عوامي شعور ۽ سگهه سنڌ جي اُميد آهي
سنڌ واسين لاءِ ڪهڙيون للڪارون ڪَر کڻنديون. منهنجي راءِ ۾ جيڪڏهن ملڪ اندر ڪا انارڪيءَ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان جو شڪار ٿيندي. ان اندازي لاءِ مون کي هيٺيان ڪارڻ نظر اچن ٿا. سنڌ گهڻ- لساني صوبو هجڻ سبب اُتي جي مقامي آباديءَ مٿان ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ جي تلوار ٽنگيل آهي. آباديءَ جي عدم توازن سبب سنڌين لاءِ خاص طور تي ڪراچي شهر جي مالڪي ڏکي ٿي وئي آهي. البته گذريل ڪجهه سالن اندر ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙن کانسواءِ پختون ۽ بلوچ ڌرين جي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ان شهر مٿان ڪنهن اڪيلي ڌر جي قبضي وارو خواب ساڀيان ٿيندي نظر نه ٿو اچي. هن خطي جو حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان اهم ترين پورٽ سٽي هجڻ سبب ڪراچي هر ڌر لاءِ جيئڻ مرڻ جو معاملو آهي. شهر ۾ اڳي ئي گهرو ويڙهه جهڙيون حالتون آهن ۽ ڪنهن انارڪيءَ جي حالت ۾ اهو شهر مختلف هٿياربند گروهن هٿان ڀيانڪ رتوڇاڻ جي ور چڙهي سگهي ٿو. لساني نه پر هاڻي ته انتهاپسند مذهبي ڌرين به ان شهر ۾ ڀائيواري ڪري ورتي آهي، اها صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. سنڌ ۾ ڪا به اهڙي قدآور سياسي شخصيت ناهي، جيڪا سمورين لساني ڌرين کي ساڻ کڻي گڏيل مفادن لاءِ ميدان هموار ڪري سگهي. ڪنهن به انارڪيءَ جي صورتحال ۾ ڪراچيءَ جي مالڪي وڏي ويڙهاند جو بنياد بڻجندي. جيتوڻيڪ ڪراچي شهر اندر سنڌي ڪا سگهاري ڌر شايد نه هجن، پر صوبي جي مجموعي بيهڪ اندر سنڌين کي ٻاهر رکي، ڪراچيءَ بابت ڪو به فيصلو ڪرڻ ممڪن نه هوندو. عالمي طاقتون هن خطي اندر ڪراچيءَ ۽ مجموعي طور ڏاکڻي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي پنهنجي وفادار طاقتن جو قبضو ڏسڻ چاهينديون، ان ڊوڙ ۾ آمريڪا ۽ سندس اولهه وارا اتحادي هڪ پاسي ۽ چين ٻئي پاسي ڌر هوندا.
آمريڪا ۽ يورپي طاقتون ڪراچي جي انتهائي اهم سامونڊي اڏي کي پنهنجي وفادار طاقتن وٽ ڏسڻ گهرنديون. بلڪه بلوچستان جو نقشو بدليو ته گوادر جو پورٽ به سندن حامين وٽ اچي ويندو. ان لحاظ کان ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪراچي هن ملڪ جي سياست توڙي ڪنهن به ٽڪراءُ جو انتهائي اهم مرڪز بڻجندو. اهي طاقتون جيڪي سنڌ جي جاگرافيائي ورهاڱي ۾ ڪا به دلچسپي رکن ٿيون، انهن جي دلچسپيءَ جو مرڪز رڳو ڪراچي نه پر سموري ساحلي پٽي هوندي. ساڍا ٽي سئو کان چار سئو ڪلوميٽرن جي اها ساحلي پٽي ڪيترن ئي علاقائي مفادن جي نگهبانيءَ لاءِ اهم آهي. سنڌ جي سياسي ڌرين کي سموري ساحلي پٽيءَ ۾ سنڌين جي عددي ۽ سياسي سگهه وڌائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص ۽ ٿر جي سموري ڏاکڻي پٽي اهڙي ٽڪراءَ جي صورت ۾ سنڌ دشمن ڌرين جي نگاهن جو مرڪز بڻجندي. مختلف سببن جي ڪري ڪراچي اڪيلي سر سندن مفادن جو پورائو نه ڪري سگهندي. ان پسمنظر ۾ ڏاکڻي سنڌ اندر ذوالفقار آباد ۽ مذهبي ڌرين جي وڌيڪ ڌيان کي سمجهڻ گهرجي. ويجهي ماضيءَ ۾ انتهاپسند ڌرين انهن علائقن ۾ پنهنجون عوامي رابطي واريون سرگرميون وڌايون آهن. ڌارين زمينون خريد ڪرڻ شروع ڪيون آهن، انتهاپسند ٽولن ساحلي شهرن ۾ چرپر وڌائي ڇڏي آهي ۽ ان علائقي ۾ انفرا اسٽرڪچر تي زبردست سيڙپڪاري ٿي رهي آهي. ذوالفقار آباد انهن قوتن لاءِ هڪ متبادل ڳڙهه بڻجي سگهي ٿو.
سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي انارڪي پيدا ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان گهڻي ننڌڻڪائي سنڌين جي ڀاڱي ۾ ايندي، ان جو اهم ڪارڻ سنڌين جي ڪمزور نمائندگي آهي. سنڌي وڏيرا جنهن به پارٽيءَ ۾ هجن هميشه سگهارين ڌرين جو پاسو وٺندا ۽ عام سنڌين جي مفادن جي کين ڪا به ڳڻتي نه هوندي. سنڌي وچولو طبقو پيپلز پارٽيءَ جي مهربانين سان حد درجي جو ڪرپٽ ٿي چڪو آهي ۽ ان مان سنڌ جي مفادن جي نگهبانيءَ جي اميد اجائي آهي. نئينءَ مان وڏيرا ٿيل وچولي طبقي جا ڪرپٽ همراهه موقعي پرستيءَ ۾ وڏيرن کي به مات ڏئي ڇڏيندا. سنڌ ۾ قومي وجود ۽ بنيادي مفادن جي حوالي سان هميشه مزاحمتي ڪردار قومپرست ڌرين ادا ڪيو آهي. پنهنجي حال ۽ وس آهر قومپرست ڌريون عوام کي متحرڪ ڪري ڪارائتو ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن، پر جنهن شديد انتهائي خطرناڪ صورتحال ۽ ملڪي سطح جي انارڪيءَ جو انديشو آهي، ان کي منهن ڏيڻ واري گهربل سگهه قومپرست ڌرين ۾ في الحال نظر نه ٿي اچي. انارڪيءَ جي طاقتن جي هر محاذ تي مزاحمت ڪرڻ، بين الاقوامي فورمن ۽ عالمي طاقتن سان ميز تي پنهنجي شرطن تي ڳالهائڻ ۽ کين بگهڙن اڳيان سنڌ جي وحدت کي سلامت رکڻ ڪو چرچو نه هوندو. ان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ جنهن قسم جي سگهاري منظم تنظيم گهرجي، ان جي کوٽ چِٽي طرح موجود آهي. ها البته قومپرستن ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته جيڪڏهن اهي پنهنجا رويا تبديل ڪن ۽ قومي سياست کي گهربل سطح جي سنجيدگيءَ سان قيادت فراهم ڪن ته اهي بحراني صورتحال ۾ سنڌين جي نمائندگي ڪري سگهن ٿا. ياد رهي ته هتي ڪنهن عام رواجي روز مره جي مسئلن جو نه پر عراق جهڙي ڳنڀير بحران واري صورتحال کي سامهون رکي سوچڻو پوندو. اهو چئلينج اسان جي سوچ کان هزار ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ هوندو. اهڙي صورتحال کي رڳو اخباري بيانن، ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ مظاهرن ۽ پريس ڪلبن اڳيان بک هڙتالن سان منهن نه ڏئي سگهبو، ان قسم جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تمام وڏي سطح جي سياسي سگهه ۽ سنجيده روين جي ضرورت آهي. ڊيموگرافيءَ جي تبديلي ۽ مذهبي انتهاپسندي به موتمار چئلينج آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي گهرجي.
ساڳي طرح پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جي به ڪا اهڙي سگهاري ۽ مانائتي ڌر نظر نه ٿي اچي، جيڪا ڪنهن وڏي گهوٽالي جي صورتحال ۾ ملڪ کان ٻاهر سنڌين جي حقن جي تحفظ لاءِ عالمي برادريءَ سان لهه وچڙ ڪري سگهي. سنڌين جو هڪ چڱو موچارو انگ پرڏيهه ۾ رهي ٿو، پر انهن جو به ڳانڍاپو ايترو سگهارو ناهي، ان جو هڪ وڏو ڪارڻ سنڌ اندر ڪنهن سگهاري هلچل جو نه هجڻ آهي، جيڪا پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين کي سلهاڙي سگهي. جيڪڏهن ڪا انتهائي صورتحال جنم وٺي ٿي ته بين الاقوامي لابنگ جو تمام اهم ڪردار هوندو. بدقسمتيءَ سان سنڌين جو اهو محاذ نهايت ڪمزور آهي. انتهائي بحراني صورتحال ۾ وڏيون طاقتون جڏهن وڏا فيصلا ڪرڻ ويهنديون ته سفارتي محاذ تي سنڌين جي نمائندگي ڪير ڪندو، اهو ڳڻتيءَ جوڳو سوال آهي.
سنڌ کي هڪ ٻي وڏي للڪار تيزيءَ سان پکڙجندڙ مذهبي ۽ فرقيواراڻي انتهاپسنديءَ مان آهي. سگهه ڌڻين جون اتحادي انتهاپسند قوتون سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن سگهاريون ٿي رهيون آهن. سنڌ حڪومت جي خطرناڪ حد تائين جي غير ذميواري ۽ قومپرست توڙي کاٻي ڌر جي طاقتن جي ڪمزوريءَ جي نتيجي ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، ان مان اهي ڌريون ڀرپور فائدو وٺي رهيون آهن. اهي ڌريون اڳتي هلي سنڌ ۾ قومي حقن جي آواز کي چيڀاٽڻ لاءِ مختلف طريقن سان ڪتب آنديون وينديون. بلوچستان ۾ جيئن قومي حقن جي تحريڪ سگهاري ٿي ته ان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انهن فرقيوار قوتن کي اڀاريو ويو ۽ رتوڇاڻ جا نوان پاسا سامهون آيا. ماضيءَ ۾ بنگلاديش جي تحريڪ وقت ساڳين طاقتن کي البدر ۽ الشمس طور ڪتب آندو ويو. ايندڙ ڏينهن ۾ اهي طاقتون سنڌ اندر هڪ وڏي ڌر ٿي اڀري سگهن ٿيون. ان جون شروعاتي جهلڪيون هينئر ڪراچيءَ ۾ نظر اچي رهيون آهن. جنهن رفتار سان هن خطي ۾ صورتحال بدلجي رهي آهي، ان سان ايندڙ وقت ۾ سنڌ لاءِ ڳنڀير چئلينج اڀرندي نظر اچي رهيا آهن. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هنن حالتن ۾ سنڌ اندر ڪنهن به قسم جي رتوڇاڻ يا آبادين وچ ۾ ٽڪراءُ سنڌين کي فائدو نه پر نقصان ڏيندو. ڪنهن به ملڪي سطح جي انارڪيءَ جو فائدو اهو ڌريون وٺنديون جن جي سياسي محدود ذهنيت سبب سوچ جو محور سنڌ جو جاگرافيائي ورهاڱو هوندو. گهڻ لساني صوبو هجڻ سبب سنڌين مٿان سنڌ جي وحدت وارو سوال تلوار جيان ٽنگيل رهندو. آباديءَ جو بگڙجندڙ توازن ان صورتحال کي ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيندو.
ڪنهن به انتهائي صورتحال ۾ سنڌين لاءِ سڀ کان اهم مسئلو اثرائتي نمائندگيءَ جو هوندو، سنڌ کي هڪ اهڙي منظم، محب وطن سياسي نمائندگيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا جديد دور جي چئلينجز جي ڳنڀيرتا کي سمجهندي هجي، جنهن ۾ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ عالمي طاقتن اڳيان سنڌ جي مفادن جي تحفظ ڪرڻ جي صلاحيت هجي. هن وقت سنڌ ۾ ان سطح جي ڪا نمائنده ڌر نظر نه ٿي اچي ۽ اها ئي سنڌ واسين لاءِ سڀ کان وڏي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي.
البته هڪ اميد سنڌ جي ان اجتماعي سياسي ۽ مزاحمتي شعور مان آهي، جيڪو هميشه مصيبت جي وقت شيهي جي ڀت بڻجي پوندو آهي. سياسي قيادت جي ڪمزوريءَ جو خال رڳو اجتماعي عوامي قومي شعور ڀري سگهي ٿو. اهو اجتماعي شعور اهڙي انتهائي صورتحال ۾ ڪهڙي شڪل اختيار ڪندو، ان بابت اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي، پر مايوسيءَ جي اُٿاهه انڌيرن ۾ اُميد جو ڪرڻو وري به سنڌ جو اجتماعي سياسي شعور آهي.
(روزاني ڪاوش، اڱارو 05 آگسٽ 2014ع)