ڪوريا جا صوبا
گيونگي صوبو، ڪوريا جو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو صوبو آهي. گيونگي جو مطلب ڪيپيٽل جي چوڌاري وارو علائقو آهي. ھن صوبي جو ڪيپيٽل سووان (SUWON) آهي. هانيانگ يونيورسٽي ايريڪا جتي مان پڙهندو ھيس، گيونگي صوبي جي اَنسان (ANSAN) شھر ۾ آھي. گيونگي صوبي جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• بڪھنسان نيشنل پارڪ
• ھواسيونگ
• ايور لينڊ
• ڊي ايم زيڊ
• آنيانگ
• سيئول لينڊ
• ڪورين فولڪ وليج
• سووان جو قلعو
گانگون صوبو (Gangwon)
گانگون ڪوريا جو هڪ صوبو آهي. ھن صوبي جو ڪيپيٽل ڇنڇيون (Chuncheon) آهي. گانگون صوبي جي شھر پيانگ چانگ ۾ 2018ع جي سياري جي اولمپڪس ٿي ھئي. گانگون 2024ع ۾ نوجوانن جي سياري جي اولمپڪس جي ميزباني پڻ ڪندو. گانگون صوبو وڏن جبلن ۽ سمنڊ جي ڪنارن جي ڪري مشھور آھي. گانگون صوبي جون ڪجهہ گهمڻ جون مشھور جڳھيون ھي آھن:
• نامي آئي لينڊ
• ويولدي پارڪ
• انموڪ سمنڊ
• نڪسان سمنڊ
• بوسيوڪسا ٽيمپل
اتر ڇنگڇيونگ صوبو (North Chungcheong)
اتر ڇنگڇيونگ صوبو جنھن کي ڇنگبڪ (Chungbuk) پڻ سڏيو ويندو آهي. ڪوريا جو هڪ صوبو آهي. ڇيونگجو (Cheongju) ھن صوبي جو گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شھر آهي. ھن جي زرعي پيداوار ۾ چانور، مٽر ۽ آلو شامل آهي، پر ھي صوبو ’جنسينگ‘ ۽ ’تماڪ‘ جي پيداوار لاءِ بہ سڃاتو وڃي ٿو. اتر ڇنگڇيونگ صوبي ۾ ’سونگنيسان پارڪ‘ مشہور آھي.
ڏکڻ ڇنگڇيونگ صوبو (South Chungcheong)
ڏکڻ ڇنگڇيونگ صوبو جنھن کي ڇنگنم (Chungnam) پڻ سڏيو ويندو آهي، ڪوريا جو هڪ صوبو آهي. ھن صوبي جو گاديءَ جو هنڌ هونگسيونگ (Hongseong) آھي ۽ ڇيونن (Cheonan) ھن صوبي جو وڏو شھر آهي. صوبي جي علائقي جو هڪ ٽيون حصو پوکيءَ هيٺ آهي. زراعت کان سواءِ سامونڊي شين کي خاص اهميت حاصل آهي. ھن صوبي ۾ 220 چورس ڪلوميٽر (85 اسڪوائر ميل) سامونڊي ڪناري سان جڙيل آھن، جتان شمسي توانائيءَ ذريعي لوڻ پيدا ڪبو آھي. ھتي ڪوئلي جون کاڻون پڻ آهن، جتان سونَ ۽ چاندي پڻ نڪري ٿو.
اتر جيولا صوبو (North Jeolla)
اتر جيولا صوبي کي جيونبڪ (Jeonbuk) پڻ سڏيو ويندو آهي، ھي ڪوريا جو هڪ صوبو آهي. جيونجو (Jeonju) اتر جيولا جي گادي جو ھنڌ آهي. اتر جيولاجي گنسان (Gunsan) شھر ۾ آمريڪا جي هوائي فوج پاران قائم ڪيل ’گنسان ايئر بيس‘ پڻ آهي.
ڏکڻ جيولا صوبو (South Jeolla)
ڏکڻ جيولا صوبو جيونم (Jeonnam) جي نالي سان مشھور آهي، ھي ڪوريا جو هڪ صوبو آهي. ميان (Muan) ھتان جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ يوسو Yeosuڏکڻ جيولا صوبي جو سڀ کان وڏو شھر آهي.
اتر گيونگسانگ صوبو (North Gyeongsang)
اتر گيونگسانگ صوبو بہ ڪوريا ۾ هڪ صوبو آهي. اندونگ (Andong) ھن صوبي جي گادي وارو هنڌ آهي. ھن صوبي ۾ ٻہ مشھور آئيلينڊ آھن، جن کي ’دوڪدو‘ (Dokdo) ۽ ’اولنگدو‘ (Ullengdo) آئيلينڊ سڏيو ويندو آھي.
ڏکڻ گيونگسانگ صوبو (South Gyeongsang)
ڏکڻ گيونگسانگ صوبو، ڪوريا جي ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ صوبو آهي. ڇانگ ون (CHANGWON) ھن صوبي جي گاديءَ وارو هنڌ آهي. اهو هڪ وڏو ميٽروپوليٽن سينٽر ۽ بوسان جي بندرگاھہ جي ڀرسان آهي.