بابو جعفر ڀائي
مون پنھنجي سانڀر ۾جن ماڻھن کي صحيح معنى ۾ سکيو ستابو مان مرتبي ۽ اوچي پدويءَ تي ڏٺو ته انھن ۾ اڪثريت اھڙن جي ھئي جن جو سڪندري بخت سندن مائن جي دعائن بدولت ھيو. ڪي ته اھڙا به خوش نصيب انسان آھن جن کي سندن والده پنھنجي ٿنڃ به ھميشه باوضو ٿي پوءِ ڏني ھئي. انھن کان اڃان به وڌيڪ اھڙا نيڪ بخت انسان ڏٺم جن ماءُ جي خدمت کي عبادت سمجھي پنھنجي زندگي سنواري. ضلع سکر جو ھڪ ھندو ڪليڪٽر اھڙو به ڏٺم جو سجاڳيءَ ۾ ماءُ جو خيال رکڻ ته پنھنجي جاءِ، پر رات جو ماءُ جي پيرن کي زور ڏيندي پوءِ سندس پيرانديءَ پيل کٽ تي اھڙي طرح آرامي ٿيندو ھيوجو جيسين تائين امڙ جا پير سندس اکين ۽ منھن تي نه لڳندا ھوا ته کيس ننڊ نه ايندي ھئي. الله نه ڀُلائي ته ھو ميرچنداڻي جي نالي سان مشھور ھيو!
جنگشاھيءَ جي ريل گاڏيءَ واري ھولناڪ حادثه۾ ھڪ تباه ٿيل دٻي جي 239 مسافرن ۾ واحد زنده بچيل انسان کي جڏھن چيو ويو ته ”سندس پير مرشد زور ھوا جو بچي ويو ھو“ ، ته کلي ڏنائين ۽ چيائين ته ”منھنجو پير مرشد ته منھنجي ماءُ آھي جا اٿندي ويھندي الله کي آزيون ڪندي رھندي آھي ته منھنجو موسڙو پرتو اٿيئي، سن 1935ع واري ڪوئيٽه جي زلزلي کان پوءِ زنده درگور ٿيل ماڻھن جي لاش ڪڍڻ لاءِ کوٽائي ڪندي چوڏھن ڏينھن بعد ھڪ اھڙي مرده ماءُ جو لاش ڏٺو ويو جنھن جو اڌ جسم سڙي ڀسم ٿي ويل ھيو ۽ ٻئي طرف کان سندس زنده معصوم ٻار ٿنڃ ڌائي رھيو ھو. انساني تاريخ اھڙن ”ماءُ ۽ پٽ“ جي معجزن سان ڀرڀور آھي.“
برعڪس ان جي دنيا اندر اھڙا به ڪي اڀاڳا انسان آھن جي ماءُ جي جس کٽڻ يا دعائون حاصل ڪرڻ بجاءِ سندن بددعائن يا پاراتن جو شڪار ٿين ٿا. اھڙن بدنصيبن جو ڳاڻاٽو اٽي ۾ لوڻ جي برابر به مشڪل آھي. ڇاڪاڻ ته ماءُ پنھنجي اولاد کي ٻين جي بدنظرن کان بچائيندي رھندي آھي اھا کين ڪھڙي دل سان پٽيندي يا پاراتو ڏيندي؟ ان سلسلي ۾ جعفر ڀائي جو واقعو اسان جي اکين اڳيان آھي جو انتھائي عبرتناڪ آھي. ٿي سگھي ٿو اسين ان حقيقت کان سبق پرايون.
بابو جعفر ڀائي حيدرآباد سينٽر جيل جي انھن چئن خطرناڪ ڏوھارين ۾ ھڪ ھيو جي 1951ع واري صرافه بزار جي ٽن لکن واري ڌاڙي ۾ ٻن ماڻھن کي قتل ڪرڻ جي ڏوھ ۾ رجوع ڪيا ويا ھئا. ان کان علاوه مٿن ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور ”بدر عالم“ کي خون ڪرڻ ۽ سندس ٽئڪسي کي ڌاڙي لاءِ استعمال ڪرڻ جو الزام به مڙھيو ويو. خون ۽ ڌاڙي جا ٻيا جوابدار پھلوان شاه، علي اڪبر ۽ اڪبر ڌوٻي ھوا. ٻين جوابدارن ۽ بابو جعفر ڀائي ۾ فرق فقط ھي ھيو، ته جعفر بيگناه ھيو ۽ سندس ڪيس واري خون يا ڌاڙي جي ڪاروائي ۾ ڪو ھٿ نه ھيو. سندس قصور فقط اھو ھيو جو ڌاڙي ۽ قتل جي واردات واري ڏينھن، رات جو حيدرآباد اچي سلطان ھوٽل ۾ پھلوان شاه سان ملاقات لاءِ ويو، جو کيس نوڪري ڏيارڻ جي دلاسي کيس پاڻ سان گڏ ڪوئيٽه وٺي ويو جتي سڀني جي گرفتاري عمل ۾ آئي. ھن ڪيس جي جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري سنڌ جي مشھور ۽ معروف پوليس عملدارن مسٽر چاچا غلام مرتضى ۽ مرحوم محمد حسين طرفان عمل ۾ آئي ھئي.
بابو جعفر اصل بمبئيءَ جو باشنده ھيو ۽ سندس تعلق ھڪ غريب ليڪن نھايت معزز بوھري خاندان سان ھيو. پيءَ جي سايه کان محروم ٿي وڃن ڪري سندس تعليم ته مڪمل ٿي پر سندس ترغيب ۾ ڪسر رھجي ويئي. ڇڙواڳ ۽ ڇيڪ رھڻ ڪري لچ لوفرن جي سنگت ۾ اچي ”جوئا“ جي عادت پرايائين. جو ڪجھه گھر ۾ سندس پيءُ جي پونجي ھئي اھا دف ڪري ڇڏيائين. نقدي ناس ڪري پنھنجي ٻڍڙي ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ جي زيور زڙي تي به ھٿ صاف ڪيائين. سندن پرداخت ڪرڻ بجاءِ کين فاقه ڪڍڻ جي نوبت تي آڻي رسايائين. جڏُھن پاڙي اوڙي ۽ ٻين مٽن مائٽن مٿس لعنت ملامت ڪئي ته بمبئي ڇڏي اچي ڪراچيءَ جا وڻ وسايائين. ڪراچي ۾ بابو جعفر ”واٽر بري ڪمپائونڊ“ ڪمپنيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي جتي ترقي ڪندي اسسٽنٽ مئنيجر جي عھدي تي سرفراز ٿيو.ليڪن سندس جوئا جي عادت ۽ عياشي بدستور جاري رھي. جو ڪجھه ڪمائيندو رھيو اھو ته نوسر بازن جي حوالي ٿيندو رھيو پر اٽلندو ڪمپني جي خزانچي کان ھڪ به ٻئي بھاني اوڌر وٺندو رھيو. آخر ھڪ ڏينھن ڪمپنيءَ جو ڊئريڪٽر اوچتو اچي سھڙيو ۽ جاچ پرتال ڪندي ڏٺائين ته نقدي جو ڳچ حصو غائب ھيو. فرياد داخل ڪري خزانچي کي گھوٻين جي الزام ۾ گرفتار ڪرايائين. جعفر ڀائي عدالت ۾ حاضر ٿي اعتراف ڪيو ته اھي گم ٿيل رقمون خزانچيءَ خرد برد نه ڪيون ھيون، پر ھن پاڻ اوڌر بھاني وٺي جوئا ۾ ھارايون ھيون. خزانچيءَ جا بند خلاص ٿيا ۽ جعفر ڀائي کي ٻه سال سخت پورھئي سان سزا ڏيئي کيس ڪراچي جيل اماڻيو ويو. ان سزا دوران سندس واقفيت پھلوان شاه سان ٿي جو جعفر ڀائيءَ جي سزا پوري ٿيڻ کان مھينو اڳ پنھنجي مدت پوري ڪري آزاد ٿي ويل ھو. جيل ڇڏڻ وقت پھلوان شاه جعفر ڀائي کي پنھنجي حيدرآباد واري ائڊريس ڏني، ۽ ساڻس واعدو ڪيو ته سندس نوڪريءَ جو جوڳو بندوبست ڪيو ويندو.
1951ع کان 1954ع تائين ڪيس جي ڪاروائي جاري رھي. چارئي سال جعفر ڀائي پنھنجي ٻين ساٿين سان گڏ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيدي رھيو. سينٽرل جيل جي قيدين، سپاھين۽ جيلرن جي جعفر ڀائي سان پوري پوري ھمدردي ھئي ڇاڪاڻ ته خود سندس ساٿين جي مطابق ھي ويچارو بلڪل بيگناه ھيو. ازانسواءِ جيل ھڪ واحد جڳھه آھي جتي ڏوھارين جي حقيقت سچ جيان صاف ظاھر ھوندي آھي. آخر ڪو ڪورٽ ٿوروئي آھي جتي ڪوڙ ڳالھائڻ ۾ ڪو فائدو حاصل ٿي سگھي. سندس بيڏوھي ھئڻ علاوه بابو جعفر جي جيل اندر مشھوري ٻي سبب ھئي. اھو ھي ته ماءُ جي عزت ڪرڻ، خدمت ڪرڻ ۽ کيس ڏک نه ڏيڻ لاءِ نصيحت ڪندو رھندو ھيو ۽ ان موضوع کان سواءِ ٻي ڪنھن به ڳالھه ۾ دلچسپي نه وٺندو ھو. سندس سموري گفتگو ٽن جملن تائين محدود ھوندي ھئي. ”اري تيري مان جنده ھي نا، اس کي کدمت، اور اسکي عجت کرنا، اس کو دک کبھي نھين دکھانا“ آخرين جملي بعد سندس اکين ۾ آب جاري رھندو ھيو ۽ سندس نڙي گھگھي ٿي ويندي ھئي. سڏڪا ڀريندي ڄڻ ته ڪنھن کي غائبانه مخاطب ٿيندو ھيو، ”ماري امان مجھي معاف جرور کرنا.“
ڦاسي واري ڏينھن کان ھڪ ڏينھن اڳ پنھنجي دل جو راز سليائين ته کيس پنھنجي ڦاسي چڙھڻ جي خاطري گذريل اٺن سالن کان ھئي ۽ دراصل ھو ان سزا جو نه فقط حقدار ھيو پر ان لاءِ انتظار ڪندو ٿي رھيو. سندس آخري احوال ڪجھه ھن طرح ھيو.
”آءُ جوا جي علت ۾ گھر جو ارڪو ترڪو لٽائي چڪو ھيس. منھنجي ماءُ لک جتن ڪيا، ۽ پنھنجي وس آھر نه گھٽايو ته منھنجي ان عادت جو خاتمون ٿئي. پر آءُ انڌ جي گھوڙي تي سوار ھيس ۽ مون ماءُ جي منٿن ميڙين کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. آخر ۾ منھنجي ماءُ کي ڪنھن ڏس ڏنو ته پٽ کي سڌاري راه تي آڻڻ جو ارادو رکي امام جعفر جو نياز ڪري. منھنجي ماءُ ان ڏينھن بعد پنھنجي ھٿن جو سيبو ۽ ٻيو پورھيو ڪري ”نياز“ ڪرڻ لاءِ ڀنڊاري ۾ پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. ھڪ ڏينھن مون کي جوئا جي شدت ان حد تائين مجبور ڪيو جو لڪ چوريءَ ڀنڊارو ڀڃي امڙ جي ٻن مھينن جي نياز واڙي موڙي کڻي وڃي داءُ لڳايم. نتيجو ظاھر ٿيو. ارادو ھيم ته ھمياڻي کٽي ٻيڻي رقم ڪري وڃي امڙ جي جھولي ۾ وجھندس. دنيا اميد تي قائم ھجي يا نه پر جوئا ضرور اميد تي قائم آھي. ٻئي ڏينھن تي امڙ کي نياز ڪرڻو ھيو. پاڙي اوڙي ۾ پڌرائي ڪري چڪي ھئي. جڏھن ڀنڊاري ڏانھن پھتي ته اتي فقط ڀڳل ڀتر ٺڪر پيل ھئا. رڙ ڪري روڄ شروع ڪيائين. ھرھڪ کي امامن جا واسطا ڏيئي پئسن جو پڇائين مون ڪوڙ ڳالھايو ۽ ھر ڪوڙي جي فطرت جيان قسم کڻڻ شروع ڪيا. امڙ پنھنجو رئو مٿي تان لاھي ھٿ ۾ کڻي جھولي جھلي پڪاريو ته ”امام جعفر جي تون سچو آھين ته ڀنڊاري ڀيلڻ واري کي سوليءَ چاڙھ.“ ان ڏينھن کان وٺي آءٌ جڏھن به اکيون بند ڪندو آھيان ته سولي آڏو ڏسندو آھيان.“
18 فيبروري 1954ع صبح جو بابو جعفر ڀائي ۽ سندس ساٿين کي ڦاسي ڏني ويئي. بابو جعفر پنھنجي دستوري انٽرويوڦاسر سان به ڪيو. ”اري تيري مان جنده ھي نا، اس ڪي عجت ڪرنا، اس ڪو ڪبھي دک نه دينا.“
بابو جعفر ماءُ جو ڏوھاري ضرور ھيو پر جن ڏوھن جي الزام ۾ ڦاسي چڙھي رھيو ھو انھن کان معصوم ھيو. سندس معصوميت جو ان کان وڌيڪ ڪھڙو ثبوت ٿي سگھي ٿو جو سندس ڦاسي چڙھڻ وقت کان وٺي بوندا باندي شروع ٿي جا سندس لاش فنائڻ تائين جاري رھي. سندس موت لاءِ پھلوان شاه چوندو ھيو ته ”ڀائي جعفر بيگناه ھي اور اسڪي موت پر آسمان ڀي روئيگا“ آسمان ضرور رنو. مونکي يقين آھي ته بابوءَ کي سندس ماءُ ۽ خلقيندڙ ٻنھي معاف ڪيو ھوندو. ورنه رحمت جي بارش ڪا بي سبب ته نه ٿيندي آھي. بابوءَ جي آخرين وصيعت ھي ھئي ته جيڪڏھن بوھري سندس لاش کي پنھنجي مقام ۾ دفن ڪرڻ کان انڪار ڪن ته پوءِ کيس ”اميدن ڀريو“ مقام ۾ دفن ڪيو وڃي.
ھي حقيقت آھي ته مئا واعظ نه ڪندا آھن. پر ھڪ واري اوھين سندس قبر وٽ ٻه چار منٽ آجھاپو ڪندا ته اوھان جي اندر ۾ جعفر ڀائيءَ وارا ٻه چار جملا ضرور اڀرندا ، ”اري تيري مان تو جنده ھي نا؟ ان ڪي خدمت ڪرنا، ان ڪو ڪبھي دک نه دينا، ھان جرور خيال ڪرنا.“