سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪورِيَن بسون

ڪورين بسون بہ سب وي وانگر صبح جو تقريبن پنجين وڳي ھلنديون ھيون ۽ آخري بس رات جو تقريبن ٻارھين وڳي ھلندي ھئي. لوڪل بسن جا ڀاڙا بہ سب وي جيترا ھئا، جڏھن تہ وڏي روٽ وارين بسن جا ڀاڙا ڪجهہ وڌيڪ ھئا. ڪوريا ۾ بسن جا چار قسم آهن:
ٽرنڪ بس (نيري):
ٽرنڪ بسون، جزوي طور نجي بس ڪمپنين ۽ حڪومت پاران هلنديون آهن. اهي وڌيڪ مفاصلي يا پري تائين هلنديون آهن ۽ ٻين شھرن ڏي ويندڙ علائقن سان ملندڙ بس لائنن تائين رسائي ڏينديون آهن. نيرو رنگ آسمان ۽ درياءَ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ اھو حفاظت ۽ آزاديءَ جي علامت پڻ آهي.
برانچ بس (گرين):
برانچ بسون، گهڻو ڪري نجي بس ڪمپنين پاران هلنديون آهن. اهي ننڍي مفاصلي جيئن سب وي اسٽيشنن يا شھر کان ٻاهر ويندڙ بس ٽرمينلز تائين هلنديون آھن. سائو رنگ جبلن جي نمائندگي ڪري ٿو.
ريپڊ بس (ريڊ):
ريپڊ بسون، ايڪسپريس بسون ھونديون آھن، جيڪي خاص طور شھر کان ٻاھريان ايندڙن کي اندرون شھر کڻي اينديون آهن. ڳاڙهو رنگ رفتار جي توانائيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو.

سرڪيوليشن بس (پِيلو):
سرڪيوليش بسون، شھر جي حصن ۾ جھڙوڪ ڪاروباري، سياحت ۽ شاپنگ جا علائقا، سب وي اسٽيشنن ۽ وڏن ريلوي اسٽيشنن تائين وينديون آھن. پِيلو رنگ پنھنجي متحرڪ ۽ دوستي شڪل لاءِ چونڊيو ويو آهي.
ڪورين بسن ۾ بہ ڪارڊ پنچ ڪري داخل ٿي سگهجي ٿو. ڪورين بسون بہ نھايت صاف سٿريون ۽ منظم آهن. ڪورين بسن ۾ بہ بزرگن، معذورن ۽ حامله عورتن جون سيٽون مقرر هونديون هيون، جتي ٻئي ڪنھن کي بہ ويھڻ جي اجازت نہ هوندي هئي.