سفرناما

ڪوريا جيئن مون ڏٺو

ڪوريا بابت سفرنامي جو هي ڪتاب ڊاڪٽر مجيب اقبال سومري جھڙي ڪامياب ماڻهوءَ لکيو آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي مقصد لاءِ ڏکڻ ڪوريا جو مسافر بڻيو. ھن ھي پنڌ پنھنجي بي انتھا لگن، محنت ۽ سچائي سان سجايو ڪيو. ڊاڪٽر مجيب پنھنجي ڪاميابيءَ جي اُڏام ڀرڻ کان وٺي موٽڻ تائين جي سموري ڪٿا گهڻي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀرپور لکي آهي. ھن سفرنامي ۾ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي سسٽم، ڪوريا جي ثقافت، ڪوريا جي ترقي، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ سياحت جي شوقينن لاءِ ڪوريا جي سياحتي جاين جڳھين سميت ملائيشيا ۽ ويٽنام جي بہ سياحتي مرڪزن جو مختصرن ئي سھي، پر ذڪر ضرور ڪري ڇڏيو آهي.

Title Cover of book ڪوريا جيئن مون ڏٺو

سفر جون تياريون

ھانِيَانگ يونيورسٽيءَ مان ايڊميشن ليٽر حاصل ڪرڻ بعد مون سوچيو تہ بس ٻاھر وڃڻ وارو ڪم تيار آ، پر پريشاني تڏهن شروع ٿي جڏهن مون HEC ۽ MUET جي گهربل دستاويزن جي لسٽ ڏٺي. پھريان HEC جي ڳالھہ ڪندس، گهربل دستاويزن جي ھڪ ڊگهي فھرست هئي جيڪا فائنل ايوارڊ لسٽ حاصل ڪرڻ کان پھريان جمع ڪرائڻي ھئي. فائنل ايوارڊ لسٽ جي بنياد تي، ڏکڻ ڪوريا جي سفارتخانَي کي ويزا جاري ڪرڻو هيو. لسٽ ۾ ھيٺيان دستاويز شامل ھيا:
• گورنمينٽ جو پاسپورٽ
• 6 ملين (60 لک) جو ضمانتي بانڊ
• حيدرآباد بورڊ مان ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي سرٽيفڪيٽن جي تصديق
• آئي بي سي سي ڪراچيءَ مان ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي سرٽيفڪيٽن جي تصديق
• B.E ۽M.E جي ڊگريءَ جي يونيورسٽيءَ مان تصديق
• B.E ۽M.E جي ڊگريءَ جي HEC مان تصديق
• B.E ۽M.E جي ڊگريءَ جي پرڏيھي معاملن واري وزارت(MOFA) کان تصديق
• پوليس ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ
• ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ

اسين سڀ پنھنجي سسٽم کان واقف آهيون، انھيءَ ڪري بغير ڪوششن، وقت ۽ گڏوگڏ خواريءَ جي، هڪڙو بہ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ سوَلو ڪونہ هو. سرڪاري پاسپورٽ جاري ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيءَ مان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ (NOC) جي ضرورت کان وٺي، آئي بي سي سي ڪراچيءَ مان ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ سرٽيفڪيٽن جي تصديق، B.E ۽ M.E ڊگريءَ جي MOFA کان تصديق تائين سڀ ڪجهہ سولو نہ ھيو، پر وري سڀ کان وڌيڪ پريشان HEC جي ضمانتي (شوئرٽي) بانڊ ڪيو. جنھن ۾ نہ صرف اهو بانڊ شامل هو، پر اثاثن جو پڌرو ڪرڻ، روينيو ڊپارٽمنٽ طرفان اثاثن جي تصديق، گارنٽي ڏيندڙ ۽ شاهد شامل هيا. يونيورسٽيءَ جا دستاويز بہ پورا ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم ھو، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ بہ شوئرٽي بانڊ کان وٺي گورنر هائوس کان ٻاھر وڃڻ جي NOC وٺڻ شامل ھئا. سڀئي ڪاغذ پورا ڪرڻ کان پوءِ، مون کي HEC طرفان ويزا جاري ڪرڻ جي لاءِ فائنل ايوارڊ لسٽ ۽ گورنر هائوس طرفان ٻاهرين سفر لاءِ NOC ڏني وئي. ايتري ڊگهي ۽ مشڪل پروسيس دوران منھنجو ٻاھر وڃڻ جو جوش تقريبن ختم ٿي ويو هو. مٿان وري ڪوريا جي سفارتخاني جي بہ ڊگهي لسٽ ھئي، جنھن ۾ پوري ميڊيڪل رپورٽ ۽ پوليو سرٽيفڪيٽ پڻ شامل ھئا. پوليو وارن تہ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان اڳ ڦڙا بہ پياريا، پر ٻاھر وڃڻ جو جنون تڏھن ٻيھر شروع ٿي ويو، جڏهن مون کي ڪوريا جو ويزا جاري ڪيو ويو. ويزا لاءِ درخواست سان گڏ گهربل دستاويزات مان اڳ ۾ ئي پنھنجي سؤٽ عبدالرشيد سومرو سان گڏ جمع ڪرائي آيو ھيس. ھڪ ھفتي کان پوءِ سفارتخاني مان فون آيو تہ پنھنجو پاسپورٽ کڻي وڃو. سفارتخاني وارا اھو نہ ٻڌائيندا آھن تہ ويزا لڳو يا نه. بھرحال مون کي اهو ڏينھن ياد آهي، جڏهن مان پنھنجي مائٽن ڊاڪٽر احسان احمد سومرو ۽ جنيد احمد سومرو سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ ڪوريا جي سفارتخاني مان ويزا وٺڻ لاءِ ويو ھئس. دل ڏاڍي پريشان ھئي؛ جڏھن آئون سفارتخاني جي ڪائونٽر تي پھتس تہ ڪجهہ ماڻھو مون کان اڳ پھتل ھيا. منھنجي پريشاني ان مھل وڌيڪ وڌي وئي، جنھن مھل ڏٺم تہ ڪافي ماڻھن کي پاسپورٽ بغير ويزا جي واپس ڪيا پيا وڃن. نيٺ منھنجو وارو بہ آيو. مون کان ڪائونٽر تي ويٺل ليڊي رسيد ورتي ۽ اندر ھلي وئي. ڪجهہ دير کان پوءِ واپس آئي ۽ مون کي پاسپورٽ واپس ڏنائين. مان پاسپورٽ وٺي ھڪ پاسي ٿي پاسپورٽ جي پنن تي ويزا ڳولھڻ لڳم... نيٺ ھڪ پني تي ويزا نظر اچي ويو، پر ويزا تي منھنجو نالو غلط لکيل ھو. وري نئين پريشاني... نيٺ اھا غلطي بہ صحيح ڪرايم. سفارتخاني کان ويزا حاصل ڪرڻ بعد سنگت کي ڏيکاريم، تہ سنگت ٽريٽ جو چيو. منجهند جو وقت ھو ۽ بک بہ سٺي لڳي ھئي سو اسان ڊفينس جي هڪ مشھور ريسٽورنٽ ۾ نھاري ۽ ڪبابن سان گڏ ماني کاڌي. مانجهاندي دوران آئون ويزا کي بار بار ڏسي رهيو هيس تہ مان ٻاهر وڃي رهيو آهيان. 17 جنوري 2016ع تي مون ويزا حاصل ڪئي ۽ 26 فيبروري 2016ع تي ٿائي ايئر THAI AIR ۾ وايا بئنڪاڪ Bangkok ڏکڻ ڪوريا جي ٽڪيٽ ڪرائي. انھن ڏينھن ۾ آئون ڏاڍو خوش هيس، پوءِ نيٺ مون خريداري شروع ڪئي، جنھن ۾ ڪپڙا جھڙوڪ پينٽون، شرٽون، جيڪٽون ۽ بوٽ شامل ھيا. دوستن طرفان ٻڌايو ويو تہ چانھ جي پتي ۽ مصالحا جيترا ٿي سگهن کڻي اچجان. تنھن ڪري مون پنھنجو بيگ ڪپڙن ۽ مصالحن سان سٿي ساڻ کنيو.