جنونيت جي باهه ۾ سڙندڙ سنڌ
اڃا سنڌ ۾ انتهاپسندي پنهنجي شروعاتي ڏاڪي تي آهي ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ وقت موجود آهي، پر شايد ڪجهه وقت کانپوءِ اها مهلت به باقي نه رهي. جيڪڏهن هن وقت سنڌي سماج ان يلغار جي مزاحمت نه ڪئي ته پوءِ ڪنهن کي به ان خوشفهميءَ ۾ نه رهڻ گهرجي ته سنڌ جو حشر به فاٽا، پختونخوا ۽ بلوچستان جهڙو ٿي سگهي ٿو. اڄ جيڪڏهن خان غفار خان جو پوٽو ۽ عطاءُ الله مينگل جو پُٽ پنهنجن اباڻن علائقن ۾ وڃڻ جهڙا نه رهيا آهن ته پوءِ ڳڙهي خدابخش، سن ۽ ڀٽ شاهه به انهن طاقتن جي پهچ کان پري ناهن. قبائلي سردارن جي انڌير نگري، پوليس جي بربريت، شديد غربت، بدترين حڪمراني ۽ لاقانونيت جي انڌيري ۾ رهندڙ ماڻهو ان نظام کان نفرت ڪرڻ لڳا آهن، جنهن کي سرڪار جمهوريت جو نالو ڏئي ٿي. ماڻهن لاءِ زندگيءَ جا سمورا رستا بند ڪري، حڪومت ۽ رياست کين انتهاپسنديءَ جو ٻارڻ بڻجڻ تي مجبور ڪري رهي آهي ۽ سنڌ ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍي، پيپلز پارٽي سنڌ جي نوجوان کان آئيندي جي اُميد ڦُري، کين انتهاپسنديءَ جي دڳ تي لائي رهي آهي. اڄ سنڌ جي ٻهراڙين جي نوجوانن لاءِ تعليمي ادارن، سرڪاري نوڪرين ۽ خانگي ملازمتن جا سمورا دروازا بند آهن. انهن لکين نوجوانن کي ڪو صحتمند سياسي متبادل به نظر نه ٿو اچي ۽ قومپرست ڌريون کين متبادل قيادت ڏيڻ کان پڻ وانجهيل آهن. اين جي اوز جي نالي تي گهڻو ڪري دُڪان هلي رهيا آهن، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ خانگي شعبو وجود ئي نه ٿو رکي ۽ زرعي معيشت ته مدي خارج ٿي چڪي آهي. ان سڄي وايو منڊل ۾ سنڌ جي لکين نوجوانن جي فرسٽريشن کين غلط قوتن جي صفن ڏانهن ڌڪي رهي آهي.
سنڌ ۾ ڪجهه سالن اندر هڪ طرف انتهاپسنديءَ کي هٿي ڏني وئي آهي ته ٻئي طرف سياسي ڪارڪنن جا لاش ملي رهيا آهن. بلوچستان ۾ جيئن سياسي حقن جي تحريڪ مضبوط ٿي هئي ته هڪ طرف ان کي تشدد وسيلي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ٻئي طرف بلوچستان تڪرار تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اُتي فرقيواراڻي دهشتگردي شروع ڪرائي وئي. ڪوئيٽا ۾ هزاره ڪميونٽي جي ايران ڏانهن ويندڙ شيعا زيارتين جي قتل عام ۽ هاڻي وري بلوچستان جي ڏاکڻي پٽيءَ ۾ ان جنونيت کي پکيڙيو پيو وڃي. ياد رهي ته بلوچستان جي ڏاکڻي پٽيءَ جا علائقا گوادر پنجگور ۽ تربت، قومپرست ڌرين جي سرگرمين جو مرڪز آهن. اهي علائقا باقي بلوچستان کان ڪيترن ئي حوالن کان مختلف آهن. نج بلوچ آباديءَ وارا اهي ضلعا بهتر تعليمي شرح سبب پڙهيل لکيل آباديءَ تي ٻڌل آهن. انهن علائقن ۾ سرداري نظام نه هجڻ سبب اهي پڙهيل لکيل، روشن خيال وچولي طبقي جا علائقا آهن، جيڪي ڪنهن به قسم جي عقيدي واري انتهاپسنديءَ کان آجا رهيا آهن. عورتن جي سماجي شعور ۽ اڳڀرائيءَ جي حوالي سان به اهي علائقا باقي بلوچستان جي سرداري ۽ قبائلي نظام کان بنهه مختلف آهن. گذريل ڪجهه عرصي کان اُتي به انتهاپسنديءَ کي پکيڙيو ويو آهي. پنجگور ۾ انگريزي ميڊيم خانگي اسڪولن تي حملا ڪرايا ويا ۽ اڄ ڪلهه ساحلي پٽيءَ تي آباد هڪ اقليتي فرقي ذڪرين خلاف باهه ٻاري وئي آهي. ذڪري ڪميونٽيءَ جو هڪ وڏو انگ انهن علائقن ۾ رهندڙ آهي ۽ مقامي طور تي ڪڏهن به سندن خلاف ڪي به ڪارروايون نه ٿيون آهن. هاڻي اوچتو ئي اوچتو انهن خلاف باهه ٻاري وئي آهي. اهي سموريون ڪارستانيون بلوچ حقن جي تحريڪ جو مُنهن موڙڻ ۽ دنيا اڳيان بلوچستان جو هڪ مختلف مهانڊو پيش ڪرڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن. سنڌ ۾ به ورهين کان هلندڙ قومي جاڳرتا ۽ حقن جي جدوجهد نهايت سگهاري رهي آهي. پنهنجي انيڪ ڪمزورين ۽ اوڻاين جي باوجود سنڌ جي قومي هلچل سنڌ جي قومي سُڃاڻپ، جاگرافيائي وحدت، سنڌ جي قومي وسيلن جي مالڪيءَ وغيره جهڙن بنيادي سوالن تي سنڌ اندر هڪ وسيع تر عوامي ايڪو پيدا ڪيو آهي. ان جي نتيجي ۾ سنڌ اندر هڪ سگهاري عوامي مزاحمت موجود رهي آهي. ان مزاحمت جو بنياد جمهوري ۽ پُرامن سياسي جدوجهد رهيو آهي. ان مزاحمتي شعور کي طاقت وسيلي دٻائڻ سگهارين ڌرين لاءِ ڏکيو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ سياسي ورڪرن جا چچريل لاش اُڇلي، ان مزاحمتي شعور کي تشدد ڏانهن ڌڪي چيڀاٽڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا کين گهربل نتيجا نه ڏئي سگهي. هاڻي لڳي ائين ٿو ته بلوچستان جيان سنڌ تي به پنهنجي مخصوص ٽولن وسيلي فرقيوار ۽ تشدد جي لهر کي اُڀاريو ويندو. ماضيءَ ۾ قبائلي ۽ لساني ويڇن وسيلي اهڙيون ڪوششون ڪيون ويون هيون، جيڪي پڻ سنڌ جي عوامي شعور هٿان ناڪام ٿيون. هاڻي اهي طاقتون فرقيوار دهشتگرديءَ کي هٿي ڏئي، سنڌي سماج کي هڪ مختلف جنگ ۾ اُلجهائڻ گُهرن ٿيون. گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ بدترين حڪمرانيءَ سبب پيدا ٿيل انتظامي خال جو فائدو وٺندي، انهن طاقتن، انتهاپسند قوتن لاءِ راهون هموار ڪيون آهن. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وٽ نه ان صورتحال کي روڪڻ جي سياسي نيت موجود آهي ۽ نه انتظامي اهليت. ائين اها باهه، جيڪا ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ ۾ لڳائي وئي هئي، اها هاڻي باقي سنڌ ۾ به پکيڙي پئي وڃي. جنونيت جي اها لهر ڪا اوچتي پيدا نه ٿي آهي، پر هڪ عرصي کان سنڌ ۾ ان جون علامتون نفرت انگيز وال چاڪنگ، زهريلين تقريرن، انتهاپسندي واري مواد ۽ مدرسن جي ڄار جي شڪل ۾ سواءِ سنڌ سرڪار جي سڀني کي نظر اچي رهيون هيون. هن زهريلي هلان کي هن وقت به سنڌ جون قومپرست ڌريون، اديب، صحافي، ليکڪ ۽ اَڀري سڀري سول سوسائٽي مُنهن ڏئي سگهي ٿي. فرقيوار جنونيت سنڌ جي جاگرافيائي ورهاڱي جون ڌمڪيون ڏيندڙ قوتن کان به وڌيڪ زهريلي ۽ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. قومپرست تنظيمن تي اها ذميواري ٿي عائد ٿئي ته اهي سنڌ جو آئيندو بچائڻ لاءِ روايتي مذمتي بيان بازيءَ کان اڳتي وڌي پنهنجن ڪارڪنن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ منظم ڪري انتهاپسنديءَ اڳيان ڪو عوامي بند ٻڌن. سنڌ وٽ هاڻي وڃائڻ لاءِ وقت ناهي. شڪارپور واقعو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته سنڌ ۾ ان قسم جا ٻيا واقعا به ٿي سگهن ٿا. حڪومت جي نااهلي ۽ سنڌ کان مڪمل لاتعلقي سبب ان جنونيت کي رڳو عوامي جدوجهد وسيلي ئي روڪڻ ممڪن آهي. سنڌ ۾ ايندڙ مهينا ان حوالي سان آزمائش جو وقت هوندا. جيڪڏهن سنڌ دوست ڌرين شڪارپور سانحي کي به ماضيءَ جيان نظرانداز ڪيو ۽ بنا ڪنهن واضح حڪمت عمليءَ جي سکڻن بيانن تي گذارو ڪيو ته پوءِ سنڌ کي جنوني طاقتون ڳڙڪائي وينديون. ساڳي طرح پيپلز پارٽي وٽ به هڪ موقعو آهي. جيڪڏهن پ پ قيادت مخلص ٿئي ته ان وٽ مڪمل حڪومتي سگهه موجود آهي جيڪا انتهاپسنديءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. هونئن به سنڌ کي ٻنهي هٿن سان لُٽي مڪمل طور ڀينگ ڪئي وئي آهي، پر جيڪڏهن پ پ پ حڪومت سنجيدگيءَ سان ان جنونيت خلاف ڪو تحرڪ وٺي ته سنڌ واسي انهن جون سموريون غلطيون معاف ڪري ڇڏيندا. هڪ ڊگهي عرصي کان ماٺار جو شڪار ٿيل سنڌ جون علمي، ادبي تنظيمون ۽ سنڌ جا ليکڪ هن معاملي تي به سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي وارو شاندار ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌن ته سنڌ جنونيت جي ان آنڌيءَ کي ماضيءَ جيان مُنهن ڏئي سگهي ٿي.
(روزاني ڪاوش خميس 05 فيبروري 2015ع)