ڪورِيَن کاڌا
ڪجهہ خاص ڪورين کاڌا ھي آھن.
بنڇن (Banchan):
بنڇن يا بانسانگ سائيڊ ڊش يا ڊشز جو گڏيل نالو آهي. ڪورين ھر مين ڊش سان ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ بنڇن ۽ اوٻاريل چانور ڏيندا آھن. بنڇن نھايت ئي لذيذ ۽ صحت بخش ھوندا آھن. ڪڏھن ڪو کاڌو اسان جي کائڻ جھڙو نہ بہ ھوندو ھو تہ اسان بنڇن، ڪمچي ۽ اوٻاريل چانورن سان ئي ڪم ھلائي ويندا ھئاسين.
ڪِمچِي (Kimchi):
ڪمچي، مشھور ڪورين سائيڊ ڊش آهي. ڪمچي عام طور مصالحيدار سبزي (بند گوبي، موري) وارو کاڌو آھي. جيئن اسان وٽ آچار آھي ائين ئي ڪوريا ۾ ڪمچي. ڪمچي هر کاڌي سان گڏ پيش ڪئي ويندي آهي.
بُل گوگي (BULGOGI):
بُل گوگي جي لفظي معنيٰ آھي ’باھ وارو گوشت‘. بُل گوگي ٺاھڻ لاءِ ڳئون جي گوشت جا سنھا ٽُڪر ڪري کوڙ دير مصالحن ۾ رکي، پوءِ بار بي ڪيو يا گرل ڪيو ويندو آھي يا وري پين ۾ ھلڪي باھ تي پچائيو ويندو آھي.
ڪِمباب (Kimbab):
ڪمباب، مشھور ڪورين ڊش آهي. ڪمباب، چانورن ۽ ٻين شين کي ھڪ سامونڊي پتي ۾ رکي تيار ڪيو ويندو آھي. جيئن اسان وٽ چڪن رول ھوندو آھي. ڪمباب پورٽيبل هجڻ سبب هڪ آسان خوراڪ جي طور سڃاتو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ان کي ماڻھو گمھندي ڦرندي کائيندا آھن. ڪمباب پڪنڪز ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آھي.
بِبِمباب (Bibimbab):
بِبِم جي لفظي معنيٰ مڪس ۽ باب جي لفظي معنيٰ چانور آھي. بِبِمباب جي لفظي معنيٰ ’مڪس چانور‘ آھن. بِمِباب ۾ چانور ۽ مختلف شيون ملايون وينديون آھن، جھڙوڪ ڀاڄيون، سويا ساس، گوشت، بيضو ۽ نوڊلز وغيرہ. بِبِمباب پيالي ۾ پيش ڪيو ويندو آھي. کائڻ کان پھريان بِبمباب کي بھترين طور مڪس ڪيو ويندو آهي.
توڪ بوڪي (Tteok-Bokki):
توڪ بوڪي، ڪوريا جو مشھور کاڌو آهي. توڪ بوڪي ھڪ اسپائسي کاڌو آهي، جيڪو چانورن مان ٺھندو آھي. توڪ بوڪي ۾ چانورن جي ڪيڪ سان گڏ ٻيون مختلف شيون ملايون وينديون آھن، جھڙوڪ ساس ۽ بيضو وغيرہ.
سمگيتانگ (Samgye-Tang):
سمگيتانگ يا جنسينگ (Ginseng) چڪن سوپ ھڪ مشھور سوپ آھي، جنھن ۾ ھڪ پوري مرغي يا چڪن، ٿوم، چانور ۽ جنسينگ شامل ھوندا آھي. جنسينگ ھڪ ٻوٽيءَ جي جڙ يا پاڙ آھي، ھن جو استعمال تمام فائديمند سمجهہيو وڃي ٿو. ڪوريا ۾ جنسينگ ائين آھي ڄڻ اسان وٽ سلاجيت، سمگيتانگ ڪورين روايتي ۽ جسم جي صحت لاءِ نھايت ئي مفيد سوپ آهي. ڪورين کاڌن ۾ منھنجي پسنديدہ ڊش سمگيتانگ آھي.
پاجون (Pajeon):
پاجون کي ڪورين پيزا جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. هي ڪورين ڊش آهي جيڪا بيضي، اٽي، ڀاڃين خاص طور سائي بصر ۽ ڪجهہ ٻين شين تي مشتمل آهي. ڪڏھن ڪو کاڌو اسان جي کائڻ جھڙو نہ بہ ھوندو ھو تہ صفا آخري آپشن پاجون ھوندو ھو.
انھن کان علاوہ سوپ پڻ ڪورين کاڌي جو هڪ عام حصو آهن ۽ کاڌي جي شروعات يا آخر ۾ نہ بلڪ مکيه ڪورس جي حصي جي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪورين نوجوان طبقو پيزا ۽ فرائيڊ چڪن بہ وڏي شوق سان کائيندا آھن. ڪورين فرائيڊ چڪن سڄي دنيا ۾ مشھور آھي.
ڪورين بليڪ ڪافيءَ جا وڏا شوقين آھن. ڪافي بہ بغير کير ۽ کنڊ جي. انھيءَ کان سواءِ ڪوريا ۾ الڪوحل بہ وڏي مقدار ۾ واپرايو ويندو آھي. مشھور ڪورين الڪوحل سوجو، ميگولي ۽ بوڪبونجا آهن. سوجو جي ھڪ بوتل 700 وون جڏھن تہ پاڻيءَ جي بوتل 1000 وون جي ھئي.