آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سخي ڄام صادق

”سخا“ ڀائرن لاءِ پيار محبت يا ڀائپيءَ واري پريت نباھڻ جو نالو آھي. ھي غلط آھي جيئن عام طور سمجھيو ويندو آھي ته ڪنھن محتاج کي چار پئسا ڏيڻ يا مھمان کي ماني کارائڻ ڪو سخا آھي. ”دان پنڃ ۽ خيرات.“ سخاوت جا اھڃاڻ ضرور آھن پر سخانه آھن. سخي ته اھو به ماڻھو ٿي سگھي ٿو جنھن وٽ ڪنھن کي ڏيڻ لاءِ ڪجھه ھجي ئي ڪونه. سخا، انساني روح واري اڪير ۽ الفت آھي جنھن ميل ميلاپ ۾ کيس سموري انسان ذات ھڪ ڪٽنب جي ڏک ڏئي ٿي. ھونئن به سخا نه فقط ھر قسم جي بندش يا پاپندي، ذاتي مطلب ۽ مقصد کان آجي آھي، پر سندس ڪنھن بني بشر جي ڪنھن رنگ روپ، ذات پات ۽ دين ڌرم سان لڳ لاڳاپو آھي ئي ڪونه. سخا جو مول مقصد آھي ماڻھوءَ جي اھنج ايذاءُ ۽ محتاجي کي دفع ڪرڻ ۽ انساني خوشيءَ ۾ اضافه ڪرڻ. خدا جي جھان ۾ سخي سھسين، پرمون پنھنجي سانڀر ۾ ھڪڙو ڏٺو. اھو به ننڍپڻ ۾. ڀائي ڀڳت ڪنور. جنھن وٽ پنھنجي روڪڙ ته ٽڪو به ڪانه ھئي، البت ناڻو سندس ڪڍ گھمندو رھندو ھو. جڏھن سندس ھٿ ايندو ھيو ته انکي ونڊي ورھائي وري سکڻين ھٿين واپس ورندو ھيو. جي سائل وڏي رقم لاءِ وات وڌس ته پوءِ ڀڳت ھلندي جھولي جھليندو ۽ پني به سندس پورت ڪندو. وڏي ڳالھه ته دان جو ڌن انھن ھٿان ئي ڏياريندو ھيو جئن ڏيندڙ به ڏيڻ جي خوشي ۾ شامل ٿئي، جا وٺندڙ کي وٺڻ ۾حاصل ٿيندي ھئي. باقي پاڻکي مليل موڙي ورھائيندي ھي ھوڪو ڏيندو ھيو ته ”ڀائي ڀڳوان ڏياريا آھن اوھان لاءِ، وٺو پنھنجي پونجي ته آءُ واچ وارو پرائي امانت کان آجو ٿيان.“ سندس وجود سراپا سخا ڏٺم. وٽس راڳ جي وسيلي دولت جام ھئي. اھا سنگيت جي سخا ڪندي به خوشي ۾ نچندو رھندو. ھي پھريون واڻيوڏٺم جنھن وٽ نه ليکو ھيو نه وچوڙ واري واڻڪي وھي ۽ نه جنھن جي انگرکي کي ڪو کيسو ئي ھيو. واھ واڻيا تنھنجو وڻج واپار! جنت جا سوداگر ”ڏھ دنيا ستر آخرت“ واري ليکي ۾ ئي محو رھيا. مھتو پڇاڙيءَ ۾ پنھنجو خالي مٿو به ڪٽائي بوڇڻ ڇنڊي رمندو رھيو. لھڻي وارا ويٺا رھيا، ساعٿ وارو گوءِ کٽي ھليو ويو. سبحان الله!
ڪنور کان پوءِ ڪيئي سال ڪنھن سخيءَ جي ڏسڻ لاءِ دل سڪندي ۽ سُرڪندي رھي. نه سوالي ھيم ۽ نه سئن ھڻڻ جو ارادو ھيم. البت ٻڌو ھيم ته جي الله جو اولڙو پسڻو اٿيئي ته ڪنھن سخيءَ اوڏڙو ٿي ڏس. ڇو ته سخا ۾ الله جون اڪثر وصفون سمايل ھيون. سڌڙيا سخي ته سوين ھئا ته ڪي ھٿ جا ڇوٽ. ڪي ڇورن جو ڇپر ھئا ۽ ڪي بيڪسن جا ڀرجھلو. ڪي وري مانيءَ جا ملھه ھئا ته ڪن فقط مئن جي نيت خيرات تي ڪئي. سخا سان ماپن ۽ ڪسوٽين جو واسطو ڪھڙو؟ انڌي منڊي جي مدد لاءِ ھر ھڪ ٿي ھٿ ڊگھيريو پر ڏنڊي مشٽنڊي تي مون ڪنھن کي ڪھل کائيندي نه ڏٺو. لچ ۽ اشراف ۾ اخلاقي سنڌو ته برابر ھيو. پر جيئڻ جو حق ته ھر ھڪ کي ھڪجھڙو حاصل ھيو. سخاوت لاءِ ڪنھن جو ھروڀرو لولو لنگڙو ھئڻ ڪو شرط ٿورو ئي ھيو؟ اکيون ٻوٽي سخا ڪندي مون ڪنور کان پوءِ ڪنھن کي ڏٺو ته اھو ھيو، ھڪ سنڌ جو وڏيرو. ڄام صادق علي. ھيو به عيبدار ۽ گنگھار. تو ۽ مون جھڙو. پر تفاوت رڳو اھو ته اسين طالبو ۽ گھرجائو ۽ ھو سخي. جو زمين آسمان جي وڇوٽيءَ کان به وڏو فرق ھيو.
الله واري سخا ته آھي بي مثال ۽ لازوال. اڻ کٽ ۽ بي انت. ھو اڪيلو انداتا آھي جو بنان پڇڻ جي ڏئي ۽ جي کائونس نه گھر ته ڏمرجي. وري مزو اھو جو ڏمرجي تڏھن به ڏئي. ان ڪري ماڻھن جي پرچاءُ کان ته الله جي ڏمر ڀلي. ڪنور ته ويچارو ھيو منڱتو فقير. سندس سخا ھئي جھولي جھلي پنڻ ۽ جو ڪجھه وٽس ھيو سو سر سوڌو ڏيڻ تائين. پر ڄام جي سخا به سڀ اصولي ليڪا لنگھيل ھئي. نه فقط اھو ڪجھه قربان ڪندو جو پاڻ وٽ ھيس پر جنھن جي گريبان تي ھٿ ڦٻيس ته اھي به کيسا خالي ڪري ٻين جي گھرج پوري ڪندو. پنھنجي زمين ته ھيس ٻارھوئي گروي. پنجن سالن جو فصل اڳواٽ وڪاڻل. پڇاڙيءَ بئنڪن جا کنڌا کڻي به ٻين جي کوٽ ڀريندو. پر ڪنھن کي نراس ڪري نه موٽائيندو. جڏھن وزير ٿئي وس وارو ٿيو ته پوءِ آئي وئي لاءِ ونَسوَ ٿيندي رھي. ھر غريب غربي کان ويندي چورن ڦورن ۽ وڏيرن تائين سڀ لاءِ ديڳ چڙھيل ھئي. پلاٽن جي بارش ٿيندي رھي. جنھن چيو قرض لاھڻو ھيو ته ان کي چار سؤ گز. جنھن کي نياڻي اٿارڻي ھئي ته ھڪ ھزار وال. جنھن فرياد ڪئي ته رن زال آھيان ته پوءِ ٻه ھزار گز زمين الاٽ. پنھنجي ان دور ۾ حالت اھا ھيس جو مون ڪيئي ڀيرا مارڪي کي انھي اوسيئڙيءَ ۾ ڏٺو ته ڪو يار اچي ته چار پئسا اڌارا وٺي رات جي ماني ٻاھران گھرائي کائي!
ھن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته ڄام جي عام جام ۽ انڌاڌند سخا ۾ ڪيئي لوڀي ۽ لالچي به لکاپتي ٿئي ويا. ڪن ڪالونيون وڪڻي ڪروڙ ڪمايا، پرڪي اھڙا به ھزارين مسڪين ھئا جي اڻاٺ ۽ اڻھوند کان آجا ٿيا. سنڌ جي شھرن ۾ جايون راتو رات ائين اڀرڻ ۽ اسرڻ لڳيون ڄڻ شاھجھاني اڏاوت وارو دور وري واپس آيل ھيو. وقت جي حاڪم شڪايت ڪيس ته ”ڄام سرڪاري زمين ڀُڳڙن مٺ تي پيو ورھائين؟“ چي ڇا جي سرڪاري زمين؟ زمين الله جي ! اصل الاٽ ٿيل آھي آدم ۽ سندس اولاد لاءِ، ھر انسان کي ڌرتيءَ تي مٿو لڪائڻ لاءِ اجھو ته گھرجي. سرڪار جو وس پڄي ته جيڪر سج چنڊ جي روشنيءَ تي به ڍل وجھي اوڳڙ ڪري. مون نه پنھنجي لاءِ ڪو گھر ٺاھيو ۽ نه ڪو پنھنجن جا ٿو ڀڀ ڀريان. شھر وڌندا ۽ وسندا ۽ ماڻھو آباد ٿيندا.“ ۽ ٿيو به ائين. صوبي جا سڀئي شھر سندس دور ۾ وڌيا. ڪراچيءَ کي ته چار چنڊ لڳي ويا. ھئي ته اصلي مھاڻن ڄائي. نپائي واڻين، سامائي پارسين ۽ انگريزن جي اوٽ ۾. واڻين وئي ڏتڙجي مھاجرن پناري پيئي، پوءِ به سرڪار نه سنواري. اھا ته لڏي وڃي اسلام آباد سکي ٿي. ڀلو ٿئي سمگلرن جو جن کيس ڏاج ڏيوڻ ڏيئي سندس مٿي تي ھٿ رکيو. پر کيس سچي سونھن بخشي سخي ڄام صادق عليءَ! جنھن صدقي ھاڻ گھونگھٽ کولي پيئي مور جيان ٽلي. ھي برابر آھي ته ڄام ڪو پنھنجي ھڙان سخا نه ڪئي. پر ماڻھو ته پرائي خرچ تي وڌيڪ بخيل ٿيندا آھن. ھاڻ ته ڪو ڪنھن کي نوازي؟ ڪنھن جا ھٿ ڪنھن ڪپيا ته نه آھن. ڏئي ته برابر ڏاتار ٿو. پر الاجي ڇو، ڀيلو منھن ھوندو آھي ڀنڊاريءَ جو!
سخا سنڌ جي ڄامن جو مرڪ آھي، پر صادق علي کي سخا ورثي ۾ آئي. ڄام مٺا خان سندس چاچو، تنھنجي سخا سنڌ جي لوڪ ادب ۾ حاتم واري حيثيث رکندڙ آھي. سنڌ جي واحد وڏو وزير ھيو جو خرزينون ناڻي جون گھوڙي تي ڌري گھر کان ٻاھر نڪرندو ھيو. ڪڏھن ته ائين به ٿيو جو گھوڙي سنجن سوڌي سائل کي ڏيئي پاڻ پيرين پنڌ وٿاڻ تي پھچندو ھيو. چون ٿا ته ڪو سوالي وٽائنس خالي نه ويو. کيس ڄاڻ سڃاڻ ھوندي ھئي ته ڪيترا سکر ماڻھو لاچاريءَ جو بھانو بڻائي وٽس اچي ھٿ ٽنگيندا ھئا، پر مٺي ڄام ڪڏھن منھن ڪوڙو نه ڪيو ۽ نه ڪنھن کي سکڻين ھٿين واپس موٽايائين. ڄام مٺا خان کان پوءِ وري ڄام ڪانڀو خان، ڄام صادق عليءَ جو پيءُ، پنھنجي وقت جو ناميارو ۽ نواب سخي ھيو، سندس خير خيرات وارو طريقو ئي نرالو ھيو. ماڻھو کانئس خيرات وٺڻ اھري يقين سان ويندا ھئا ڄڻ پنھنجي اوڌر اوڳاڙڻ ٿا وڃن. سندس پٽ کي به اھوئي چوڻ ھيو ته ”جي آس رکين ته الله توکان حساب نه وٺي ته تون پاڻ به ڪنھن سان ليکو نه ڪر، جي ڪنھن کي ڏين ته وڏي دل ڪري ڏي نه ته بس ڀلي. ياد رک ڏنو ٻنو آھي. ڏيڻ کان پوءِ ڏنو وسار. نه ته ڏنو ڪنو ٿيندءِ.“ جيسين جيئرو ھيو صادق عليءَ تي اڳا ڊيوٽي رکيل ھئي ته جي ماڻھو ڳوٺ ۾ اوطاق تي اچن ته انھن جي گھوڙن جون واڳون وٺي سندن آدرڀاءُ ڪري، مھمانن جا ھٿ ڌوئاري، ۽ وڃڻ وقت ساڻن گڏجي ٻاھر وڃي خدا حافظ ڪري. ھڪ دفعو پڇيومانس ته آجيان ڪرڻ يا الوداع ڪرڻ لاءِ پيرين اگھاڙي ڇا لاءِ ٿو وڃين؟ چي ”ڪانڀو خان جو پٽ آھيان. بابي مرحوم کي به ماڻھن جي آءُ ڀڳت ڪرڻ لاءِ جتي ھٿ نه ايندي ھئي.“
ڀاڳ به عجيب چيز آھي. جنھن کي لڳي ته اڏي ڇڏي، پر شل نه ڦٽي. پوءِ اڳيون نور به چٽ. وري جي موٽ ٿو کائي ته اھو به چوٽ تي چڙھي پوءِ. چوٽيءَ تي به ٽڪاءُ اصل ڪونه اچيس. ڇو ته وقت وانگر بخت کي به ھڪ جاءِ تي بيھڪ آھي ئي ڪانه. ھڪ مشھور انگريز ليکڪ آسڪر وائلڊ، جنھن کي به ڀاڳ سندرو ٻڌي مٿي عرش تي چاڙھي گھمائي وري آڻي فرش تي ڦھڪايو ھيو، تنھن جو چوڻ آھي ته ” جڏھن ڏسو ته توھان جون مڙوئي دعائون اگھايون ويون آھن ته پڪ ڄاڻو ته اوھان جي سزا پڻ شروع ٿي چڪي آھي.“ ڄام جي به من جون سڀ مرادون اچي پوريون ٿيون ھيون. ڄام ته ڄمندي ئي ڄام ھيو. مال متاع جي ڪمي ڪانه ھيس. دل گھري ديوي ۽ آل اولاد به عطا ٿيل ھيس. سنگت ساٿ ۾ به سرخرو ھيو. وڏيري مون وزير بڻجي ھاڻ سرڪار به سڏيو ٿي ويو. سونھري موقعو ڏسي قسمت ڪلٽي کائڻ لاءِ ڪر موڙيا!
پھرين ئي لوڏي ڄام کي جھوري وڌو. سندس جاني ۽ جگري دوست علي بخش جوڻيجو خون ٿي ويو. قتل جو ڪارڻ ته تلاش ڪرڻ آھي ئي بي سود ۽ بي معنى. ڪنھن به ماڻھو جي مارائڻ لاءِ به ڪو دليل ٿيندو آھي ڇا؟ موت جو معاملو ته آھي تقدير جي ذمي، جو خفوءَ ھو اڳي پوءِ يا واري وٽيءَ تي ھر حالت ۾ پاڻھرتو نباھيندي رھندي آھي. ڀارت جي بلبل، لتا منگيشڪر کان ڪنھن سوال پڇيو ته تو اڃان شاديءَ جو فيصلو نه ڪيو آھي سو ڇو؟ ته کلي ڏنائين. چي، ”مورک! جيون ، سنجوڳ داڻو پاڻي ۽ موت جا فيصلا آڪاش تي ٿيندا آھن ۽ وري بجا آوري ٿيندي آھي ڌرتي تي.“ پنھنجي پياري دوست جي قتل عام ڄام جون وايون بند ڪري ڇڏيون. ھوش عقل وڃائي پنھنجي پاڻي ۾ نه رھيو. کيس اھا سمڪ نه رھي ته ھو ڇا ڪري رھيو ھيو ۽ ڇا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين. لاھي پاھي انڌ جي گھوڙي تي چڙھي بيٺو ۽ گھاٽي وارن ڪمن ۾ ڪاھي پيو. جو پڇتاءَ جان جيئندو سندس پچر نه ڇڏيندو.
ڏاھن جو چوڻ آھي ته ھيءَ دنيا ھڪ دائمي ناٽڪ آھي جنھن ۾ اسين سڀ ائڪٽر آھيون ۽ ويس ڌاري پنھنجو پارٽ پيا ادا ڪريون. ھي جھان کيل تماشو برابر ھوندو، پر انسان جي ائڪٽر ھئڻ ۽ کيل ۾ سندس ڀرڀور بھرو وٺڻ بنسبت البت مونکي شڪ آھي. مونکي پنھنجو تجربو ھي ٿو سيکاري ته ھي سنسار ھڪ پتلين وارو تماشو آھي جنھن ۾ انسان بي جان پتلين سمان آھن.پتلين جي حرڪت وارا سڳا ڌاڳا وري ڪنھن ڌرتيءَ جي بازيگر وٽ نه پر آسماني ڪاريگر ھٿ وس آھن، جو پيو جڳ جو چرخو ھلائي. حقيقت جي حال واري پوري خبرچار نه ھوندي اسين ائين پيا سمجھون، ته مالڪ پاڻ پتلين کي نچائي، پيو پنھنجي دل وندرائي. اسين ”ڄڄ پرائي احمق نچي.“ وانگر پنھنجي وڄت ۽ جھمر تي خواه مخواه ڪڏھن خوش ڪڏھن خفي پيا ٿيون. اھا سوچ به نه اٿئون ته جو ڪجھه ڪري رھيا آھيون ان ۾ اسانجيءَ مرضي کي ڪو وزن يا دخل به آھي يا نه. پوءِ ڪڏھن خوشي ۾ کڳيون ٿا ھڻون ته اسان ڪھڙي نه کيپ کٽي. ڪڏھن وري ويٺا ته ھٿ ھڻون، ته اوھو! خطا ٿي ويئي، ڪھڙو نه ڪڌو ڪم ڪيوسين. انساني عمل، قسمت جو ليکو يا لوه محفوظ ساڳي شيءِ آھن يا الڳ؟ اھا خبر الله کي. پر آخرين نتيجن ۾ انسان ھن فيصلي تي پھچي ٿو ته ”آخر ائين ٿيڻو ھيو!“ منھنجي خيال ۾ ھڪ ماڻھوءَ کي ٻي ماڻھوءَ جي زندگي يا موت تي اختيار آھي ئي ڪونه. ڄام صاحب به تقدير جو ھٿيو ته بڻجي سگھيو ٿي پر خود ڪنھن جي تقدير ھئڻ؟ ھرگز نه.
چوندا آھن ته بدبختي اڪيلي سر ڪڏھن نه ڪنھن وٽ آئي. جي ايندي ته سڄي ٽٻر ساڻ اچي سھڙندي. اڃان پنھنجي محبوب ۽ مربي دوست جو لرزو ۽ لحظو سھسائي مس ساھي پٽي ھئائين ته سندس امڙ لاڏاڻي لاءِ سانباھا ڪيا. ڄام دعا ۽ دوا وارن حيلن وسيلن ۾ وسان نه گھٽايو. پر الاھي امر اڻ ٽر ٿي ڏٺو. نه فقط ماءُ سان والھانه محبت ھيس، پر ھي ايمان ۽ عقيدو ھيس ته سندس ڀاڳ بخت سڀ ماءُ جي سر تائين سلامت ھيو. پاڻ فخر سان چوندو ھيو ته ”امڙ جي دعائن جي مٿان چوکنڊي اڏيل اٿم جنھن ڍال تي ھر آنڌي ۽ ڳڙي کان پناه ٿي ڏني.“جڏھن امڙ پاسو کوڙيو ته ڄام بيحال ٿي ڍرڪي پيو. روڃ راڙي گڏ نشي جو سھارو ورتائين ته من جي مونجھه شايد ميسارجي وڃي. شايد اھا ڄاڻ نه ھيس ته نشي واپرائڻ سان غم گھٽ نه پر اڃان وڌيڪ ٿيندو آھي. اڳتي ھلي اڌرنگي جي لپيٽ ۾ به آيو. پر ڪو ڏنو ٻنو ٿيس. مس مس ڪري پيڙا کان پار ٿي اٿي کڙو ٿيو.
دلي دوست جو قتل ۽ امڙ جو لاڏاڻو، اھي اھڙا سخت صدما ھوا جن سبب سڄين لنڱين سالم رھڻ جيڪڏھن ناممڪن نه تڏھن به مشڪل ضرور ھيو. ڄام ويڳاڻو ۽ اٻاڻڪو ٿي پيو. ڀانڀي ويو ته سندس قسمت جو رخ ڀاڳ جي ابتڙ ھيو. ھونئن به اوج ۽ عروج واري ڏاڪڻ ڏاڍي ترڪڻي ايندي آھي، سڻڀي جو آھي. ڪو مھمير سنڌ جو گھڻي دير تائين پير ڄمائي بيھي سگھي. ڄام پاڻ به ھاڻ پيرن بجاءِ پٻن تي بيٺو ھيو. ٻن ڌوڏن ئي کيس لوڙي ڇڏيو ھيو. ويتر ان حڪومت جي به جڙ اکڙندي ڏٺائين جنھن جو پاڻ به چوٿون پائو ھيو. کيس ڀليءَ ڀت پروڙ ھئي ته ھر حڪومت جو ٻاھريون تھه فولاد جو ھوندو آھي. پر اندرين اڏاوت عاج جي. جنھن ڪري سندس جٽاءُ بي ڀروسي ٿيندو آھي. ٿوري لوڏي اچڻ تي ائين پرزا پرزا ٿي پوندي آھي، ڄڻ چينيءَ جي ٿانون وارو ڊيش ھٿ کان کسڪي ھيٺ ڪريو. ڄاڻي ويو ته ڪاري ڏاند جا مالڪ اجھو آيا ڪي آيا. جنھن سان روح جو پرچو ھيس اھو الوداع ڪري چڪو ھيو. امڙ وئي دعا جا در ھئا اڳي ئي ٻيڪڙيل. ھاڻ سندس لاءِ ھتي ڪھڙي اڀل ھئي؟ ڇو نه ڪي ٻيا وڻ وسائجن. اھو سوچي اڏامڻ لاءِ پر سھڙيائين. ڪو ڀڳو ٿوروئي ٿي ويو. چنڱ چنڱيرا کيس ھوائي اڏي تي خدا حافظ ڪرڻ آيا. ھتي سندس زندگيءَ جو ھڪ باب پورو ۽ ٻيو موڙ شروع ٿيو.
منھنجي ڄام صاحب سان پھرين ملاقات اڄ کان ٽيويھه سال اڳ لاھور ۾ ٿي. جڏھن پاڻ فقط وڏيرڪو ٻار ھيو ۽ اڃان مڇن جي سانول مس نسري ھئس. مونکي منجھنس ڪا خاص لياقت ڏسڻ ۾ ڪونه آئي ھئي، سواءِ ان جي ته ڪوڙ سھڻو ۽ ايمانداري سان ٿي ڳالھايائين. ڏھاڪو سال پوءِ کيس بلڪل نرالي رنگ ۾ ڏٺم. بت ۾ سگھارو. موڪري منھن تي چاپئين ڏاڙھي. رحمدل اکيون ۽ سلوڻي زبان، پر بي لغام. دماغ به بلا جو ھيس. پر سوچ جو انداز جڳ کان الٽو. چٻي چٿي ڳالھائڻ بجاءِ ڦاٽوڙي دھل جيان ٿي وڳو ۽ ھر ھڪ کي منھن تي ڦھڪائي ٿي ڏنائين. ذھن ۽ ظرف به تيز تر پر واچوڙي جيان نه منزل نه مقصد. گنڀير گھٽ ۽ تتي تاءِ نتيجي تي پھچڻ لاءِ آتو ٿي ڏٺو. مونکي ته ائين ٿي معلوم ٿيو ته ڄڻ سندس وجود ۾ ھڪ کان وڌيڪ شخصيتون سمايل ھيون جي ھڪ ٻئي جي ضد ۾ ۽ تڪراري ٿي ڏٺيون. ڪنھن زماني ۾ حيدرآباد جي بازار حسن ۾ ٻه ڳائڻيون مشھور ھيون جي پاڻ ۾ سڳيون ڀينر پڻ ھيون. ٻنھي جو ناچ گانو، قد ڪاٺ ۽ ناز نخرو سندن نالن جيان ھڪٻئي جو ابتڙ ھيو. ھڪ ھئي نوابي ۽ ٻي گولي. ڄام صاحب جي مزاج ۾ ٻيئي رخ تارازيءَ جي پُڙن جيان ساڳئي وقت پسبا ھئا. ھو لاپرواھي ۽ سخا ۾ نوابن جو نواب ھيو. نوڙت نياز ۽ نھٺائيءَ ۾ گولن جو گولو!
شروعاتي دور ۾ ھر وڏيري جي معراج جيان کيس سرڪاري عملدارن جي ٽھل ٽڪور ۾ مشغول ڏٺم. پر پوءِ ھي ڄاڻي حيران ٿي ويس ته انھن جي پرگھور ٿي لڌائين جي سروس کان موقوف ٿيل ھئا يا جن جي نوڪري خطره ۾ ھئي. عجب اھو جو سالن جا سال ڪيترن ڪامورن کي سندس ”روٽي ڪپڙي ۽ مڪان“ جي سھاري تڳندو ڏٺم. جڏھن 1982ع ڌاري سرڪاري نوڪرن ۾ ٽاڪوڙو وڌو ويو ته ڄام اڪيلو انسان ھيو جو پارٽي جو ذميوار رڪن ھوندي به لڪي ڇپي انھن جي ھڙان ۽ وڙان مدد ڪندو رھيو جو راتو رات روزگار کان نره ڪيا ويا ھئا. ٻه ٽي درجن ماڻھن کي ته آءُ شخصي طور سڃاڻان جن کي پلاٽ ڏيڻ سان گڏ ٻي پٽ سٽ ڪري سندن مالي مشڪل ڪشائي ڪيائين. جيتوڻيڪ انھي زمانه ۾ منھنجي ساڻس فقط رسمي ڏيٺ ويٺ ھئي تڏھن به عيد رات جي انڌيري ۾، پاڻ پنھنجي گھر واريءَ سوڌو منھنجي گھر اچي ھمدردي ڪيائين. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ ھڪ آفيسر ھٿ، جو اڄڪلھه وڏي عھدي تي سرفراز آھي، مونکي دڪانن ۽ جاين جي الاٽمينٽ موڪلي ڏنائين جن جي پڳڙي ان وقت جي اگھه تي ساڍا ٽي لک رپيا ھئي. منھنجي مجبوري ھئي جو مون در آيل لڪشمي موٽائي ڇڏي. پر ڄام جي احسان جو ٺپو منھنجي پٺي تي برابر لڳي چڪو. ھي زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ھيو جو ماءُ پيءُ ۽ استاد کان پوءِ ڪنھن مون تي اھڙو ٿورو ڪيو ھو. الله پاڪ کيس بھرا ڏئي. جي منھنجو اڇو ۽ ڏڪندڙ مٿو ڪڏھن به سندس پيرن جي پڻي ٿي ڪتب اچي ته آءُ جيڪر پاڻ کي ڀاڳ وارو ڀانيان!
جتي لڏي وڃي آڏاڻو اڏايو اٿس. اتي به ٻڌو اٿم ته اوطاق کوليو ويٺو آھي. ٻارھوئي لنگر پيو ھليس. لنڊن جھڙي مھانگي ملڪ ۾ جتي قيمتون پيون آسمان سان ڳالھيون ڪن، جتي چانھه پيارڻ تتو سيڻ سڄڻ پاڻ ۾ ڀت برادري ڀنڃيو ڇڏين. اتي ست ڌارين کي سڏي ست رڇيون کارائڻ ڪو چرچو ته نه آھي. اھو ڏينھن ڪو چنڊو ھوندو جو وٽس پنج ست مھمان ٽڪيل نه آھن. ماني ٻوڙ ته الله ٿو ڏئي پر پرديسن ۾ ڄامن واري مھمان نوازي بدستور جاري رکڻ تمام وڏي ڳالھه آ. وري پن سن جا پائونڊ کنيو ھڪ ھڪ اڳيان آڇ ڪري ته ادا پرائي ملڪ ۾ آيا آھيو اوھان کي ضرورت ھوندي. ھاڻي وٺو ھيءُ، صبح سوايو ڏيانو. سندس ڪلھا گٺل آھن. ويٺو ٿو ڳن ڏئي. اھا خبر اٿم ته نه ھتان ڪا ڪاري پاڻي کڻي ويو ھيو ۽ نه وري اتي ڪو ڪارخانا ٿا ھلنس. اتي نوڪري ضرور ٿو ڪري پر ايتري پگھار دنيا جي ڪنھن کاتي ۾ آھي ئي ڪونه جو ڄام جي خرچ ۽ خيرات جي پورت ٿئي. پوءِ الاجي سون ٿو ٺاھي. ڌاڙا ھڻي ھمياڻيون ٿو ھٿ ڪري. يا وري تڏي ھيٺان ٿو روزو رکي. اھا خبر خدا کي.
ڄام صادق ذاتي طور ھڪ سدا بھار ۽ شاھاڻي شخصيت جو مالڪ آھي. گھٽ ۾ گھٽ مونکي سندس جھڙو ھٿ جو سخي درياه دل ۽ سرويچ ساٿي سنڌ ۾ ٻيو ڪونه سجھي. خاص ڪري ماڻھپي جي ھن ڏيواله واري دور ۾؛ جڏھن ويا مور مري ۽ ھنج نه رھيو ھيڪڙو. ساڻس پلڪه پھر ڪچھري ڪرڻ آھي، ھڪ غمٽار وندر ۽ ورونھه. مھمان نوازيءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ. دل جا دروازا ھميشه ھر ھڪ لاءِ کليل. طبع جا ڪجھه رخ انوکا ۽ عجيب. ھڪ ته پئسي کي ھٿ نه لائيندو ۽ نه جان ساڻ رکندو. ناڻو سدائين نوڪرن حوالي. ٻيو شڪار به عمر ڀر نه ڪيائين، نه وري وڏيرن جيان عملدارن يا حاڪمن کي ڀلجي به شڪار ڪرايائين. ٽيون دھماني ۽ ڪوڙو ھوندي به مون جھڙس ڪو صاف گو ۽ ڦاٽوڙو دھل ڪونه ڏٺو. ھڪ عجيب ۽ انوکي شخيصت. ھي اوھان جي وس ۾ نه آھي ته کيس پسندڪريو يا ناپسند، پر کيس نظرانداز ڪرڻ؟ ناممڪن. جي کيس ڄاڻن سڃاڻن انھن لاءِ کوٽو يا کرو ڳالھه ساڳي. پر جي سندس ساک جو صحيح ڪاٿو ڪرڻو آھي ته پوءِ اھا پڇا غريبن، مسڪينن، ۽ محتاجن کان ڪريو ته بھتر.
ڄام کي پرديس وئي پنج سال ٿيا آھن. ٻڌو اٿم ته وطن لاءِ اٻاڻڪو آھي. اداس ڪيئن نه ھوندو. آخر به ته ڪونج قطارن کان وڇڙي آھي. ھونئن به ملڪ جي ميري مٽيءَ جو ڪڪرالي ريت ۽ بجريءَ سان ڪھڙو واسطو؟ ڪجھه ڏينھن ٿيا ته سندس اوچتو ٽيليفون جوسڏ اچي سھڙيو. پڇيومانس ته منھنجي لائق ڪا ڪار خدمت؟ دل ڀرجي آيس. سندس آواز امالڪ گھگھو ٿي ويو. چيائين ته ھائو. ”ڄام ڳوٺ وڃ. منھنجي اباڻي مقام پھچي منھنجي امڙ جي بٺيءَپيرانديءَ بيھي فاتح پڙھ. امڙ سان منھنجو احوال به اور ۽ دعا لاءِ به ٻاڏاءِ.“