دوستن جي سڏ تي ملائيشيا جو دورو
بھرحال مون حيدرآباد ۾ ھڪ ٽريول ايجنٽ کان ويزا لاءِ دستاويزات ۽ 7 هزار روپيا ويزا فيس جمع ڪرايا. ھڪ ھفتي اندر ويزا اچي ويو. مان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آئي اي) ۾ پھرين ڪراچي کان ڪوالالمپور جي ٽڪيٽ بڪ ڪئي.
ڪوالالمپور وڃڻ مھل ڪراچي ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي وارن تنگ ڪيو، تنھن تي مان پنھنجي چاچي ڊاڪٽر بدر سومرو کي فون ڪيو ۽ هن پنھنجي دوستن وزير جکراڻي ۽ بختيار چنا کي فون ڪيو، سائين جن ايف آءِ اي ۾ ھئا، تنھن ڪري بروقت مدد ڪري، مون کي ڪوالالمپور روانو ڪرايو. مان رات تقريبن ڏھين وڳي ڪراچيءَ کان روانو ٿيس ۽ 21 فيبروري 2018ع تي رات جو ٻين وڳي ملائيشين وقت مطابق ڪوالالمپور پھتم. ايئرپورٽ تان ٽيڪسي ڪري ڪوالالمپور سينٽرل آيم ۽ ھوٽل تي اچي سمھي پيم.
ملائيشيا بابت ڄاڻ
• ملائيشيا جو ڪيپيٽل ۽ وڏو شھر ڪوالالمپور آھي.
• ملائيشيا جي قومي زبان مَلئي MALAY آھي.
• ملائيشيا ھڪ اسلامڪ ملڪ آھي، تنھن ڪري مسلمان آبادي گهڻي آھي.
• ملائيشيا جي ڪرنسي ’رنگٽ‘ آھي، ھڪ رنگٽ، پاڪستاني 30 روپين جي برابر آھي.
• ملائيشيا جو ٽائم +8UTC آھي.
• ملائيشيا، پاڪستاني وقت کان ٽي ڪلاڪ اڳتي آھي.
پھريون ڏينھن
صبح جو ڏھين وڳي اٿي، تيار ٿي ٻاهر نڪري ويم. اتي ڪيترائي انڊين ريسٽورنٽ هئا. هڪ انڊين ريسٽورنٽ تي ناشتو ڪيم ۽ چانھہ پيتم. ملائيشيا ۾ چانھہ کي ’تيح طارق‘ چيو ويندو آهي. ناشتي کان پوءِ مون ’ڪوالالمپور سٽي ٽوئر بس‘ ورتي. سٽي ٽوئر بس ۾ مون خاص خاص هنڌ گهميا جھڙوڪ:
• ٽوئن ٽاورز- TWIN TOWERS
• ڪوالالمپور ٽاور- KL TOWER
• بڪت بنتانگ-BUKIT BINTANG
• چائنا ٽائون-CHINA TOWN
مون مانجهاندي ۾ ملائيشين جو مشھور کاڌو ’ناسي ليمڪ‘ بہ کاڌو. سڄو ڏينھن گمھي رات جو يارھين وڳي هوٽل تي اچي آرام ڪيم.
ٻيون ڏينھن
ٻئي ڏينھن صبح جو ڏهين وڳي مان بس ۾ ڪوالالمپور ايئرپورٽ آيم جتان مون کي لنڪاوي (langkawi) وڃڻو هو. جھاز ڪوالالمپور ايئرپورٽ کان ٻين وڳي ھليو ۽ ٽين وڳي لنڪاوي پھتو. ايئرپورٽ کان سڌو هڪ هوٽل تي ويم، سامان رکي سمنڊ تي ويم. لنڪاوي جو سمنڊ بي انتھا خوبصورت آهي، صاف ۽ نيري رنگ جو پاڻي ۽ اڇي واري. لنڪاوي سمنڊ تي سج لھڻ جو منظر ڏسڻ جھڙو آهي. مان بہ لنڪاوي سمنڊ تي سج لھڻ جو مزو ورتو ۽ ڊنر ڪيو. اتي بھترين ڪافي شاپز ۽ ريسٽورنٽ آھن. رات جو سمنڊ جي ڪناري باھ سان رانديون بہ کيڏيون ويون.
ٽيون ڏينھن
ٽئين ڏينھن جھاز تي جوهر بهرو (Johar Bahru) ڏانھن روانو ٿيم، جتي سنگت منھنجو انتظار ڪري رھي ھئي، جن ۾ عقيل احمد ڀٽو، دانش ميمڻ ۽ سجاد منگي شامل ھئا. جوهر بهرو ايئرپورٽ تي لھي سنگت سان ملاقات ٿي، ھي سنگت وارا ٻي سنگت وٽ وٺي ھليا، جن ۾ نير حسين ميرجت، شاڪر سومرو ۽ توقير جماڻي شامل ھئا. سنگت سان ڪچھريون ٿيون ۽ ھڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ تي ڊنر ڪيوسين. رات عقيل احمد ڀٽو جي گهر گذاريسين.
چوٿون ڏينھن
چوٿين ڏينھن سجاد منگيءَ جي گهر ناشتو ڪيوسين، قادر بخش جمالي وٽ چانھ پيتيسين. ائين ملاڪا (Malaka) گهمھندا ڦرندا رات جو ڪوالالمپور پھتاسين. بڪت بنتانگ ۾ ماني گڏجي کاڌيسين ۽ پوءِ سنگت کي الوداع ڪيم. ڇو جو رات ٽين وڳي منھجي ڪوريا جي فلائٽ ھئي. مان ’ايئر ايشيا‘ ۾ ڪوالالمپور کان سيئول ويم. ايئر ايشيا تمام سستي ايئر لائن آھي، پر ان جي سفر ۾ تمام گهڻي ٽربيولينس ھئي جنھن ذري گهٽ ساھ ڪڍيو ھو.
جيڪڏهن مان ڪوريا کي ملائيشيا سان ڪمپيئر ڪيان تہ مان محسوس ڪيو تہ ملائيشيا ايڏو ترقي يافتہ يا ڊيويلپ ناھي. ملائيشيا صرف ڪوالالمپور کي ڊيويلپ ڪيو آھي. بس ملائيشيا تمام سستو ملڪ آھي ۽ سڀ کان اھم ڳالھ اھا تہ اتي حلال کاڌن جو مسئلو ناهي.