سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

مشھور پارڪ

سيئول گرينڊ پارڪ (Seoul Grand Park)
سيئول گرينڊ پارڪ هڪ فيملي پارڪ آهي، جنھن جا ٻہ خاص حصا آهن:
1. سيئول لينڊ (Seoul Land)
سيئول لينڊ، سيئول گرينڊ پارڪ ڪومپليڪس ۾ واقع آهي. ھن ۾ تقريبن 40 سواريون آھن، جن ۾ رولر ڪوسٽر ۽ فلمي ٿئيٽر شامل آھن. سيئول لينڊ ۾ داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ 20 هزار وون آھي.
2. سيئول زو (Seoul Zoo)
سيئول زو جو مقصد جانورن جي وڌڻ ۽ رهڻ لاءِ هڪ مثالي ماحول مھيا ڪرڻ ۽ گڏوگڏ ناياب جانورن جي نمائش، تحفظ، تحقيق ۽ عوام کي تعليم ڏيڻ آهي. سيئول زو ۾ داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ 5 هزار وون آھي.

سيئول ٻارن جو گرينڊ پارڪ (Seoul Childrens Grand Park)
سيئول ٻارن جي گرينڊ پارڪ ۾ زو، باغ ۽ تفريحي پارڪ شامل آهن. هي پارڪ پرڪشش آهي انھي ڪري ٻارن ۽ نوجوانن کي گهڻو پسند ايندو آھي. ھن پارڪ ۾ داخلا مفت آھي.

سيئول اولمپڪ پارڪ (Seoul Olympic Park)
سيئول اولمپڪ پارڪ 1988ع واري سمر اولمپڪس جي ميزباني وارو ھڪ پارڪ آهي. ھن پارڪ ۾ داخلا مفت آھي.

سيئول فاريسٽ (ٻيلو)
سيئول فاريسٽ هڪ وڏو پارڪ آهي. اهو پورو سال کُليل ھوندو آھي ۽ ان ۾ داخلا مفت آهي. ھي پارڪ چئن حصن تي مشتمل آهي.
1. ڪلچر ۽ آرٽ پارڪ
2. تعليمي تجربي وارو پارڪ
3. ايڪو ون ٻيلو پارڪ
4. هنگانگ پارڪ
هن ايڪولوجيڪ پارڪ ۾ 40 کان وڌيڪ مختلف قسمن جا گلاب آهن. هي پارڪ سياحن کي درياھ جي چوڌاري گهمڻ ۽ انھن رنگين گلن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.

ايورلينڊ (Everland)
ايورلينڊ ڪوريا جو سڀ کان وڏو ٿيم پارڪ آهي. ايورلينڊ سيئول کان ٻن ڪلاڪن جي پنڌ تي آھي. ايورلينڊ لاءِ سيئول کان بسون ۽ سب وي ھلن ٿيون. اسان سووان (SUWON) سب وي اسٽيشن کا ايورلينڊ جي سب وي ۾ اتي ويندا ھئاسين. ان سب وي ۾ ڊرائيور بہ نہ ھوندو ھو يعني تہ ان سب وي جو سڄو سسٽم آٽوميٽڪ ھو. ايورلينڊ ھڪ پوري الڳ دنيا آھي. ايورلينڊ ۾ هر سال 5.85 ملين ماڻھو ايندا آھن. ايورلينڊ ۾ هڪ زو ۽ پاڻي وارو پارڪ شامل آهي، جيڪو ’ڪيريبيين بَي‘ (CARIBEAN BAY) جي نالي سان مشھور آهي. ايورلينڊ سامسنگ (SAMSUNG) گروپ جو آهي. اهو تقريبن پورو سال کُليل ھوندو آھي ۽ ان جي ھڪ ڏينھن جي داخلا جي ٽڪيٽ 56 هزار وون آهي. ايورلينڊ خوابن جي دنيا وانگر بي انتھا خوبصورت آھي. ان جي خوبصورتي ڏسي مون کي پنھنجي اکين تي اعتبار نہ پئي آيو. ايورلينڊ جھڙا جهولا بہ مان ڪوريا ۾ ڪٿي بہ نہ ڏٺا.

بوسان (Busan)
بوسان کي سرڪاري طور ’بوسان ميٽروپوليٽن‘ سٽي طور سڃاتو وڃي ٿو. بوسان ڪوريا جو ھڪ ساحلي علائقو آهي. بوسان 15 ضلعن ۾ ورهايل آھي. بوسان سيئول کان پوءِ ڪوريا جو ٻيو گهڻي آبادي وارو شھر آهي، جنھن جي آبادي 3.5 ملين کان مٿي آهي. اهو ڪوريا جو ھڪ وڏو ٽوئرزم لاءِ پرڪشش شھر کان علاوہ اقتصادي، ثقافتي ۽ تعليمي مرڪز پڻ آهي. بوسان جي بندرگاھہ ڪوريا جي مصروف ترين ۽ دنيا جي پنجين مصروف ترين بندرگاھہ آهي. بوسان ۽ ان جا آس پاس وارا شھر السان ۽ ڏکڻ گيونگسانگ پاڻ ۾ ملي ’اقتصادي زون‘ ٺاھين ٿا. اھو ڪوريا جو سڀ کان وڏو صنعتي علائقو آهي.
ھونئن تہ انٽرنيشنل فلائٽز ڊائريڪٽ بوسان ايئرپورٽ وڃن ٿيون، جيڪو گمھي (GIMHAE) انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر اڪثر ماڻھو پھريان سيئول ۽ بعد ۾ بوسان ويندا آھن. سيئول کان بوسان وڃڻ جا ٽي ذريعا آھن؛ بس، ٽرين ۽ جھاز.
سيئول کان بوسان وڃڻ جو سستو ترين ذريعو ايڪسپريس بس آھي. بس جو ڪرايو تقريبن45 هزار وون آھي ۽ اھا بس تقريبن ساڍا ڇھ ڪلاڪ وٺندي آھي. سيئول کان بوسان 329 ڪلوميٽر پري آھي. جھاز تي بوسان وڃڻ تيز ترين ذريعو آھي، پر اھو طريقو تمام مھانگو آھي. تنھن ڪري اڪثر ماڻھون ٽرين (KTX) ذريعي بوسان ويندا آھن. KTX ٽرين بوسان وڃڻ جي تيز ترين ٽرين آهي، اھا ٽرين تقريبن ٻھ ڪلاڪ وٺندي آھي. KTX جو ڪرايو تقريبن 56 هزار وون آھي. ذاتي طور آئون بہ KTX ۾ بوسان وڃڻ پسند ڪندو ھيس. KTX تمام آرامدہ، صاف ۽ پرسڪون ھوندي ھئي ۽ ان ۾ واءِ فاءِ بہ مفت ھوندي آهي. KTX بوسان تي ھڪ مشھور فلم بہ ٺھيل آھي، جنھن جو نالو ’ٽرين ٽو بوسان‘ A) Train To Busan) آھي.
بوسان، وڏي مڇي مارڪيٽ سان گڏوگڏ جديد سمنڊ جو شھر هجڻ جي ڪري مشھور آهي. بوسان شاندار سمنڊ، پوشيده ٽيمپلز ۽ لذيذ سامونڊي کاڌن جي ڪري مشھور آهي.
شھر کي بھتر نموني ڏسڻ جو بھتر ذريعو سٽي ٽوئر بس جو سفر آھي. ھونئن تہ بوسان ۾ گهمڻ ڦرڻ جون کوڙجايون آھن پر اڪثر سياح گهمڻ ڦرڻ جي شروعات سمنڊکان ڪن ٿا.

هيئندي (Haeundae): سمنڊ جو ڪنارو
هيئندي هڪ بي انتھا خوبصورت سمنڊ جو ڪنارو آھي. ھن سمنڊ جي ڪري اڪثر ماڻھو گرميءَ ۾ ھتي اچن ٿا. هيئندي سمنڊ ڏکڻ ڪوريا جي خوبصورت سمنڊن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. هيئندي جو سج لھڻ وارو نظارو لاجواب آهي.
هيئندي سمنڊ جي ويجهو بوسان جي واحد مسجد پڻ موجود آهي. هيئندي وٽ بي انتھا هوٽلون، ريسٽورنٽز، دڪان، شاپنگ مالز، ڪلبز ۽ بارز موجود آهن. ريسٽورنٽز ۾ ڪورين ۽ آمريڪي ريسٽورنٽز شامل آھن. جڏھن تہ حلال ريسٽورنٽز ۾ انڊين ۽ پاڪستاني ريسٽورنٽز پڻ شامل آھن. اڪثر سياح هيئندي جي سامھون وارن ھوٽلن ۾ ئي رھندا آھن.

يونگنگسا ٽيمپل (Yonggungsa)
يونگنگسا ٽيمپل يا مندر سمنڊ جي ويجهو واقع آهي. ھي ٽيمپل 1376ع ۾ ٺھيو هو. اھو ڪوريا جي چند ٽيمپلز مان هڪ آهي، جيڪو سمنڊ ڪناري تي قائم ڪيو ويو آهي.

بوسان ٽاور (Busan Tower)
بوسان ٽاور 120 ميٽر بلند ٽاور آھي. ھي ٽاور 1973غ ۾ ٺھيو ھو. توهان هتان کان بندرگاھہ جو هڪ شاندار نظارو ڏسي سگهو ٿا. ٽاور جي مٿان هڪ ڪيفي پڻ آهي. ٽاور صرف ڪم جي ڪلاڪن دوران ٻن تيز اسپيڊ لفٽن ذريعي گهمي سگهجي ٿو. ٽاور جي گرائونڊ فلور تي چند گيلريز ۽ سووينئر دڪان آهن. ٽاور عام طور شھر جي بندرگاھہ جو نظارو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

گمچون ڪلچر ڳوٺ (Gamcheon Culture Village)
گمچون ڪلچر ڳوٺ ھڪ رنگ برنگو ثقافت وارو ڳوٺ آهي، جنھن ۾ ڪافي شاپس، ريسٽورنٽز، گيلريون، مجسما ۽ سووينئر جا دڪان آھن. ھن ڳوٺ مان بندرگاھہ جي بھترين نظاري لاءِ مٿي چڙهڻو پوندو آھي.
جگلچي مڇي مارڪيٽ (Jagalchi Market)
جگلچي مڇي مارڪيٽ بوسان جي سڃاڻپ آهي. ھن مارڪيٽ ۾ تازي مڇي وڪرو ڪئي ويندي آھي.
اسپالينڊ (SPA Land)
بوسان اسپا جو شھر آهي. اسپا ۾ قدرتي گرم پاڻي سان وھنجبو آھي. هتي 450 کان وڌيڪ اسپا موجود آهن، پر سڀني کان مشھور اسپا ھاٽ اسپرنگ پارڪ آھي. ھاٽ اسپرنگ پارڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ 20 هزار وون آھي.

جيجو (Jeju)
جيجو، ڪوريا جي نوَن صوبن مان ھڪ آھي۔ جيجو صوبو ٻيٽ (آئيلينڊ) تي واقع آهي. اهو ملڪ جو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي. جيجو صوبي ۾ ٻہ شھر آھن: ’جيجو‘ ۽ ’سوگيپو‘. جيجو ڪوريا جي جيجو صوبي جي گاديءَ جو هنڌ بہ آهي ۽ جيجو ٻيٽ تي سڀني کان وڏو شھر آهي.
جيجو ۾ سال جو گهڻو عرصو گرم موسم ھوندو آهي. جيجو شھر جيجو صوبي جو اھم ٽرانسپورٽيشن سينٽر آھي، اتي ٻيٽ جو واحد ايئرپورٽ، ’جيجو بين الاقوامي ايئرپورٽ‘ پڻ آهي. جيجو کان سيئول ايئر لائن دنيا جو مصروف ترين ايئر لائن ھوائي رستو آهي. ان کان علاوہ جيجو جي بندرگاھ بہ تمام وڏي آھي. جيجو ۾ مال بردار ٻيڙيون گهڻيون اينديون آھن. جيجو شھر کان سوگيپو تائين بس ھلي ٿي، جيڪا عام طور هڪ ڪلاڪ وٺي ٿي. جيجو هڪ مشھور ٽوئرزم جو ماڳ آهي ۽ اتان جي معيشت جو هڪ وڏو حصو سياحت ۽ اقتصادي سرگرمين تي ٻڌل آهي.
جيجو وڃڻ جا ٻہ ذريعا آھن: ٻيڙي ۽ هوائي جھاز. جيجو وڃڻ جو سستو ترين ذريعو ٻيڙي آھي. سيئول کان ماڻھو KTX ذريعي بوسان ويندا آھن ۽ پوءِ ٻيڙي ذريعي جيجو ويندا آھن. بوسان ۽ جيجو شھر جي وچ ۾ فاصلو 292 ڪلوميٽر آهي. بوسان کان جيجو ٻيڙيءَ جو ڀاڙو تقريبن 2 لک وون آھي ۽ اھا ٻيڙي تقريبن ساڍا اٺ ڪلاڪ وٺندي آھي. ٻيڙين ذريعي ماڻھو چين ۽ جاپان کان بہ جيجو ايندا آھن. انٽرنيشنل فلائٽز بہ ڊاريڪٽ جيجو ايئرپورٽ اچن ٿيون. ڪوريا کان هوائي جھاز ۾ جيجو وڃڻ تيز ترين ذريعو آھي، پر اھو تمام مھانگو آھي. جھاز ۾ سيئول کان جيجو جو ڀاڙو تقريبن 4 لک وون آھي ۽ اھو جھاز تقريبن ھڪ ڪلاڪ وٺندو آھي. 2014ع ۾ بوسان کان جيجو ويندڙ ھڪ ٻارن سان ڀريل ٻيڙي ٻڏي وئي ھئي، جنھن ۾ 50 ٻار ٻُڏي ويا ھئا. ان واقعي سبب ھنن جي وزيراعظم استعفيٰ ڏني ھئي ۽ ان کان پوءِ گهڻو عرصو ٻيڙيون بند ھيون.
پھريون ڀيرو مان ۽ منھنجو ليب ميٽ اسداللھ گڏجي جيجو وياسين. اسداللھ پنھنجو فون گمپو ايئرپورٽ ۾ چارجنگ تي رکي وساري ويٺو ۽ اسان وڃين جيجو پھتاسين. اتي ان کي ياد آيو تہ فون تہ چارجنگ تي رکيل ھو. بھرحال اسان ٽي ڏينھن جيجو گمھي ساڳيو فون ايئرپورٽ سيڪيورٽي کان واپس ورتوسين. اھا ھئي اتان جي ايمانداري. ھتي ڪنھن جي ڪابہ شئي گم نہ ٿيندي ھئي، پر ھڪ اھڙو ڪيس ٿيو ھو، جنھن ۾ عمران احمد جو بيگ گم ٿي ويو ھو، ھن جو پاسپورٽ بہ بيگ ۾ ھو، جيڪو ھن کي نہ مليو.

حلاسان جبل (Halasan Mountain)
حلاسان جبل، جيجو ٻيٽ جي مرڪز ۾ واقع آھي. حلاسان جبل ڪوريا جو بلند ترين جبل آھي. حلاسان جبل ۾ هڪ آتش فشان آهي، جيڪو يونيسڪو طرفان عالمي قدرتي ورثو قرار ڏنل آهي. جبل جي وڏي اونچائي باوجود ان تي چڙهڻ بلڪل آسان آهي ۽ گهڻا ماڻھو هڪ ڏينھن اندر ان جي چوٽيءَ تي ويندا ۽ واپس ايندا آهن. چوٽيءَ تان جيجو جي خوبصورت نظارن سان گڏ هڪ وڏي خوبصورت ڍنڍ پڻ آهي.

چيونجيون آبشار (Cheonjiyeon Waterfall)
جيجو دنياوي جنت وانگر آهي، جنھن ۾ دلچسپ پٿر، خوبصورت سمنڊ ۽ آبشار آھن. انھن آبشارن مان خوبصورت ترين آبشار ’چيونجيون‘ آھي. اھو آبشار هڪ غار جي ڇت مان وھي ٿو.

سيانگسان الچلبونگ (Seongsan Ilchulbong)
جيجو يونيسڪو UNESCO جي عالمي ورثن سان ڀريل آهي. سيانگسان الچلبونگ کي سج اڀرندڙ چوٽي طور بہ سڃاتو وڃي ٿو. ھي ھڪ بي انتھا خوبصورت جڳھ آھي ۽ جيجو ۾ ھن کي وڏي اھميت حاصل آھي.

منجنگول غار (Manjanggul Cave)
منجنگول غار بہ يونيسڪو جو عالمي ورثو آھي. ھي غار دنيا جي ڊگهي لاوا سرنگن مان هڪ آهي. اھا غار اڍائي لک سال پراڻي آھي. منجنگول غار 13 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊيگه تي پکڙيل آهي، پر سياحن جي گهمڻ لاءِ صرف هڪ ڪلوميٽر کليل آهي. غار ۾ گرمي پد تقريبن 11 کان 21 ڊگري سينٽي گريڊ آهي.

جنگمن سمنڊ (Jungmun Beach)
جنگمن سمنڊ، جيجو جو خوبصورت ترين سمنڊ آھي. جنگمن سمنڊ ۾ وڏيون لہرون ھونديون آھن، تنھن ڪري سرفنگSURFING جي شوقينن لاءِ پسنديده جڳھہ آهي. سڄي دنيا جا سرفرز، ھتي سال ۾ هڪ ڀيرو ’بين الاقوامي سرفنگ‘ مقابلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايندا آهن.

جوسانگجولي ڪِلف
چون ٿا تہ جڏهن حلاسان جبل سمنڊ ۾ لٿو هو تہ جوسانگجولي ڪلف ٺھيو ھو. ھتي سمنڊ جون لهرون زور سان ڳاڙهي پٿرن سان ٽڪرائينديون آھن ۽ پاڻي 50 فٽ تائين مٿي ايندو آھي.

اِنچئن (Incheon)
انچئن لفظي طور ’مھربان ندي‘ يا انچئن ميٽروپوليٽن سٽي ڪوريا جو هڪ شھر آهي. انچئن ۾ اٽڪل ٽي ملين ماڻھو رهندا آهن، اهو ڪوريا جو ٽيون نمبر وڏو شھر آهي. ڪوريا جو مشھور ۽ وڏو انچئن انٽرنيشنل ايئرپورٽ بہ انچئن ۾ آھي. انچئن پورٽ ٽرانسپورٽ جو بہ وڏو مرڪز آهي. انچئن 17 ايشين گيمز، ايئر پورٽ ۽ پورٽ جي ڪري مشھور آھي. انچئن جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن.
• انچئن گرينڊ پارڪ INCHEON GRAND PARK
• ايروانگني سمنڊERWANGI BEACH
• ووليمو ٻيٽ WOLMIDO ISLAND

ديگو (Daegu)
ديگو ڪوريا جو چوٿون وڏو شھر آهي. ديگو ۾ اٽڪل اڍائي ملين ماڻھو رهندا آهن. ديگو ڪوريا جي وچ ۾ آھي. سيئول کان ديگو ٽي سئو ڪلوميٽر پري آھي. سيئول کان ديگو وڃڻ جو سستو ترين ذريعو ايڪسپريس بس آھي. اھا بس تقريبن چار ڪلاڪ وٺندي آھي. ٽرين سيئول کان ديگو تقريبن ٻہ ڪلاڪ وٺندي آھي. ديگو پنھنجي اليڪٽرانڪس انڊسٽري لاءِ مشھور آهي. ديگو جي ٿڌي آب و هوا اعليٰ قسم جا صوف (APPLE) پيدا ڪرڻ لاءِ مثالي آهي. ان ڪري ديگو ’ايپل سٽي‘ جي نالي سان بہ سڏبو آھي. ديگو کي ’ٽيڪسٽائل سٽي‘ پڻ چيو ويندو آهي. ديگوجون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جايون ھي آھن:
• اپسان پارڪ
• 83 ٽاور
• سيومن مارڪيٽ
• اي ورلڊ

ديجون (Daejon)
ديجون ڪوريا جو پنجون وڏو شھر آهي. ديجون ٽرانسپورٽ جو مرڪز پڻ آھي، ڇو جو ديجون سيئول ۽ بوسان جي وچ ۾ آھي، تنھن ڪري بس ۽ سب وي اتان گذرن ٿيون. ديجون سيئول کان 50 منٽن جي سفر تي آھي. ديجون ’ايشيا جي سليڪون وادي‘ ۽ ’هاءِ ٽيڪنالاجي شھر‘ جي نالي سان بہ سڃاتو وڃي ٿو. ديجون ۾ 18 يونيورسٽيون آهن. ديجون جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• KAIST
• ديجون او ورلڊ
• پپوري پارڪ
• ديجون ايڪسپو سائنس پارڪ
• ڪورياڪرنسي ميوزيم پارڪ
• يوسيونگ ھوٽ اسپرنگ
• ڪوريا ايرواسپيس انسٽيٽوٽ
• ڪوريا ايٽامڪ ريسرچ انسٽيٽوٽ

گوانگجو (Gwangjo)
گوانگجو ڪوريا جو ڇهون نمبر وڏو شھر آهي. سيئول کان گوانگجو 267 ڪلوميٽر پري آھي. گوانگجو جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• مڊوينگسان نيشنل پارڪ
• گوانگجو نيشنل ميوزيم
• بوسيونگ گرين ٽي فيلڊ
• گوانگجو ڪيا چيمپينز فيلڊ

السان (Ulsan)
السان (سرڪاري طور السان ميٽروپوليٽن سٽي) ڪوريا جو ستون نمبر وڏو ميٽروپوليٽن شھر آهي. السان ڪوريا جو صنعتي پاور هائوس آهي. السان ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو آٽوموبائل اسيمبلي (ھيئنڊي موٽر ڪمپني) پلانٽ آھي. السان ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو شپ يارڊ بہ آھي جيڪو ھيئندي (جنھن کي پاڪستان ۾ ’ھنڊائي‘ نالي سان سڃاتو وڃي ٿو) ھيوي انڊسٽريز پاران هلندڙ آهي. السان ۾ دنيا جي ٽيون نمبر وڏي ريفائنري بہ آھي، جيڪا ايس ڪي انرجي پاران هلندڙ آهي. السان جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• السان گرينڊ پارڪ
• ديوانگم پارڪ
• جنسينگپو ويل ميوزيم
• تيھواگرينڊ پارڪ
• السان ميوزيم

سيجونگ (Sejong)
سيجونگ ڏکڻ ڪوريا جو ھڪڙو خود انتظامي شھر ۽ ڊي فيڪٽو انتظامي سرمايو آھي. سيجونگ خاص طور ’سمارٽ شھر‘ بڻجڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آھي. ان ڪري هن کي ’سيجونگ سمارٽ سٽي‘ بہ چيو ويندو آهي. سيجونگ جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• سيجونگ ليڪ پارڪ
• نيشنل لائبريري ڪوريا