تبديليءَ لاءِ جدوجهد جاري رهڻ گهرجي!
پهرين پنجن سالن جي تجربي کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت جو ان فارمولي ۾ ايمان پُختو ٿي ويو ته طاقت جو سرچشمو عوام نه، پر پئسو ۽ مفاهمت آهي. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت هڪ طرف ٻنهي هٿن سان سنڌ کي لٽيو ته ٻئي طرف سگهاري اسٽيبلشمينٽ کي خوش رکڻ لاءِ سمورا حيلا هلايا. سنڌي ڪامورن کي اسلام آباد ۾ ائين ئي پري رکيو ويو، جيئن اڄڪلهه نواز حڪومت ڪري رهي آهي. 18 هين ترميم جي باوجود سنڌ جي تيل ۽ گئس جي جائز مالڪيءَ لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي. سنڌ مان غير سنڌين جي انبوهه کي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جون ٽڪيٽون ڏنيون ويون. ڪراچيءَ ۾ ڏوهن ۽ دهشتگرديءَ کي اڳي کان به وڌيڪ ڇوٽ ڏني وئي. بينظير ڀٽو، جن کي قاتل قرار ڏنو، تن کي حڪومت ۾ اهم عهدا ڏنا ويا. مُڏي قانون سازيءَ وسيلي سنڌ مان ميرٽ کي نيڪالي ڏئي، اهم عهدن تي غير سنڌين ۽ ڪرپٽ ترين سنڌين کي مقرر ڪيو ويو. بينظير ڀٽو مٿان 18 آڪٽوبر 2007ع تي ٿيل حملي جي ڪيس کي چُرڻ نه ڏنو ويو. هاڻوڪي حڪومت دوران پاڪستان پروٽيڪشن ايڪٽ کي منظور ڪرايو ويو. ايل اين جي ۽ گئس انفرااسٽرڪچر ڪيس جي معاملن تي سنڌ جي مفادن کي پُٺي ڀر اُڇلائي، وفاقي حڪومت جو ساٿ ڏنو ويو ۽ فوجي عدالتن جي قيام ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود اسٽيبلشمينٽ اڄ به پيپلز پارٽيءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌين جو الميو اهو آهي ته پيپلز پارٽي اڄ اسٽيبلشمينٽ سان جمهوريت يا سنڌ جي حقن لاءِ ٽڪر ۾ ناهي ۽ اسٽيبلشمينٽ وري پيپلز پارٽيءَ کي هٽائي، سنڌ کي ڪو بهتر مستقبل ڏيڻ جو ڪو رڪارڊ نٿي رکي. ساڃاهه رکندڙ هر سنڌ واسي ان مونجهاري جو شڪار آهي ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ڪاررواين جي مخالفت جي ڪري، سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ هلندڙ ان ڪاري ڪاروهنوار جي حمايت ڪري يا وري حڪمران ٽولن جي ڪارن ڪرتوتن جي مخالفت ۾ ان اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ڪري، جيڪا ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ کان وڌيڪ سنڌ جي مفادن جي ويري ٽولن کي سنڌ مٿان مڙهيندي رهي آهي.
سنڌين جو الميو اهو به آهي ته وفاقي سياست ڪندڙ ٻين ٻن وڏين پارٽين مان نواز ليگ جو نه ته ڪو رڪارڊ چڱو آهي ۽ نه وري ان حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ کي ڪا اهميت ڏني آهي. ٻئي طرف هڪ اُڀرندڙ سياسي طاقت پي ٽي آءِ آهي، جيڪا سنڌ ۾ اڃا تائين پارٽ ٽائيم سياست ڪري رهي آهي ۽ ان جي سياسي جدوجهد جو مرڪز گهڻو ڪري پنجاب ۽ پختونخوا آهي. سنڌ جون قومپرست ڌريون مختلف سببن جي ڪري اڃا تائين پاڻ کي سگهارو اليڪشني متبادل نه بڻائي سگهيون آهن. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڪرپشن ۽ بدعنوانيءَ کي بنياد بڻائي، پيپلز پارٽيءَ کي سياسي منظرنامي تان هٽائي ٿي ته سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ سياسي خال جنم وٺندو. اسٽيبلشمينٽ کي جيئن ته هن وقت مارشل لا بجاءِ اَڀرو سڀرو نالي ماتر ئي سهي، پر جمهوري نظام گهرجي، تنهن ڪري خدشو اهو آهي ته ماضيءَ ۾ سنڌ کي سياسي طور مفلوج ڪندڙ سنڌ دشمن وڏيرن جو پراڻو آزمايل ٽولو ميدان تي لاٿو وڃي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ سنڌ ٻيهر ان انارڪيءَ جي ور چڙهي ويندي، جنهن مان ان اٺن سالن جي جدوجهد کان پوءِ جان ڇڏائي، پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آندو هو. اها صورتحال سنڌ لاءِ سياسي طور هڪ خطرناڪ ريورس گيئر جيان هوندي.
سنڌ کي ان سياسي ٻه واٽي تي پهچائڻ جي بنيادي ذميواري پيپلز پارٽيءَ تي لاڳو ٿئي ٿي، جنهن سنڌ کي هڪ خطرناڪ سياسي خال ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. ستن سالن کان سنڌ ۾ وڏي حد تائين بااختيار رهندڙ پيپلز پارٽيءَ سنڌ سان تمام وڏي ويساهه گهاتي ڪئي آهي. ان عرصي دوران سنڌ کي مضبوط انتظامي ڍانچو ۽ عوام دوست سياسي ادارو فراهم ڪرڻ بجاءِ پيپلز پارٽيءَ سنڌ کي عوام دشمنن جاگيردارن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن سنڌ جو رت چوسي، ان کي ڪنگال ۽ بدحال بڻائي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي ستن سالن دوران سنڌ ۾ چٽاڀيٽي، اهليت ۽ پاڻ ڀرائيءَ وارا رويا پُختا ڪرڻ بجاءِ عوام کي شارٽ ڪٽ، حرام خوري، خيراتي پروگرامن ۽ وڏيرن جي غلاميءَ جي ور چاڙهيو ويو. سنڌ ۾ اعلى تعليمي ادارن کي برباد ڪري، انساني وسيلن جي اوسر جي رستا روڪ ڪئي وئي ۽ نوڪرين کي بازار جو ويڪو وکر بڻائي، سمورو انتظامي ڍانچو نااهل ۽ ڪرپٽ وفادارن جي ٽولي جي حوالي ڪيو ويو. اڄ صورتحال اها آهي ته سنڌ ۾ سروس اسٽرڪچر مڪمل طور برباد آهي ۽ عوامي خدمتن جا ادارا مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن. سنڌ جون زمينون هڙکائو بلڊر مافيا جي حوالي ڪيل آهن. ڦرلٽ ۽ بدعنوانيءَ جي ان جهان ۾ سياسي ادارا ڪٿان اُسري سگهندا؟ اَڀريون سڀريون قومپرست پارٽيون به پنهنجي ڪمزور حڪمت عملين سبب پاڻ کي ڪنهن وڏي عوامي طاقت ۾ تبديل نه ڪري سگهيون آهن، جيڪي هن سياسي خال واري صورتحال ۾ سنڌ واسين کي ڪو ڏڍ ڏئي سگهن. سول سوسائٽي سنڌ ۾ اڃا اوسر جي بنهه شروعاتي مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته سول سوسائٽي جمهوري، سرمائيداراڻي ۽ شهري ماحول ۾ ئي اُسري سگهندي آهي. سنڌ جي نيم قبائلي ۽ وڏيرڪي ٽولي جي انڌي راڄ ۾ جيڪو ٿورو گهڻو وچولو طبقو اُسريو هو، اهو به ڪرپشن، شارٽ ڪٽ ۽ ايمان جي ڪمزوريءَ جو شڪار آهي، اهڙو وچولو طبقو سول سوسائٽيءَ کي جنم نه ٿو ڏئي سگهي. هڪ مضبوط سول سوسائٽيءَ جو خيال به جيئن جو تيئن موجود آهي. ڪجهه اين جي اوز، صحافين، استادن ۽ ليکڪن ۽ صحافين جي محدود سرگرمين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي سگهجي ٿو، پر اهي اڃا تائين ڪا مضبوط سماجي سگهه نه بڻجي سگهيا آهن. جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي ٻهراڙين کي وڏيرڪي ٽولي جي غلاميءَ ۾ اُڇلڻ بدران اُتي ڪنهن نيم صنعتي ۽ ڪاروباري ڍانچي جا بنياد رکي ها ته سنڌ اندر هڪ صحتمند سماجي اوسر جا بنياد به پئجي سگهن ها ۽ سول سوسائٽي به اوسر جا شروعاتي ڏاڪا چڙهي چڪي هجي ها، جيئن ته پيپلز پارٽي ڄاڻي ٻُجهي سنڌ کي سماجي طور هڪ صدي پُٺتي رکڻ جو سامان پيدا ڪيو، تنهن ڪري سنڌ ۾ سماجي ۽ سياسي خال ڪنهن بليڪ هول جيان تبديليءَ جي هر اُميد کي ڳڙڪائي رهيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ ۾ نهايت سُلجهيل، پڙهيل لکيل، اهل، تجربيڪار ۽ عوام دوست فرد به موجود آهن، جيڪي سنڌ کي قابل قيادت فراهم ڪري سگهن ٿا، پر بدقسمتيءَ سان مکيه ڌارا وارين سياسي ڌرين وٽ اهڙن فردن لاءِ ڪا به جڳهه ناهي. ساڳي طرح اسٽيبلشمينٽ کي به اهڙن وفادارن جي ضرورت هوندي آهي، جن کان قابليت ۽ ايمانداري نه، پر وفاداريءَ جي تقاضا ڪئي ويندي آهي.
ممڪن آهي ته پيپلز پارٽي ڪنهن مفاهمت جي نتيجي ۾ پنهنجي حڪومت برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي به وڃي، پر سنڌ ۾ هڪ مضبوط عوام دوست جمهوري سياسي ڌر جو خال جيئن جو تيئن برقرار رهندو. جيئن ته پيپلز پارٽي 1970ع کان هڪ ديوقامت سياسي ڌر رهي آهي ۽ ڀٽو خاندان جي قربانين سبب سنڌي عوام جو ان پارٽيءَ سان نهايت گهرو جذباتي ڳانڍاپو به رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ ڪا ٻي مضبوط پارلياماني ڌر جاءِ پيدا نه ڪري سگهي آهي. قومپرست ڌريون سنڌ جي سياسي ۽ معاشي حقن واري محاذ تي عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي زبردست صلاحيت رکن ٿيون، پر اهي به پارلياماني ميدان ۾ ڪا مضبوط ڌر ناهن بڻجي سگهيون. باقي پارلياماني سياست ۾ مخالف ڌر واريون ٻيون پارٽيون، جيئن ته اسٽيبلشمينٽ جي ليبارٽري ۾ پيدا ٿيون آهن، تنهن ڪري سنڌ جو عوام کين اسٽيبلشمينٽ جو پگهاردار ۽ نج ذاتي مفادن جو ڳيجهو سمجهي ٿو. انهن ڌرين جو ماضيءَ جو رڪارڊ ٻُڌائي ٿو ته اهي موقعو ملڻ تي سنڌ سان جُٺ ڪرڻ جي معاملي ۾ سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏين ٿيون. بينظير ڀٽو جي حياتيءَ ۾ ۽ سندس وڇوڙي کان ڪجهه سال پوءِ تائين به سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پارلياماني متبادل جي ڪا گهڻي گُهرج عوامي سطح تي موجود نه هئي. عام سنڌ واسين جو خيال هو ته پيپلز پارٽي مخالف ڌر طور سنڌ جي اجتماعي سياسي حقن تي جدوجهد ۾ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ اقتدار ۾ اچي ٿي ته عوام کي ڪجهه نه ڪجهه ساهه کڻڻ جو موقعو ملي ٿو. 2007ع تائين به سنڌ واسين کي اها اميد هئي ته بينظير ڀٽو، جڏهن به واپس اچي اقتدار سنڀاليندي ته سندن اهنج دور ٿي ويندا. 2008ع جي چونڊن ۾ سنڌ واسين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهي هڪ باشعور قوم طور پنهنجي قيادت جي قتل جو سياسي انتقام وٺڻ ڄاڻين ٿا. پيپلز پارٽيءَ جي اقتدار جي پهرين سال ٻن دوران به سنڌ واسين کي اها اميد هئي ته پيپلز پارٽي سندن سياسي ۽ معاشي حقن جي رکوالي ڪندي، پر وقت گُذرڻ سان پهريون ڀيرو عوامي سطح تي پيپلز پارٽيءَ جي متبادل پارلياماني طاقت جي خواهش جنم وٺڻ لڳي. عوام کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته بينظير ڀٽو کان پوءِ پيپلز پارٽي ساڳي نه رهي آهي ۽ ان جي هاڻوڪي قيادت سنڌ سان هر طرح جي ويساهه گهاتي ڪري سگهي ٿي، ان تاثر کي وڌيڪ هٿي پيپلز پارٽي پاران ٻٽو مڪاني نظام متعارف ڪرائڻ کان پوءِ مليو، جڏهن سنڌ واسين کي پيپلز پارٽيءَ جي پاليسين سان مشرف جي دور جي سنڌ دشمني نظر اچڻ لڳي. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پارلياماني متبادل جي خواهش جي ڄمار ڪا گهڻي طويل ناهي، جڏهن ته پارلياماني سياست جو صحتمند سياسي متبادل ڪو ايڏو آسان عمل ناهي، جيڪو ڪجهه سال اندر اُڀري اچي، اهو رڳو ڪنهن غير معمولي سياسي اُٿل پُٿل يا حادثي جي صورت ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. نارمل حالتن ۾ ايڏي سگهاري تبديليءَ کي وقت گهربل هوندو آهي، ان تبديليءَ جو بنيادي اهم ترين ڏاڪو متبادل جي عوامي سطح تي خواهش پيدا ٿيڻ آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي عملن سان متبادل جي ان خواهش کي جنم ڏئي چڪي آهي، اهو ڪم ضياءُ الحق ۽ مشرف به نه ڪري سگهيا هئا ۽ ان ڪم جو ڪريڊٽ پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت ڏانهن وڃي ٿو، ان عمل کي تمام ٿورو عرصو گذريو آهي، پر ان دوران متبادل جي خواهش جي شدت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. هن وقت جيئن ته سنڌ ۾ اهڙي متبادل ڌر نظر نٿي اچي، تنهن ڪري سنڌ ۾ هڪ سياسي خال ۽ ڊپريشن واري صورتحال آهي. جيئن جيئن سياسي عمل اڳتي وڌندو ته سياسي متبادل لاءِ رستا به هموار ٿيندا. ممڪن آهي ته تبديلي ۽ متبادل لاءِ ٿيندڙ شروعاتي ڪوششون ڪچيون ڦڪيون ۽ ڪمزور هجن، پر وقت گذرڻ سان انهن ۾ بهتري ۽ سگهه ايندي. جيڪڏهن جمهوري عمل جاري رهيو ۽ مڪاني ادارن جو سلسلو بحال ٿيو ته سنڌ ۾ باصلاحيت ۽ ايماندار سياسي قيادت لاءِ نيون دريون کُلنديون. ڊپريشن يا مايوسيءَ بجاءِ سياسي متبادل جي ضرورت، سياسي هڪ هٽيءَ جي مخالفت، وڏيرڪي سياست جي مزاحمت ۽ سنڌ جي سياسي ۽ معاشي حقن جي وڪالت واري جدوجهد کي جاري رکڻ گهرجي. چار پنج ڪروڙ جيئرن جاڳندن ماڻهن جي قوم ايڏي به لاچار ۽ هيڻي ناهي، جو پنهنجي صفن مان چند سئو اهل ۽ ايماندار ماڻهن لاءِ رستا هموار نه ڪري سگهي. جيستائين سنڌ اندر ڪا مضبوط متبادل سياسي ڌر اُڀري اچي، سنڌ جي ساڃاهه وندن، ايماندار سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽيءَ کي ڪرپشن بدعنواني، اقرباپروري، زمينن جي نيلامي، ڌاري آبادڪاري، دهشتگردي، انتهاپسندي، انساني حقن جي لتاڙ خلاف پنهنجي وس ۽ وت آهر جدوجهد کي جاري رکڻ گهرجي. سماجي ۽ سياسي تبديلي اڻٿڪ جدوجهد ۽ لڳاتار سفر جي تقاضا ڪري ٿي. سماج وهندڙ وهڪري جيان هلندا رهندا ته انهن ۾ بهتري ايندي. هٿ تي هٿ رکي ويهي رهڻ سان سماج گدلي سينور واري تلاءَ جيان ٿي ويندو، جنهن ۾ ڪا به جيوت ساهه نه کڻي سگهندي. جنهن سنڌ ون يونٽ ۽ ضياءَ شاهي جهڙين آفتن کي لازوال ساڃاهه ۽ همت سان شڪست ڏني آهي، ان ۾ ايترو ته يقينن آهي، جو اها جاگيردارن ۽ سندن ساٿاري مڊل ڪلاسي نون وڏيرن جي سنڌ مٿان ناجائز قبضي مان جان آجي ڪرائي سگهن. سنڌ جي ساڃاهه وند فردن کي ان بنيادي تبديليءَ لاءِ پنهنجي جدوجهد جو سفر ساڳئي ولولي سان جاري رکڻو پوندو. سنڌي سماج پنهنجي تقدير کي هڪ روشن خيال، پُرامن سياسي تحرڪ سان بدلائڻ جي مڪمل سگهه رکي ٿو ۽ اها تبديلي اوس اچڻي آهي.
(روزاني ڪاوش، خميس 02 جولاءِ 2015ع)