آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

  مولانا دين محمد وفائي

ڏھاڪو ڏينھن اڳ براج جي جشن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ سکر پھتس. سانجھيءَ ٽاڻي دل ۾ آيم ته ڇو نه خيرپور وڃي پنھنجي مٺڙي دوست ڏاڏا شاه جي بُٺڙيءَ تان ڀيرو ڪري اچان. ڪنھن جي وئي ڪا ياري ختم ٿورو ئي ٿي ٿئي. ڀائو ڏَھر کي سوال ڪري گاڏڙي وٺي پٺين سيٽ تي سوار ٿي خيرپور روانو ٿيس. واٽ تي ڊرائيور، شايد پنجل نالو ھيس، ٽيپ کولي پنھنجو شُغل شروع ڪيو. راڳ جو شونقين آھيان. پر لڏي ويل جي ياد سر تي سوار ھئي. غمگينيءَ سان ماٺ جو وڌيل لاڳاپو آھي بجاءِ جلال چانڊيه جي. ڊرائيور سياڻو ھيو. آئيني مان ٻوٿ بڇڙو ڏسي تاڙي ويو. وري به پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيائين ته ”سائين اوھان کي وَسَوءَ وڻي ٿي يا دٻوئي گُل ڪريون؟ وَسَوءَ جو مٺڙو ۽ ٺيٺ سنڌي اکر ٻڌي مون کي مزو اچي ويو. کلي چيومانس ته گاڏي ھڪ پاسي بيھار. ھيٺ لھي ڀاڪر پائي کيس سؤ روپين جو نوٽ انعام ڏنم. ”ھاڻ ڀلي ھل پر سگھو ھل“ غريب وائڙو ٿي ويو. سمجھو ھوندائين ته ڪو گبر انجنيئر آھي ۽ شايد تازو سيڪڙو مليو اٿس. ھن کي ڪھڙي خبر ته مون وٽ اھا اڪيلي مَڏي ھئي، جا گھر واريءَ اڌ ڪلاڪ قناعت تي ليڪچر ڏيڻ کان پوءِ، سکر جي خرچ لاءِ کيسي ۾ وڌي ھئي. وڌيڪ ساڻس نه ڳالھايم. ڄاتم ته سھڻا ٻول ٻولڻ وارو ڍولڻ ھيو. سڃي وھواه ۽ سکڻي دعا ھئي پٽ برابر. مون وٽ ته ھاڻ سواءِ لٽا لاھي ڏيڻ جي باقي ڪجھه به نه ھيو. ھونئن به منھنجي موج لاءِ سندس ھڪ اکر وارو ”ڊوز“ ڪافي ھيو. انسان جي خوشي ڪھڙي نه سستي آھي. پوءِ اھا ڏيندي به ماڻھو الاجي ڇو ڪيٻائيندا آھن!
ٻئي ڏينھن پئسن نه ھوندي ۽ ٻيڻين لاءِ ٻاٿون ضرور کاڌم پر ذھني وَسَوءَ واه جو رھي. گھڻن ڏينھن کان پوءِ اھڙي ملوڪ سان ميلو ٿيو ھو جنھن جي ھڪ اکر، دل ۽ من جي دامن کي تر ۽ پُر ڪري ڇڏيو ھيو. ماڻھو ته اڃان سوڌو انھن تنڃين لاءِ روئندا آھن جي گھَٽا ڏيندا ھوا. گھٽا ته وڃي کڏ ۾ پون. اسان لاءِ ته اصلي نافت آھي انھن اڪابرن جي؛ جن جي مک مون ھر وقت گلن ۽ گوھرن جون لڙھيون ڇڻنديون ھيون ۽ سندن اکر اکر جي واس سان چوڏس چوڌار ھٻڪار ٿي ويندي ھئي.
اھڙو ھڪ اھل دل، اھل قلم ۽ سخن جو صاحب ھيو مولانا دين محمد وفائي مرحوم. جو نه فقط مون جھڙن ڀٽڪندڙن لاءِ ڇپر ڇانو ھيو پر سڄي سنڌ لاءِ علم ادب ۽ عرفان جي وَسَوءَ ھيو. ھونئن به ڪنھن ڪنھن انسان جي ھڏڏوکي ۽ ڀرجھلو ھئڻ ڪري ماڻھن ۾ ايترو آسرو ۽ ڀروسو اڀرندو آھي جو سندن وجود گھر، گھراڻه ۽ راڄ لاءِ ”دلجاءِ“ ھوندي آھي ، ته الله حياتي ڏيئس. مڙس ماڻھو ويٺو آھي. اسان کي ڪھڙو فڪر. ھي اھي ئي انسان آھن جن وئي ديرا، مڪان ۽ اوطاقون ائين امالڪ سڃيون ٿي وينديون آھن جيئن اسڪول ۽ عدالتون، موڪلن ۾ ٻسيون ۽ بيچسيون لڳنديون آھن. اڄ کان پورا ٽيھه سال اڳ اڄوڪي ڏينھن تي سنڌ جي علم وعرفان جو ھي روشن منارو اوچتو گل ٿي ويو. ڪوھيارو ته وڃي خير سان ڪيچ رسيو ۽ اسين ھن ڀنڀور ۾ سسئيءَ جيان اڃا ويٺا ٿا اکيون مھٽيون ته ھان ھي ڇا ٿي ويو!
سنڌ مدرسي ۾ شاگرديءَ واري زماني کان وٺي نوڪري ڪرڻ تائين سالن جا سال آءُ مولانا صاحب جي ويجھڙائيءَ ۾ اڃان به ھڪ گھر ڀاتيءَ جي حيثيث ۾ سندس قدمن ۾ رھيس. پر مولوي صاحب ھميشه ھڪ سوال جي نشاني بڻيو رھيو. سدائين اھو سوچيندو رھيس ته کيس ڪيڏي نه ڄاڻ آھي؟ ايڏو سارو اٿاه علم ھڪ ھڏائين کوپريءَ ۾ ماپيو ڪيئن ٿي؟ مونکي ته ڇڪي جو کوڙو به پورو ياد نه ٿي پيو. ظاھر آھي ته مون جھڙي وات ڳاڙھي الھڙ لاءِ مولوي صاحب جي شخصيت کي پرکڻ ۽ پروڙڻ يا تاثر وٺڻ ان وقت اھڙو ئي محال ھيو جھڙو ھڪ منڊي ماڪوڙي لاءِ اڀ ڪڇڻ. سمجھه ۽ ساڃھه ته رب جنھن کي ڏئي. ڪو درسي ڪتابن جي پڙھڻ سان ٿورو ئي ملي ٿي. وري جي علم واري وڻ جي ڇانو ھيٺ ويٺي ڪو ڦل ملي ھا ته شايد آءُ به گھڻو ڪجھه رنڱجي وڃان ھا. ڪم بختيءَ جو ڪمال ته ڏسو! پارس جي پاسي ۾ رھندي به ڪورو ٺڪر رھجي ويس. ڀاڳ بخت ته پنھنجي جاءِ پر الله نه ڏنو عقل ۽ نه موت. ٻنھي جي انتظار ۾ اوٻاسيون ڏيندي اچي ٻاھٺ سال گذريا آھن.
مولانا صاحب جي زندگي ۽ سندس مقصد حيات انھن ٿورڙن اکرن ۾ تجلا ڏيو پيو جرڪي جي ھوند اھي اھڃاڻ سندس شناختي ڪارڊ تي درج ٿيل ھجن. ”اسم مولوي دين محمد خلف خليفو گل محمد، ويٺل نبي آباد مديرالوحيد ۽ توحيد“. ٿي سگھي ٿو اھو محض عجيب اتفاق ھجي يا حادثه، جو سندس سڃاڻپ جا جملي ڏس پته ”الله ۽ سندس رسول“ جي محور چوگرد ورد ڪندا ٿي رھيا. پر ھن حقيقت ۾ تر ڀر به گنجائش نه آھي ته سندس پوري زندگي ”دين محمد“ جي تبليغ ، تدريس ۽ توحيد جي ڀرڀور تحريڪ ھئي. رب ٿو ڄاڻي ته مرحوم مغفور صحيح معنى ۾ ھڪ عاشق رسول ھيو ۽ توحيد جي شمع جو پروانو، جنھن دين جي گود ۾ جنم ورتو ۽ دين جي دائره ۾ ئي دفن ٿيو.
عالم دين ھئڻ سان گڏ مولانا صاحب ھڪ نامور اديب ۽ نامڪٺيو صحافي پڻ ھيو. تواريخ ۽ تصوف جي ميدان ۾ سندس تحقيقي ڪاوشون قابل قدر آھن. اٽڪل اڌ درجن کن اخبارن جي اڳواڻي ۽ مالڪي به ڪيائين. ٻه درجن کن ديني ۽ ادبي ڪتاب پڻ لکيائين جن ۾ ڪجھه ته سنڌي ادب جا شھپاره آھن. سندس سنڌي سھڻي سليس ۽ اوپرن اکرن کان پاڪ صاف ھئي. اردو، فارسي ۽ عربي زبانن تي عبور ۽ دسترس ھوندي به ڌارين ٻولين جي اکرن استعمال ڪرڻ کان وس آھر لاڙو ڪندو رھيو. سنڌي ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جي ملاوٽ کي ”جنن جي ٻولي “ سڏيندو ھيو. فقط اھڙا اڌارا اکر ڪتب آڻيندو ھيو جي ان وقت عام رواج ۾ ھوا.
مولوي صاحب جي فن جو ڪمال ھيو”لَس لکڻ“. اسان ماڻھو ساھيون ڪري ڳيتيون ڏئي لکون. گرنھن گرنھن تي ويٺا واھگرو ڪريون. پر مولوي صاحب ھڪ ڀيرو قلم کي ”آءُ“ ڪيئي ، ته پوءِ ھل ھلندن جا ماڳ، وڃي ٿيا خير. يا ڪاغذ جا پلندا کٽن يا وري مضمون جو انت اچي. وٽس ”ڄاڻ“ جي کاڻ ۽ اکرن جون ھمياڻيون ھيون جي لکت جي وھڪري ۾ خرزينن جي منھن جيان پاڻمرادو پئٽجي پونديون ھيون. اکر ائين لڏندا لمندا پاڻھرتو روان ٿيندا ھئا ڄڻ درياه جي لڙه ۾ ڪک پن ٿا ترندا اچن. قلمي پورھئي ڪرڻ ۾ نه سندس مقصد ھيو شھرت حاصل ڪرڻ ۽ نه مراد ھئي پئسو ڪمائڻ. پر ھڪ عزت ڀري آس ته کيس جا علمي ڄاڻ ھئي ان جو ڦھلاءُ ڪرڻ ۽ پنھنجي ديسي ڀائرن جي ذھني رڻ پٽن کي علم سان سيراب ڪرڻ. جيسين ڌن دولت جو سوال ھيو ته سندس دل ۽ دماغ جيان، سندس کيسي ۽ گھر ۾ به فقط الله جو سکڻو نالو ھيو. مون اھڙا انسان ضرور ڏٺا جن جي سموري عمر غربت ۾ گذري ھئي پر ھنن پنھنجي مسڪينيءَ کي مجبوري ڀانيو. پر مولوي صاحب کي سندس سڃائيءَ خلاف ڪا شڪايت به نه ھئي. ڏسجي ائين پيو ته ھن غربت کي سوچي سمجھي پنھنجو نصيب بڻايو ھو. مبادا کيس ڪڏھن شرمائڻو نه پوي انڪري پنھنجي دل ۽ دماغ ٻنھي کي، غربت سان عشق ڪرڻ سيکاريو ھوائين. ايتريقدر جو ھي سندس ايمان ٿي چڪو ھيو ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي، عياشي، تسڪين ۽ آٿٿ ھيو ئي ”پئسي جو نه ھئڻ“ ۽ نه وري پئسي لاءِ ڪو آسرو ھئڻ. سادو کائڻ ۽ سادو ھنڊائڻ ۽ سادو رھڻ باقي ترھو ھيس توڪل برالله.
مولانا صاحب جي شڪل شبيه رعب تاب واري ۽ شاھاڻي ھئي. ڪڻڪ رنگو موڪرو مبارڪ منھن. خنڪي ۽ خمار واريون اکڙيون. اڻواقف ڀائيندو ته چڪڙي جو پياڪ ھيو. توبه نعوذباالله. ميندڙيءَ رتڙي ڀنڀي ڏاڙھي. چھري تي نوراني رونق ۽ نرڙ تي محراب. اڏاوت ته نه ھئي ڄڻ موتي مسجد ھئي، ھونئن به ”الله جو گھر“ ته ”انسان“ آھي جنھن جي دل ۾ پاڻ اچيو پيو ڦيڙا پائي ، باقي ھتي يا ته آھن ميمڻ مسجديون يا اھي جي رٽائرڊ پوليس عملدارن ٺھرايون آھن. شايد پنھنجي ضمير جي ٻوجھه ھلڪي ڪرڻ لاءِ! سندس اکين ۾ عجيب ڪشش ھئي، ڄڻ سندس ماڻڪين پٺيان ڪنھن غئبي طاقت ليئا پائي تي واجھايو. مجال ويئي آ جو ساڻس ڪو اک ۾ اک ملائي تڪي سگھي؟ آواز ڳورو ۽ اختياريءَ وارو. جو جملو چيائون ته حرف آخر ۽ پٿر تي ليڪو. منجھنس طبعي لاغرضي ھئي جا ھر قلندر ۽ توڪليءَ جو مرڪ آھي. زمين جي ڪنھن سير يا سوا سير تي فلڪ ئي ڪانه. باقي آذان جي الله اڪبر ٻڌائين ته پوءِڄڻ ڪوه ندا جو سڏ ٿيو. ھميشه باوضو، مصلي تي بيٺا ڄڻ پنڊ پھڻ. ڪنڌ ھيٺ. ھٿ پيٽ بجاءِ سيني تي. نماز پوري ٿي ته ڄڻ ته چنڊ، گرھڻ کان آجو ٿيو. سجده سندس لاءِ معراج ھيو. پُٽن کان ويندي مون تائين نماز لاءِ ھر ويلي پڇا ٿيندي. آءُ اڪثر ڪپڙن خراب ھئڻ بھاني لنوائڻ جي ڪوشش ڪندو ھيس. ”بدبخت توکي ڪنھن ٻڌايو آھي ڪپڙا خراب ٿئي نماز کان نٽائجي.“ احمق اٿ لاه لٽا، چادر ٻڌ پر پڙھ نماز.“ سندس نماز سان انس نه پر عشق ھيو.. مون کي يقين آھي ته کيس سئون سڌو گھمندي به عار ٿيندو ھيو. وس پڄيس ته وک وک تي سجده ۾ وڃي وري اڀو ٿي جيڪر ٻيھر سجده ۾ وڃي ڳاٽ کي نيچو نوائي. مون کي اھو به ڊپ آھي ته خدانخواسته جيڪڏھن قيامت کان پوءِ الله پاڪ نماز جا فرض گھٽايا مورڳو معاف ڪري ڇڏيا ته پھريون شخص مولوي صاحب ھوندو جو اھو الاھي امر اورانگھي پنج دفعا ڏينھن ۾ نماز ضرور پڙھندو. پوءِ ڄاڻي واڻي نه ته ڀل۾ ئي سھي!
مولوي صاحب جو وڏو فرزند مظفر وفائي مون کان ھڪ سال مٿي ۽ وچون شفيع وفائي مون سان سنڌ مدرسي ۾ گڏ پڙھندڙ ھئا. سندن سنگت جنھن اڳتي ھلي ڀائپيءَ جو روپ ورتو، مون کان پنھنجو گھر وساري ڇڏيو. وئڪيشن ۾ اڪثر آءٌ ساڻن گڏ سکر وڃي ڏينھن جا ڏينھن سندن گھر ۾ وڃي رھندو ھيس. جتي سندن مرحومه امڙ پنھنجي ٽنھي شھزادن پٽن ھوندي به مون ڪوجھي کي ڪڏھن به ھي وسھڻ نه ڏنو ته آءُ ڪو ”پرايو پٽ“ھيس. ”ست ڌارين کي پنھنجو ڪري جيءُ ۾ جايون ڏيڻ لاءِ دل کپي ۽ کيس سندس خالق ان ساکرو درياه جيتري دل بخشي ھئي جنھن جي ”واري تڙ“ تي سندس جھوپڙي اڏيل ھئي.
مولوي صاحب ۽ سندس شريڪ حيات کي گڏ ڏسڻ سان محسوس ٿيندو ائين ٿيندو ھيو ڄڻ ٻيئي ساڳيئي سپيءَ جا ٻه پڙ ھوا. البت قرب ميٺاج ۽ سخا ۾ امڙ صاحبه سڀني گھر ڀاتين کان ڪيئي ڪاسا سرس ھئي. مولوي صاحب جي بارگير ۽ ڳنڀير سطح سان اسان جي ڇوڪراڻي ۽ ڇڇوري طبع جو راس اچڻ به اڻائو ھيو. ان ڪري اسين اڪثر سندس موجودگيءَ ۾ ڀاڙو تترن جيان ڪنڊ پاسي لڪندا ڇپندا رھندا ھواسون. خاص طور مظفر ۽ آءُ ته ٻيئي خاصا ٽڻڪ به ھواسون. ھن جي ھر دم آل ڪانءِ جيان واڇ ٽڙيل ۽ منھنجا جنرل ضياءَالحق جيان ڏند سدائين ٻاھر نڪتل. سڄو ڏينھن کلڻ ۽ ٽھڪڙن ۾ گذرندو ھيو. نٿو ڀانيان ته اسان ٻنھي زندگيءَ ۾ ڪو وڌيڪ کليو ھوندو. سواءِ پارسين جي پيغمبر زردشت جي. پر ھن سدوري ته پينگھي ۾ ئي ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا ھئا.
1941ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري سنڌ مدرسه کان ٽپڙ کڻي وڃي پنھنجي مائٽن ڀيڙو ٿيم. ھڪ ھفتو ھڪ وٽ ۽ ٽي ڏينھن ٻئي وٽ ٽڪاڻو ڪيم. ڏٺم ته سندن جايون وڏيون، ڏيل ڏونگر وانگر، پر سندس دليون ڏاڍيون سوڙھيون ھيون. آخر پنھنجي ”ڪائنات“ (جا انھن ڏينھن ۾ ھڪ ٽٽل ٽين جي پيتڙيءَ تائين پکڙيل ھئي) ڪلھي تي کڻي اچي مولوي صاحب جي ڏيري تي گاڏي حاطي ۾ سھڙيس، جتي نه فقط منھنجو آڌرڀاءُ ٿيو. پر سيني سان به لاتو ويس. صفحي، ڏيڊ ڪمري جيتري مس ھئي، جنھن جو وڏو ڪمرو مولوي صاحب جي بيڊروم ڊرائنگ روم ۽ اسٽڊي روم طور ڪتب ايندو ھيو ۽ باقي اڌ ڪمري ۾ اسين سراسري ست ڄڻا رھندڙ ھواسون. ھي جڳھه رھائش لاءِ گھٽ پر پبلڪ لائبريري، خالقڏنو ھال ۽ درالامان طور وڌيڪ استعمال ٿيندي ھئي. مون جيان ڪيترن ئي گھر جي تڙيل، ڌرم جي ڌڪاريل ۽ مصيبت جي ماريلن جي ھتي اچ وڃ عام جام ھئي. مولوي صاحب جو عظيم ڪرشمو اھو ھيو جو وٽائس ڪوئي سکڻي ھٿ واپس نه ورندو ھيو. ڪنھن کي دعا ۽ وظيفو، ڪنھن کي سھڻي صلاح، ڪنھن کي سفارشي چٺي ته ڪن لاءِ پاڻ پنھنجي سر لڪڻ کڻي پنڌ پوندا ھئا. جن جي مراد پوري ٿيندي ۽ ڪارج سڌ ٿيندا ته انھن کي ھدايت ٿيندي ته نماز پڙھو، علم پرايو، ڪتاب لکو۽ غريب شاگردن کي پڙھايو. اھا ھوندي ھئي مولوي صاحب جي ”في“ جنھن جو تغاتو ضرور ڪندا ھئا.
مولوي صاحب سان فقط گڏ رھڻ پنھنجي ليکي ھڪ قسم جي تعليم ۽ تربيت ھئي. ھن کان اڳ مون کيس دوربيني سان ٿي ڏٺو. ھاڻ صبح شام کيس اکين آڏو ھڪ کليل ڪتاب جيان ٿي پڙھندو رھيس. ڏٺم ته لکڻ ۾ اورچ ۽ اڻ ٿڪ ھيو. پر جي مطالع ۾ مصروف ته پوءِ دنيا جي شورغل کان بيخبر. گفتگوءَ ۾ نھايت سنجيدو پر جي مرحوم ناقص يا مرحوم دين محمد عليگ آيو ته پوءِ ڀوڳ چرچي جو چھچٽو. پر مختصر ۽ حد اندر. مون ڪڏھن به کيس ٽھڪ ڏيندي نه ڏٺو. مرڪندو ضرور ھيو پر اھو به منھن تي ھٿ جو ڍڪ ڏيئي پوءِ. خوش طبعي سندس طبع جو ھڪ ظاھري پوش ھيو، جنھن جي اندر ھڪ زخمي ۽ ڦٽيل دل سانڍيل ھئي جا اندر جي اوٻر کان سندس اکڙيون رت روئنديون ھيون. آءُ ڀلي ڀت ڄاڻندو ھيس ته ڪھڙي ڪارڻ. مولوي صاحب کي اھو ڪاپاري گھاءَ پنھنجي مٺڙي نياڻيءَ جي جواني واري جدائيءَ رسايو ھو. مولوي صاحب جي پنھنجي اولاد سان والھانه محبت ھئي پر مرحومه ”زيب النساءَ“ سندس ساه جو حصو ھئي. جڏھن ڏيئو اجھامي ويو ته باقي خالي بت رھيو جو دستوري حرڪت ۾ ھيو. پر ٻاھرين خاني ڪنھن کي لکا پوڻ نه ڏنائين. ھو پنھنجي پريشاني کي پڌرو ڪرڻ ۾ عار سمجھندو ھيو. ھو ته آيو ھيو فقط ٻين جا سور سانڍڻ ۽ کين ونڊڻ ۽ ورڇڻ، باقي پنھنجا ڏک ڏاکڙا ته ھئا ”رب جي رضا“ يا سندس آزمائش!
منھنجي خيال ۾ مولانا وفائي پنھنجي وقت جو قطب تارو ٿي رھيو. ھن پنھنجي تقريرن ۽ تبليغ وسيلي، پنھنجي پوري وت ۽ سگھه آھر، سنڌ جي ماڻھن جي رھبري ۽ رھنمائي ڪئي. پوءِ ھي ٻي ڳالھه آھي ته ان ”سجاڳي“ ۽ ”سوجھري“ جو ڪاٿو ڪرڻ اوکو آھي جو سندس اڻڳڻت ڪوششن ۽ پاڻ پتوڙڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو. مولانا جي وس ھئا ”واڪا“ جي ھن واه جا ڪيا. پر اھي واڪا ۽ رڙيون شاه ڀٽائيءَ کان ويندي مولانا وفائيءَ تائين ايتريون ٿيون آھن جو اسين فقط گونگا ۽ ٻوڙا ھجون ھا ته تڏھن به ڪپاٽ کلي پون ھا. پر ڏسجي ائين پيو ته سنڌي ماڻھو ھن ڌوڙ واري زمين جي مخلوق بنھه آھن ئي ڪونه. ٿي سگھي ٿو اسين شايد ٻئي ڪنھن سياره کان ڇڄي يا کسڪي ھيٺ ڪريا ھجون.
اڻويھه ورھين جي ڄمار کان وٺي (خلافت ھلچل) آخرين ھڏڪيءَ تائين پورا ٽيھه سال لڳاتار ھي اڻ ٿڪ سپاھي پنھنجي ديس جي چاڪريءَ ۾ رنڀيل ھو. جو وڙ کائونس ٿي سگھيو اھو لڪ ڇپ ۾ نه، پر دھل جي پڙھي تي ڪيائين. حق سچ جو ڪلمون چوندي ڪنھن کان ڪَوَ ڪونه کاڌائين. ان ڏس ۾ جيل جا ڌڙڪا ۽ سزائون به سٺائين. نه وري ڪو لالچ جي دام ۾ آڻي کيس ريھي ريبي سگھيو. پنھنجي دين ايمان سان سچو رھيو ۽ سنگت ساٿ ۽ اوڙي پاڙي سان به نباھي ويو. آل اولاد سان ڳنَ ڏيئي کين علم جي زيور سان سينگاري ۽ پنھنجن پيرن تي بيھاري ويو. ڪنھن جو ڪاڻيارو نه ٿيو نه وري ڪنھن ڪي مٿس ڪا ميار رھي. وڏي ڳالھه ته جاکوڙا ڪڍندي ۽ رزق حلال تي گذر ڪندي پنھنجي زندگيءَ کي دائمي سونھن ڏنائين جو اڄ ڏينھن سوڌو سندس نانءُ لاھوتين ۾ پيو لکجي.
وري جڏھن سندس زندگيءَ جي شام اڃان اوڏو نه آئي ھئي ۽ واھيري جي ويل به ڪجھه پر ڀرو ھئي. ته الاجي ڇو، دل ۾ آيس ته اڏري وڃان پرين جي پار ڏي، پنھنجي يار ڏي. ڀڙڪو کائي اڏاڻو. پار ويندا ڏيکاريندا! جڏھن سقراط کي زھر جو پيالو پيئڻ لاءِ آڻي ڏنائون ۽ ھن چپن تي آندو. ته سندس شاگرد ۽ دوست ”ڪريٽو“ سوال پڇيو ته ”استاد تنھنجي وئي پڄاڻان اسان توھان لاءِ ڇا ڪريون؟“ سُقراط مرڪي چيو ته ”ڪريٽو، اول مون کي ھي ته ٻڌاءِ، اوھان مون کي پھچي سگھندا؟“.