سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

موڪلن جا ڏينھن (ويڪيشن)

اسان جو پروفيسر، اسان کي سال ۾ اٽڪل 15 يا 20 ڏينھن جي موڪل جي اجازت ڏيندو ھو. هر سال ٻہ سيمسٽر بريڪ هوندا هئا؛ سياري جو سيمسٽر بريڪ ۽ اونھاري جو سيمسٽر بريڪ. پاڪستان ۾ اونھاري ۾ وڏي گرمي ٿيندي آهي ۽ ڪوريا ۾ سياري ۾ قھر وارو سيءُ... تنھن ڪري اسان سياري جون موڪلون پاڪستان گذاريندا هئاسين. اگر ڪنھن جو بہ پاڪستان وڃڻ جو ارادو ٿيندو ھو تہ ٽڪيٽ مھينا اڳ بڪ ڪئي ويندي ھئي ۽ مھينن کان شاپنگ شروع ٿي ويندي ھئي. هر ڪنھن وٽ تحفن جي لسٽ هوندي هئي. پنھنجي گهروارن، مِٽن مائٽن ۽ دوستن لاءِ تحفا خريد ڪيا ويندا هئا. منھنجو هڪ ليب ميٽ جنھن جو نالو سلمان ميمڻ هو، هُو مارچ 2017ع ۾ ڪوريا آيو ۽ اچڻ جي هڪ هفتي کان پوءِ ڊائسو DAISO تان تقريبن ھڪ لک وون جي شاپنگ ڪيائين. پڇيومانس تہ، ”پاڪستان وڃڻ لاءِ تيار آھين ڇا؟“
چيائين، ”نہ.“
پڇيومانس تہ، ”پوءِ شاپنگ ڇو؟“
چيائين، ”ٻن سالن کان پوءِ ويندم پر تيسين تائين سامان مھانگا ٿي ويندا.“
سلمان جي ان شاپنگ تي ڪيئي ڏينھن تبصرا ھليا. پاڪستان ويندڙ ماڻھو کي ننڍڙي فيئرويل بہ ڏني ويندي ھئي ۽ پاڪستان کان واپسيءَ تي سڀني پاڪستانين لاءِ مٺايون آڻڻ پڻ لازمي ھو. اسان ڪوريا اچڻ يا پاڪستان وڃڻ لاءِ مختلف ايئر لائنز استعمال ڪندا هئاسين جھڙوڪ:

• ايئر چائنا جيڪا وايا بيجنگ ايندي ھئي
Air China Via Beijing
• ٿائي ايئر جيڪا وايا بينڪاڪ ايندي ھئي
Thai Air Via Bangkok
• قطر ايئر جيڪا وايا دوحا ايندي ھئي
Qatar Air Via Doha
• ايميريٽس جيڪا وايا دبئي ايندي ھئي
Emirates Via Dubai

اهو ٻڌائڻ ضروري آهي تہ ايئر چائنا تمام سستي هئي. ايئر چائنا ڪوريا کان صبح 9 وڳي ھلندي ھئي ۽ شام 7 وڳي اسلام آباد ۽ رات 10:00 وڳي ڪراچي پھچندي هئي. ساڳيو جھاز رات 12:00 وڳي ڪوريا لاءِ روانو ٿيندو ھو. جڏهن بہ هوائي جھاز جا ٽائر پاڪستان جي رن وي تي لڳندا هئا تہ هڪ عجيب خوشي محسوس ٿيندي ھئي، جيڪا لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. اهو هڪ قدرتي احساس هو. ائين ئي گهروارن سان ملڻ جو احساس بہ لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، پر ڪراچي ايئرپورٽ تي لھڻ کان پوءِ ھر ڪا شئي ڄڻ اوندھ اوندھ ۽ مٽي مٽي لڳندي ھئي.
مون کي ويڪيشنز ۾ گاڏي ھلائيندي يا گمھندي ڦرندي پريشاني ٿيندي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ڪوريا ۾ پورو سال گاڏي نہ ھلائيندا ھئاسين ۽ ڪوريا ۾ روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ پيڊسٽريل جو استعمال ڪندا ھئاسين.
ويڪيشنز دوران مان پنھنجو گهڻو وقت گهروارن ۽ دوستن سان گذاريندو هيم. مانجهاندي کان وٺي رات جي مانيءَ جي دعوت ۽ پڪنڪ وغيرہ ۾ ڏينھن گذرندا ھئا. ويڪيشنز دوران ريسرچ جي ٽينشن ختم ٿي ويندي ھئي ۽ ايندڙ سال لاءِ تازو ٿي ويندو هيم.