر
• صوف 5000 وون يا 500 پاڪستاني رپيا في ڪلو
• انڊا 1000 وون يا 100 پاڪستاني رپيا درجن
سادونگ ۾ ڪيترائي پيزا جا دڪان هئا جھڙوڪ ’پيزا ھَيوِن‘، ’مسٽر پيزا‘، ’پيزا هٽ‘ ۽ ’اسڪول پيزا‘. اسڪول پيزا جا پيزا سستا ترين ھئا. ھڪ چيز پيزا جي قيمت 7000 وون يا 700 پاڪستاني رپيا ھئي. اسان اڪثر ڪري چيز پيزا، شرمپ (جهينگا) پيزا ۽ ويجيٽيبل (سبزي) پيزا کائيندا ھئاسين.
هتي هڪ دڪان جنھن جو نالو Pomme Frites ھو. اتي مشھور فنگر فرائيز (چپس) ملندا ھئا. هڪ ننڍڙي چپس باڪس جي قيمت 10000 وون يا 1000 پاڪستاني روپيا ھئي.
هتي هڪ ميڪسيڪن ريسٽورنٽ بہ ھو جنھن جو نالو Dosmas ھو. اھو ھڪ فاسٽ فوڊ ريسٽورنٽ ھو، اسان اتان بريٽو کائيندا ھئاسين. بريٽو رول وانگر هو. جنھن ۾ هو چانور، چپس ۽ سبزي وجهندا ھئا. انھي جي قيمت 5000 وون يا 500 پاڪستاني روپيا ھئي. ميڪسيڪن بريٽو ڏاڍو اسپائسي ھوندو ھو.Dosmas ۾ مون پھريون ڀيرو آرڊر مشين تي ڪيو ھو. جيڪي مشينون اڄڪلھ پاڪستان ۾ ڪجهہ ريسٽورنٽز تي دستياب آھن.
مشھور سب وي بہ ھو جتان توھان پنھنجي مرضي جا سينڊوچ ٺھرائي سگهو ٿا. ھتي مشھور ٽوسٽ جو دڪان بہ ھو جنھن جو نالو ’آئيزيڪ‘ (ISAAC) ھو. سادونگ ۾ مشھور اسٽاربڪز ڪافي Starbucks شاپ بہ هئي. مشھور ’ايديا ڪافي شاپ‘ بہ ھو.
هتي جوس جو هڪ مشھور دڪان پڻ هيو، جنھن کي جوسي سڏبو ھو. هڪ مشھور بيڪري بہ ھئي، جنھن جو نالو ’پيرس بيگوئيٽ‘paris Baguette ھو.
يونيورسٽيءَ جي ڀرسان هڪ هندوستاني حلال ريسٽورنٽ بہ هو، جنھن جو نالو ’ڪنزا انڊين ريسٽورنٽ‘ ھو. ڪوريا ۾ حلال ريسٽورنٽز ۾ حلال کاڌو تمام مھانگو هوندو هو.
سادونگ ۾ ڪيتريون ئي سيلون هيون، جيڪي ٻنھي جنسن لاءِ هيون. گهڻو ڪري عورتون ھيئر ڊريسر ھيون. عام وارن جي ڪٽنگ جا چارجز 8000 وون يا 800 پاڪستاني رپيا ھئا.
هتي يونيورسٽيءَ جي ويجهو هڪ سوئمنگ تلاءُ پڻ هو. جتان مان بہ ترڻ سکيس.
يونيورسٽيءَ جي ويجهو ڪيترائي سنوڪر جا دڪان هئا، جتي اسان سنوڪر کيڏندا هئاسين.
سادونگ ۾ ڪيترائي پارڪ هئا، پر اَنسان ليڪ پارڪ مشھور هو. سادونگ ۾ پاڻي وارو وهڪرو پڻ هو، جيڪو جبلن مان ايندو ھيو ۽ سادونگ پار ڪري سمنڊ ۾ وڃي ٿو. ان وهڪري تي تقريبن 10 ڪلوميٽرن تائين واڪنگ ۽ سائيڪلنگ ٽريڪ هو.
اسان جي ڪيمپس ڀرسان ٽي سب وي اسٽيشنون آھن؛ ھندي آپ، سنگنو ڪسو ۽ جُنگانگ. ڪيمپس کان مختلف بسون ٽنھي سب وي اسٽيشنن تائين وينديون ھيون. ڪيمپس جي بس صرف ھندي آپ ويندي ھئي، جيڪا بس اسان لاءِ مفت ھئي. بسن جو ڀاڙو عام طور 1200 وون هو. بسن ۽ سب وي جي ڀاڙي جو سسٽم پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن. جيڪڏهن توهان بس ورتي ۽ بس ڇڏڻ کان 30 منٽن اندر سب وي ورتي تہ پوءِ ڪا بہ في چارج نہ ڪئي ويندي ھئي.
ڪيمپس جي شٽل ھندي آپ کان پوءِ لوٽي ۽ ھومپلس ويندي ھئي. لوٽي ۽ ھومپلس وڏا شاپنگ مال آھن ۽ انھن جي چَين پوري ملڪ ۾ آھي. لوٽي ۽ ھومپلس ۾ اڪثر پاڪستاني خريداري گهٽ پر گهمڻ گهڻو ويندا ھئا. ٻنھي مالز ۾ ڪيئي ريسٽورنٽ پڻ ھئا. لوٽي ۾ سئنيما ۽ ٻارن جي کيڏڻ جو ايريا بہ ھو.
اسان اڪثر واڪ ڪري جُنگانگ ويندا ھئاسين، جيڪو اسان جي ڪيمپس کان تقريبن اڌڪلاڪ (30 منٽن) جو پنڌ ھو. جُنگانگ ڪيترن ئي دڪانن، ڪيفي، بارز ۽ ريسٽورنٽز سان ڀريل هڪ جديد شھر هو. مشھور ريسٽورنٽز ۾ ’ايشلي‘ (بفيٽ ريسٽورنٽ)، ’سشي ريسٽورنٽ‘، ’پيزا ھٽ‘، ’لوٽيريا‘، ’مڪڊونلڊز‘، ’برگر ڪنگ‘ ۽ ’باسڪن روبن‘ شامل ھئا. جُنگانگ ۾ سي جي وي سئنيما پڻ ھئي. اسان بالنگ ڪرڻ ۽ بيس بال کيڏڻ لاءِ بہ جُنگانگ ڏانھن ويندا ھئاسين.