آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

مهاڳ : آءُ ۽ علي احمد

آءُ کيس ڄاڻان سڃاڻان. اڄ ڪلھه کان نه پر ٻال جتيءَ کان. جڏھن اڃا کائونس گگ سنگھه وھندي ھئي. جا اُگھندو به گھڻو ڪري ٻانھن سان ھيو يا چولي سان. ھاڻ ته پاڻ کي الائي ڇا ٿو سمجھي؟ ڪٿي عقل جو اڪابر ٿو سڏائي، ڪٿي علم ادب جو ڄاڻو. پاڻ کي ائين ٿو پڏائي ڄڻ سج لھي اڀري ئي مٿس ٿو. اخلاق ۽ ايمانداريءَ جا واعظ الڳ ٿو ڪري. مون ته کيس مڙني ڳڻن ۽ وڙن کان واندو ڏٺو. پوءِ لڪي ڇپيءِ ڪو جس کٽيو ھجيس ته اھا ٻي ڳالھه آھي. پر آءُ ته سندس پاڇي جيان پيو ڦران. دائيءَ کان ڪو پيٽ ڳجھو آھي ڇا؟ منھنجي خيال ۾ ته جوڪجھه به ٻولي ٿو – کنڊ ٿو کائي.
ھي برابر آھي جئن چوي ٿو ته ڳڙھي ياسين جو بروھي آھي. پر نه ڳڙھي ڪو مڪو مدينو آھي ۽ نه بروھي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنھن جي فرد ھئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندد گھراڻي جا گھڻا ڀاتي پڙھيل ڳڙھيل ۽ لائق ماڻھو آھن. پر ھتي ڳالھه آھي ھن مارڪي جي، ته ھي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنھن تي ويو؟ جھڙو ھيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجھو، اھڙائي بڇڙا افعال ھيس. پاڙي ۾ سڏبو ھيو باگڙي ۽ گھر ۾ گيدڙي! جھڙو اڦٽو پاڻ ھيو، اھڙي ھوندي ھيس اوباش سنگت. ياراڻي ھيس ٻڪرارن، ڌنارن ۽ ڇٻي وارن سان. سڀ رولاڪ. سيلاني خاڪ ھيو. البت گھران سو ٻه ٽي ڀيرا ڀڄي نڪتو ھو. ھڪ دفعو ته سال ڏيڊ يڪو گم ھو. پوءِ رلي پني خوار خراب ٿي واپس گھر وريو. کيس ڪنھن ڌنڌي دڳ لائڻ لاءِ مائٽن حيلا ڪيا. سونارڪو ڪم، ڊکاڻڪي ڪار ۽ طبابت. پر ٿيو ڀلو! پڇاڙيءَ جو دڪان ڪڍي ڏنائونس. پر سڀ سامان اوڌر تي ڏيئي ڏينھڪ ڏيوالو ڪڍي ويھي رھيو. پڙھائي به قسطن ۾ ڪيائين. وڏي کيپ کٽيائين جو مئٽرڪ پاس ڪيائين. سندس علمي لياقت اتي اچي دنگ ڪيو.
جڏھن جواڻ جماڻ ٿي ڪمائي لائق ٿيو تڏھن به اھيئي ابتا پير. ڪٿي ٽڪاءُ ڪونه آيس. ڪراچي ڪسٽمس ۾ چڱي ڀلي ڪلارڪي مليس ته ڇھه مھينا مشڪل سان نباھ ڪيائين ۽ سمورو وقت سياسي چڪرن ۾ رھيو. جڏھن وارنٽ ڪڍ نڪتس ته بمبئي ڀڄي ويو سامونڊي فوج ۾ ڀرتي ٿيو. پنج سال ساندھ بحري ٻيڙن ۾ جنگي سرحدن تي رھيو. ڪيئي انساني ڪوس اکين پسائين. جنھن رتوڇاڻ ۾ ھي شخص رھيو اھا روئداد ڪي انساني اکيون ڏسن ھا ته پاڻمرادو انڌيون ٿي پون ھا! پر ھي نود جو نود رھيو. ھوائي حملا ٿيا، باروتي کاڻيون ڦاٽيون، جھاز ٻڏا پر ھن جو وار ونگو نه ٿيو. چي الله بچايو. ڄڻ ھي الله جو سڪيلڌو ھيو. باقي جي مُئا ۽ ڦٽيا اھي ڄڻ سڀ واليءَ جا ويري ھوا!
1946ع ڌاري جنگي آرماڙ جي بمبئيءَ موٽ ٿي. لڙائي جي پڄاڻي ٿيڻ واري ھئي. جنگ ته برابر انگريز کٽي ھئي پر جنگ جو نتيجو ڪجھه جوئا جي راند جھڙو نڪتو ھيو. ھارائي جو اڌ منھن ڪارو ۽ کٽندڙ جو سڄو سارو. ستن سالن جي ويڙھ انگريز جي راڄ، انگريز جي جنگ ۽ خوس سندس وجود کان تنگ اچي چڪي ھئا. ھندستان ۾ سندن طاقت جو بنياد ”ديسي لشڪر“ ھيو ، جنھن کي ڪانگريس ۽ ليگ جو ”سياسي ڌمچر“ لوڏي نٿي سگھيو. ضرورت ھئي ان بنياد ۾ کاٽ ھڻي کيس اکيڙڻ جي. نفرت ۽ ڌڪار جي بارود اڳئي ديسي دلين ۾ موجود ھيو، فقط چوچڙي ڏيڻ جي دير ھئي. اھا اماڙي جن ڏٺي انھن ۾ ھي به ھڪ ھُيو. 17 فيبروري 1946ع تي جڏھن ڌڪڙ تي اٽو لڳو ۽ ڌماچوڪڙي شروع ٿي، ته انگريز ھيسجي ويو. جڏھن مقصد جي پوري ٿيڻ تي باغين ھٿيار ڦٽا ڪيا ته پڪڙ پڇاڙ عمل ۾ آئي. ڪورٽ مارشل ۾ مورڳو سر تي ويس، پر نصيب زور ھيس جو بچي ويو. باقي سزاياب ٿي جيل سو ڏاڍا ڀوڳيائين.
جيل کان ٻاھر نڪتو ته دنيا گھڻي بدلجي چڪي ھئي. ٻي ڪا واھ نه ڏسي اخباري دنيا ڏانھن رخ ڪيائين. روزانه ”قربانيءَ“ ۾ پروف ريڊر ٿي ڀرتي ٿيو. پنجن مھينن پڄاڻان چيف ايڊيٽر جي چارج سنڀاليائين! تڪڙي ترقيءَ جو ڪارڻ سندس محنت يا لياقت نه ھئي پر اخبار جي مالي بدحالي. شايد ٻيا ڀڳڙن مٺ تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئا. ھونئن به کٽل اخبار کي صحافي ائين ڇڏي ويندا آھن جيئن ٻڏندڙ جھاز کي ڪوئا! سندس لکڻ جي برڪت سبب ”قرباني“ ترت عتاب ۾ آئي ۽ آخر بند ٿي ويئي. وري روزانه ”صداءِ سنڌ“ جو ايڊيٽر ٿيو. آخر اھا به راھ رباني وٺي ويئي. جنھن به اخبار ۾ پير سڌورو پاتائين ته اھا ضرور ضبط ٿيندي ھئي، پر ان سان گڏ پرنٽنگ پريس به سيل مھر. روزانه ”انقلاب“ ھن جي نحوست کان بچي ويئي جو مالڪن کي سمڪ آئي جن ھن کي سيگھه ۾ ٽڪيٽ وٺرائي. ائين به نه ھيو ته فقط ٻين جي اخبارن لاءِ پاراتو ھيو. بلڪل نه. جي پاڻ ٽي اخبارون سکر کان جاري ڪيائين، ته انھن جو به ساڳيو حشر ٿيو. سندس صحافت ھوندي ھئي سرڪاري ڪامورن جي ٽوڪ ٽڙي ۽ وزيرن جي شان ۾ گستاخي. جڏھن بري تي بڇ ٿي ۽ نوبتن وارنٽن تي پھتي ته راتو رات صحافت کي الوداع ڪري خيرپور رياست ۾ اچي پناھ ورتائين جتي کيس ھڪ ننڍڙي نوڪري به ملي. سندس پير رياست لاءِ به ڳرو ۽ ڳورو ثابت ٿيو ۽ جلد ئي ون يونٽ ۾ جذب ٿي ختم ٿي وئي.
رياست جي خاتمي کان پوءِ رياستي ملازم جي حيثيث ۾ سرڪاري سروس ۾ آيو. چالاڪ ۽ چلتو پرزو اڳيئي ھيو، وري نوڪري مليس انفارميشن جي. ڍول وڄائڻ ۽ ڌمال وجھڻ واري. ھرڻي اڳيئي نچڻي ويتر پيس گھنڊڻي! پوءِ ته ھر سال ھڪ ڏاڪو مٿي چڙھندي چئن سالن ۾ ڊاريڪٽر جي پدويءَ تي وڃي پھتو. سروس ۾ جٽاءُ سو ڪيائين، پر ھڪ ھنڌ ٽڪاءُ ھت به ڪونه آيس. ھر ٻارھين مھيني بدلي. پوءِ سرديءَ ۾ ڪوئيٽا ۽ گرميءَ ۾ ملتان اماڻيندا ھئس. ون يونٽ جي خاتمي تي سنڌ جي انفارميشن جو مکي ٿي واپس وطن وريو.
1971ع ۾ ”پنھنجن“ (پي پي پي) جي حڪومت پاور ۾ آئي. جي کيس شايد مون جيان ڄاڻندا سڃاڻندا ھئا. ھنن پھريون نيڪيءَ جو ڪم ھي ڪيو جو کيس بي آبرو ڪري نوڪريءَ کان ڪڍي ڇڏيائون. انھن چوڏھن سؤ ڪامورن جي لسٽ ۾ سرفھرست ھيو جي رشوت خور، ڪم چور، نڪما ۽ نالائق ڄاتا ٿي ويا!
سرڪاري سھاڳ ماڻيندي مٿس ڏھاگ اچي سھڙيو. اھو به اوچتو ۽ ازغئبي. وري گھر گھاٽ ۽ سواري سڀ ھيس سرڪاري. جي ٽپڙ کيس ترت واپس ڪرڻا پيا. پنھنجي نه ھيس پونجي، نه علمي ڊگري ۽ نه ڄاڻندو ھيو ڪو ھنر يا ڪاريگري، جو ٽڪو ڪمائي ٽُڪر کائي ۽ ٽٻر به پالي! پر آخر پيٽ ته پالڻو ھيو. زندگي ڪا سکن جي سيج ته نه ھئي. پوءِ ھي حادثن جو ھيراڪ، خانگي ڪمپنين ۽ ڪارخانن جا چڪر ڪاٽيندو رھيو. ڪڏھن لانڍيءَ جي ڪپھه وارن ڪارخانن ۾ ته ڪڏھن ڪوٽريءَ جي فئڪٽرين ۾ ڌرم جا ڌڪا کائيندو رھيو. ست سال ساندھ انھن رولڙن ۾ رھيو. پوءِ ڪٿي ليبر آفيسر ته ڪٿي پبلڪ رليشن آفيسر ! 1974ع ڌاري صادق آباد شگر ملس ۾ ريزيڊنٽ ڊاريڪٽر مقرر ٿيو. 1975ع ۾ بخش گروپ جي ويھن ڪمپنين جو ليگل ايڊوائيزر! ڀڄ چريا چي مست آيا! ملڪ ۾ قانون جو اڇو منھن ڪو ھروڀرو ته نه ٿيو آھي!
سال 1977ع ۾ جڏھن بادشاح گڙدي ٿي ۽ نئين حڪومت پاور ۾ آئي، ته ”ٽارزن جي واپسي“ به ٿي. ڄڻ ته ھن مھانڊي کانسواءِ گلشن جو ڪاروبار ئي نه ٿي ھليو. کيس پھريون اسلام آباد ۾ ۽ پوءِ ڪراچي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيائون. آخر کين پڇتائڻو پيو. ترت ئي کيس، مدت کان ٻارنھين مھينا اڳواٽ، پينشن تي اماڻي کائونس جان ڇڏائي ويئي. اڄڪلھه خير سان ھڪ خيراتي قسم جي سرڪاري ٽرسٽ ”گئوشالا“ ۾ نوڪر آھي. الله پاڪ ان ادارھ کي پنھنجي امان ۾ رکي ۽ پناھ ڏئي. آمين. ھي آھي ملوڪ جي مختصر ڪھاڻي.
ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته زماني جي لاھين چاڙھين کان گذريو ضرور آھي پر نه سڌريو آھي ۽ نه ڪو سبق سکيو اٿائين. ڪم سدائين ڪاٺ پوڻ جھڙا ۽ ڀٽڪا. مون کي نه سجھي ته زندگي سڦلي ڪرڻ لاءِ ڪا صحيح سيڙپ ڪيائين. ننڍپڻ گذريس حرڪت بازي، شرارت ۽ شيطان گيريءَ ۾. جواني گنوايائين عيش، جوئا ۽ مجرن ۾. عمر ڀر خواھشن جي پاڇن ڪڍ ڊوڙندو ۽ پاڻي ولوڙيندو رھيو. زندگي ائين گھاريائين جئن ڪو وڏو ”ڀوڳ چرچو“ ھجي. جڏھن جک ماري ٿڪجي ساڻو ٿي عمر جي آخري موڙ تي آيو ته امالڪ موٽ کاڌائين. سڀ شونق شغل ڇڏي ڏنائين. ھاڻي خير سان ٻلي ست ڪوئا کائي حاجاڻي ھلي آ حج تي. روزا نمازون ۽ عمرا! اپديش الڳ ٿو ڏئي. الاجي ڪنھن جي اکين ۾ ٿو ڌوڙ وجھي؟
اڳ ڏند ٽيڙي سڄو ڏينھن ويٺو کلندو ھيو. ھاڻي ڏند شھيد ٿئي فقط مرڪندو ٿو رھي. ڄڻ لاٽريءَ ۾ ڪا ھمياڻي ملي اٿس. چوي ٿو ته رب مٿس راضي آھي ڇاڪاڻ جو کيس دکي دل ملي آھي. اڙي مورک! ماڻھن وٽ تنھنجون جنم پتريون سانڍيل آھن. ڊڄ انھيءَ ڏينھن کان جڏھن تنھنجا پرڪار پڌرا ٿيندا ته تون ڪھڙو چڱو مڙس ھئين ۽ آھين؟ آسمان ڀلي تو کي نوازي ۽ شايد بخشي به ڇڏي، پر ڌرتي وارا ڪنھن کي ٽڪو به حساب بخشيندا آھن ڇا؟ تون ڀلي ڪتاب لکي پيو ماڻھن کي متاثر ڪر. ڄڻ ماڻھن کي خبر ئي نه آھي ته ٻين جا خيال ۽ فڪر چورائي ويٺو ڪاغذ ڪارا ڪرين!
وري ڪتاب جو نالو رکيو اٿائين ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا. ڄام ۽ ڄاموٽ ته ڪتاب ۾ ظاھر ٿا ڏسجن پر ڄامڙا ته ڪٿي به نظر نٿا اچن. ڇا ائين ته نه آھي ته اصلي ڄامڙو ڪتاب جو ليکڪ پاڻ ھجي!


سنڌي مسلم ھائوسنگ سوسائٽي
6 اپريل 1984ع

علي احمد بروھي