سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ريسرچ

ريسرچ هڪ اھڙو موضوع آهي، جنھن تي مان ڪتاب لکي سگهان ٿو، پر آئون توھان کي بور نٿو ڪرڻ چاهيان. مان صرف توهان کي ڪجهہ ڳالھيون ٻڌائڻ چاھيان ٿو. جئين مون اڳ ۾ ٻڌايو تہ منھنجي پروفيسر مون کي ڪجهہ ڪتاب پڙھڻ ۽ فورٽران (Fortran) سافٽ ويئر سِکڻ لاءِ چيو ھو. مان ڪتاب پڙھڻ ۽ سافٽ ويئر سِکڻ کان پوءِ ليب چيف کي چيم تہ، ”ھاڻي ڇا ڪجي؟“
هن مون کي چيو، ”تون ايندڙ ميٽنگ/ملاقات ۾ پروفيسر کان پڇجانءِ.“
مان پروفيسر کي آگاه ڪيو تہ، ”مان ڪتاب ۽ سافٽ ويئر مڪمل ڪري چڪو آهيان.“
پروفيسر چيو تہ، ”ٺيڪ آ، تون ريسرچ شروع ڪر.“
مون پڇيو تہ، ”ڪيئن؟“
هن چيو، ”جيئن تنھنجي مرضي.“
مون کي ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ان جو ڇا مطلب آهي؟ پر مون انھيءَ موضوع تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جنھن ۾ مان ريسرچ ڪرڻ جو ارادو ڪري آيو هيس، جيڪو شمسي توانائيءَ سان لاڳاپيل هو. مون ٻن ٽن مھينن ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ڪجهہ سافٽ ويئر استعمال ڪندي، ڪجهہ تمام قيمتي رزلٽ حاصل ڪيا. جڏهن مون پروفيسر کي نتيجا ٻڌايا تہ هن چيو تہ، ”پي ايڇ ڊي ڪرڻ ايترو آسان تہ ناهي ۽ اهو تنھنجي پي ايڇ ڊي لاءِ مناسب موضوع ناهي.“
ٻيھر پڇيم تہ، ”مان ڇا ڪري سگهان ٿو؟“
پروفيسر مون کي ھڪ جونيئر پروفيسر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ چيو، جنھن جو نالو پروفيسر ’ينگ دَي ڪِم‘ (Prof. Young Deuk Kim) ھو.
انھن ڏينھن ۾ مان ڏاڍو پريشان ھيس. تقريبن ست مھينا گذري چڪا ھئا ۽ منھنجو ڪم پروفيسر رد ڪري ڇڏيو ھو. انھي پريشانيءَ دوران مان پنھنجي استاد ۽ ماسٽرز (M.E)جي سپروائزر پروفيسر ڊاڪٽر خانجي ھريجن کي فون ڪري سڄو احوال ڏنو. سائين مون کي چيو تہ پي ايڇ ڊي ۾ ائين ٿيندو آھي. سائين اسان جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيليءَ جا تجربا پڻ ٻـُڌايا ۽ اھو چيائون تہ پريشان نہ ٿي، بس ڪم ڪر، سڀ ڪجهہ ٽائيم سان ٿي ويندو.
پروفيسر ينگ دَي ڪِم، اسان جي ليب جو هڪ شاگرد هوندو ھو ۽ هن 10 سال اڳ هتان پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي. پروفيسر ڪِم سعودي عرب کان پوسٽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ ھانيانگ يونيورسٽيءَ جي مڪينيڪل انجنيئرنگ شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. پروفيسر ڪِم ھڪ نوجوان پروفيسر ھو ۽ ھن کي پنھنجي ريسرچ ليب بہ ھئي، جيڪا توانائي ۽ ماحوليات جي ليب طور سڃاتي وڃي ٿي. مون پروفيسر جي هدايت مطابق ساڻس ملاقات ڪئي، پروفيسر مون کي چيو تہ، ”ڊيسالينيشن (DESALINTION) ۽ ڪاربن پڪڙڻ (CARBON CAPTURE) تي ڪم ڪر، ڇو جو اھي فيوچر ٽيڪنالاجيز آھن ۽ اسان جي ليب ۾ انھن تي ئي ڪم ٿئي ٿو.“
مون پروفيسر کي عرض ڪيو تہ، مون کي ڪجهہ وقت ڏيو تہ آئون فيصلو ڪري سگهان. ڪيترائي ريسرچ پيپر پڙهڻ بعد مون کي ڊيسالينيشن ڪافي دلچسپ محسوس ٿي ۽ پوءِ مون پروفيسر کي چيو تہ آئون پنھنجي ريسرچ ڊيسالينيشن ۾ ڪرڻ چاهيندس. ڊيسالينيشن هڪ اھڙو پروسيس آھي، جنھن ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ کان يا نمڪيات واري پاڻي کان نمڪيات ڪڍي ويندي آھي، تہ جيئن پاڻي پيئڻ جي قابل ٿي سگهي.
جيئن مون ڊيسالينيشن پڙهڻ شروع ڪئي تہ خبر پئي تہ ان ۾ ڪيئي ٽيڪنالاجيز آهن. انھن مان ڪا ھڪ ٽيڪنالاجي چونڊڻ تمام ڏکيو هو. گهڻين پڙھڻ کان پوءِ مان ميمبرين (MEMBRANE) ٽيڪنالاجي کي چونڊيو ۽ ان ۾ خاص ميمبرين ڊسٽيليشن. لڳ ڀڳ ٽن مھينن تائين مان لٽريچر پڙهيو، پوءِ ايندڙ ٽن مھينن ۾ ميٽ ليبMATLAB سافٽ ويئر تي ان جي ماڊلنگ ڪئي ۽ يئين ھڪ سال پورو ٿي ويو. ٻئين سال ۾ مون ريسرچ ۾ خلا (Research Gap) کي ڳولڻ شروع ڪيو، خوش قسمتيءَ سان مون کي ريسرچ ۾ خلا جلدي ملي ويو ۽ مون ان تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، پوءِ مون پنھنجا ريسرچ پيپر لکڻ شروع ڪيا.
ھتي اھو ٻڌائيندو ھلان تہ چاچا پروفيسر ڊاڪٽر بدر سومرو مون کي پي ايڇ ڊي ريسرچ لاءِ ھڪ ڪتاب گفٽ ڪيو ھو، جيڪو ھن سڄي پروسيس ۾ ڏاڍو مددگار ثابت ٿيو. جيئن ئي مون ريسرچ پيپر لکڻ مڪمل ڪيا تہ مون اھي پيپر پروفيسر کي سندس جائزي لاءِ ڏنا. اتي ٻہ سال بہ پورا ٿيا. پروفيسر ريسرچ پيپر جائزي کان پوءِ سٺن جرنلز ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو. ڪوريا مان پي ايڇ ڊي لاءِ اھو ضروري آهي تہ پھرين ليکڪ طور معتبر جرنلز ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي کان چار ريسرچ پيپر شايع ڪرڻ گهرجن. ان ڪري مون پنھنجي گهربل ضرورت کي وقت جي اندر مڪمل ڪيو ۽ پي ايڇ ڊي ڊيفينس ڏنو تہ جيئن آئون پنھنجي تحقيق ۽ سَنَدَ کي صحيح ثابت ڪري سگهان.
پي ايڇ ڊي ٻڌڻ ۾ بلڪل سوَلي لڳي ٿي، پر ائين ڪونھي. مون اسان جي ڪيترن ئي سينئرز کي پنھنجي پي ايڇ ڊي ڊگريءَ لاءِ مسجدن ۾ سڏڪا ڀريندي ڏٺو. جڏهن بہ مان انھن ماڻھن کي ڏسندو هيس تہ ڏاڍو پريشان ٿي ويندو ھيس. پي ايڇ ڊي بہ مون کي ڏاڍو ڏکيو وقت ڏنو، جيڪو آئون بيان نٿو ڪري سگهان. بس اھو ٻڌائڻ چاھيان ٿو تہ پي ايڇ ڊي محنت، مستقل مزاجي ۽ استقامت جو نالو آهي. جڏهن مان ڪوريا اچي رهيو هئس تہ مون هڪ پروفيسر سائين شوڪت علي ميمڻ سان ملاقات ڪئي، هنن مون کي اھو ئي چيو ھو تہ پي ايڇ ڊي مستقل مزاجي جو نالو آهي. ماڊلنگ کان وٺي ريسرچ خال تائين، نظرثاني ڪندڙ تبصرن تائين، پريزنٽيشن يا ڊفينس کان وٺي ڪميٽي ميمبرن جي راءِ تائين هر شئي بي انتھا مشڪل هئي. ماڊلنگ دوران مٿي ۾ ايترو سُور پوندو ھو جيڪو مان بيان نٿو ڪري سگهان. جيئن مٿي ۾ سُور پوندو ھو تہ ٿوري دير آرام ڪندو ھيم، اُٿي چانھ پِي وري ماڊلنگ ڪندو ھيم. اھو وقت تمام ڏکيو ھو.
ڊفينس جي ھڪ ھڪ سوال جي جواب ۾ ڏينھن لڳي ويندا ھئا. مون ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ليب ۾ ڪيتريون راتيون جاڳي گذاريون. ڊگري حاصل ڪرڻ سان گڏ ڪورين اسان کي سيکاريو تہ استادن جي عزت ڪيئن ڪجي؟ ڊسيپلين ڇا آهي؟ سخت محنت ڇا کي چئبو آهي؟ نظم و ضبط ڇا آهي؟ وقت جو قدر ۽ قيمت ڇا آهي؟ ۽ مستقل مزاجي ڇا کي چئبو آهي؟ اھي منھنجي لاءِ زندگيءَ ۾ سکڻ لاءِ وڏا سبق ھئا.