سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا جو تعارف

ڪوريا جو شمار دنيا جي قديم تھذيبن ۾ ٿئي ٿو. ان جي پھرين سلطنت ستين صدي قبل مسيح ۾ چيني رڪارڊ ۾ نوٽ ڪئي وئي ھئي. 57 قبل مسيح کان 668ع ۾ ڪوريا جي ٽن سلطنتن (بائيڪجي BAEKJE، سلا SLLLA ۽ گوگريو GORGURYEO) جو اتحاد ٿيو. 918ع کان 1392ع تائين ڪوريا تي گورييو GORYEO (جنھن کي پھريان گوگريو GORGURYEO سڏيو ويندو ھو) خاندان جي حڪومت هئي ۽ 1392ع کان 1897ع تائين جو سن JOSEON خاندان جي حڪومت هئي. ڪوريا جي سلطنت 1910ع ۾ جاپان جي سلطنت ۾ ضم ٿي وئي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ڪوريا سوويت يونين ۽ آمريڪا جي انتظامي نظامن ۾ ورهائجي ويو.
ھينئر ڌرتيءَ تي ٻہ ڪوريا آهن، جيڪي اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي نالن سان سڃاتا ويندا آھن. ڏکڻ ڪوريا آمريڪا جي انتظامي نظام (ڪيپيٽلزم CAPITALISM) کان متاثر ھيو، جڏھن تہ اتر ڪوريا سوويت يونين جي انتظامي نظام (ڪميونزمCOMMUNISM ) کان متاثر ھيو. ان ڪري انھن ملڪن اھي انتظامي نظام اپنايا. اتر ڪوريا کي جمھوري عوامي ڪوريا DEMOCRATIC PEOPLE'S REPUBLIC OF KOREA ۽ ڏکڻ ڪوريا کي جمھوري ڪوريا REPUBLIC OF KOREA طور بہ سڃاتو وڃي ٿو. ياد رھي تہ ھن سفرنامي ۾ جتي بہ لفظ ڪوريا اچي ان کي ڏکڻ ڪوريا سمجهو وڃي.
ڏکڻ ڪوريا جو ايريا 100،363 اسڪوائر (چورس) ڪلوميٽر آهي ۽ ايريا جي حساب سان اهو دنيا جو 107 وڏو ملڪ آھي. توهان کي اها آگاهي ڏيڻ ضروري آهي تہ ڪوريا ايريا ۾ سنڌ صوبي کان بہ ننڍو آھي ڇو تہ سنڌ صوبي جو ايريا بہ 140,914اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. ڪوريا ۾ اڪثر ڪري زمين غير ھموار آھي. 2016 ۾ ڪوريا جي آبادي تقريبن 50 ملين هئي. سيئول SEOUL ڪوريا جو ڪيپيٽل آهي ۽ ملڪ جي تقريبن اڌ آبادي سيئول ۾ ئي رهي ٿي. سيئول دنيا ۾ چوٿين نمبر تي وڏي ميٽروپوليٽن معيشت آهي. هنگل (Hangul) ڏکڻ ڪوريا جي مقامي ٻولي آھي. ڪوريا جو وقت (+9UTC) آھي. ڪوريا پاڪستان کان چار ڪلاڪ اڳتي آھي. تقريبن 50 سيڪڙو ڪورينز جو ڪوبہ مذهب ناهي بقايا ٻيا پروٽيسٽنزم (Protestantism)، ٻڌمت ۽ ڪيٿولزم (Catholism) جي پيروي ڪن ٿا. ڪوريا ۾ تقريبن 200،000 مسلمان آهن، جيڪو آباديءَ جو 0.4 سيڪڙو آهي.
ڪوريا جي موسم سياري ۾ وڌيڪ سرد آهي. سياري ۾ گرمي پد منفي 20 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي ٿو ۽ اونھاري ۾ گرمي پد 30 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي ٿو. ڪوريا جي معيشت جو گهڻو انحصار ٽيڪنالاجيءَ تي آهي. ڪوريا جي ڪرنسي ڪورين وون (WON) آهي؛ وون جو سمبل ₩ آھي.