آخوند الله بچايو وڪيل
آخوند الله بچايو 1919ع ڌاري مٽيارين ۾ ڄائو، جنھن تاريخي شھر ۾ سندس وڏڙا پيڙھين کان مدرسن ۽ مڪتبن ۾ علم پڙھائيندي آخوند سڏجڻ ۾ ٿي آيا. اڃان پنجن سالن جي عمر جو مس ٿيو ته سندس والد ماجد آخوند غلام علي گذاري ويو. ھن معصوم جي پالنا ۽ پڙھائي جي فرض ادائي سندس امڙ ۽ ماٽيجي مامي محمد صديق سنڀالي. ھئڻ ته ائين گھربو ھيو ته مرحوم ڀاءُ جي اولاد جو ذمون چاچو نباھي ھا. پر ھن پنھنجي مرحوم ڀاءُ جي املاڪ کي سندس اولاد کان وڌيڪ قيمتي ڄاڻي منجھنس ھٿ ڳنڍيا. نتيجي ۾ آخوند الله بچائي کي پنھنجي امڙ سوڌو ”ھوندي سوندي“ اڻھوند جي گھاڻي کان گذرڻو پيو. شايد قدرت کي به ائين منظور ھيو، ڇاڪاڻ ته اھڙين ڪٺن ۽ ڪٺور آزمائشن کان نڪري پار اڪرڻ کان پوءِ ئي ماڻھون جون اکيون کلن ٿيون ته ھن دنيا وارن جا لڳ لاڳاپا توڙي رت جا رشتا ڪيترا نه ڦلھڙا آھن.
چار درجا سنڌي پڙھڻ کان پوءِ آخوند کي انگريزي پڙھڻ لاءِ پھريون حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي اچڻو پيو. بي اي پاس ڪري وڪالت جي امتحان لاءِ تياري ڪيائين. پنھنجي پڙھائي ۽ رھائش جي خرچ جي پورت لاءِ سنڌ مدرسه ۾ ماستريءَ جي ملازمت به اختيار ڪيائين. ان زماني ۾ ماستريءَ وارو پيشو مان شان ۽ عزت وارو ليکيو ويندو ھو۽ استاد جي عزت پيءُ جي پدويءَ سمان ڄاتي ويندي ھئي. ان دور ۾ پاس ٿيڻ جو دارومدار محنت ۽ اوجاڳن تي ھيو ۽ نه سفارش يا رسائي تي جيئن اڄڪلھه جو فيشن آھي. شايد ھن ڪري جو به يونيورسٽي سمنڊ پار بمبئيءَ ۾ ھئي ۽ اسان وارن ”قومي ۽ ڪنتري ڪاليج“ اڃان جنم ڪونه ورتوھيو.
1940ع ۾ ايل ايل بي امتحان پاس ڪري حيدرآباد ۾ اچي وڪالت شروع ڪيائين،جو پنھنجي جاءِ ھڪ وڏي حوصله جھڙو قدم ھيو. ڇاڪاڻ ته حيدرآباد جو شھر ان دور ۾ برک ۽ کڙپيل وڪيلن جو ڳڙه سمجھيو ويندو ھيو، جتي ھڪ ڳوٺاڻي نوجوان ۽ سيکڙاٽ وڪيل لاءِ پير ڄمائڻ ھڪ وڏو چئلينج پڻ ھيو. آخوند وڪالت جي پرئيڪٽس گڏ سماجي ڀلائي ۽ شھري بھبودگيءَ ۾ پڻ بھرو وٺڻ لڳو . خاص طور تعليم جي ميدان ۾، جو سندس اباڻو ورثو ھيو. ھن ڏس ۾ سندس جاکوڙ ۽ جدوجھد آخري ايام تائين جاري رھئي. 1943ع ڌاري سندس شادي خانه آبادي ٿي ۽ سنڌ جي عالم ۽ اديب علامه دائود پوٽه جي وڏي نياڻي سندس زندگي جي رفيق حيات بڻي.
پنھنجي اڻٿڪ محنت ۽ ذاتي ديانتداريءَ سبب ٿوري عرصي اندر ئي آخوند وڪالت ۾پنھنجو نالو روشن ڪيو ۽ سندس شمار سنڌ جي مشھور قانوندانن جي قطار ۾ ٿيڻ لڳو. ھي ٻي ڳالھه آھي ته ڪمائي ءَ جي لحاظ کان سندس مالي حيثيث مڇي ماني تائين محدود رھي. ان جو وڏو سبب غريب ۽ مسڪين ماڻھن جا ڪيس ھوا جن بدولت کيس دعائون مڻن جي حساب سان ملنديو رھيون، پر کيسي جي حالت اھا ئي ڏٻري رھي. ان زماني ۾ آخوند حيدرآباد جي انھن ٿورن وڪيلن ۾ ھڪ ھيو جن جي ڪيسن جي آمدنيءَ جو دارومدار دلالن بجاءِ توڪل تي ھيو. پنھنجي وقت جي مشھور ڪيسن ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻھن جي مفت وڪالت ڪري عدل انصاف جو نعرو بلند ڪيائين. ھڪ ڀيري رياست جي ھڪ ڪيس ۾ ھڪ طرف ٽيھارو کن ڳوٺاڻا جوابدار ھئا ۽ مخالفت ۾ رياست خيرپور جي حڪومت جو دٻاءُ، انصاف کي لئه مٽه ڪرڻ لاءِ پوري طاقت سان استعمال ٿي رھيو ھيو. ھزھائنس پاران انگلينڊ جو باريسٽر مسٽد ڊنگل فوٽ وڪيل ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. پر نه انصاف ھيسجي ويو ۽ نه آخوند ھرکجي سگھيو توڻي جو کيس لالچائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ويا. آخر عدالت جو فيصلو آخوند جي حق ۾ٿيو ۽ بيگناه ڳوٺاڻن جي خلاصي ٿي.
1966ع ۾ آخوند کي مغربي پاڪستان وزارت ۾ کنيو ويو ۽ کيس قانوندان جو قلم سونپيو ويو. سندس وزير ٿيڻ پنھنجي جاءِ ھڪ معجزو ھيو ڇاڪاڻ ته سندس نه ڪنھن سياسي پارٽي سان واسطو ھيو ۽ نه وري کيس ڪنھن سياسي جماعت جي پٺڀرائي حاصل ھئي. کائونس اڳ قانون جو وزير حيدرآباد سنڌ جو نامور وڪيل غلام نبي ميمڻ ھيو جو قانوني ماھر ھئڻ علاوه سياسي شطرنج ۾ پڻ بلا جو کيڏاري ھيو. وزارت جي واڳ سنڀالڻ شرط جو پھريون ڪم کيس سپرد ڪيو ويو اھو ھيو سابق وزير قانون خلاف الزامن جي تحقيق. سرڪاري سوچ ڪا غلط ته نه ھئي، ڇاڪاڻ ته ھر سبڪدوش ٿيندڙ وزير خلاف سنگين الزامن جي انڪوائري ڪرائڻ، اسان جي ملڪ جي جھوني سياسي روايت ھئي. پر آخوند ٻي مٽي جو ٺھيل ماڻھو ھيو. ھن گورنر وٽ وڃي پنھنجي صفائي پيش ڪئي ته آءٌ عمر ساري عدالتن ۾ انصاف جي بالادستيءَ لاءِ وڪيل ٿي رھيو آھيان. جي وزير قانون جي فرض ادائي ھي آھي ته پبلڪ پراسيڪوٽر يا جلاد ٿي ڪم ڪرڻ ته پوءِ ٻيو ڪو ھمراه ڳوليو.
سندس وزارت جي دور ۾ ڪھڙا قانوني سڌارا آيا يا ڪيتريقدر قانوني جي حڪمراني قائم ٿي، چوڻ ڏکيو آھي. ڇاڪاڻ ته ھاڻوڪي حڪومتن ۾ گڏيل جوابداري ھئڻ ڪري ڪنھن به ھڪ وزير جي صلاحيت ڪا معنى نه ٿي رکي. ان زماني کي فوت ٿئي ڪيئي صديون گذريون جڏھن وزير باتدبير ھوا ۽ سندن ڏاھپ تي سلطنت جي سلامي ۽ خوشحالي جو دارومدار ھوندو ھيو. اڄوڪي جمھوري وزارتن مڇي مياڻيءَ جي ڏک ٿي ڏني جن ۾ وزير ائين ٿي چونڊيا ويا جيئن پوليس ڪوڙن ڪيسن لاءِ مشير مقرر ڪندي آھي. بھرحال جي آخوند جي دور وزارت ۾ شينھن ٻڪري گڏ چرندا نه ڏٺا ويا، تڏھن به ڪنھن بيگناه شھريءَ کي قانوني شڪنجي ۾ اڙايو نه ويو، جو اڳوڻي وزارت جو محبوب شغل ھيو.
آخوند صاحب سا ن منھنجي ملاقات اوچتو ۽ عجيب ماحول ۾ ٿي، جڏھن آءُ پنھنجي آپي کان ٻاھر ھيس. قصو ھن طرح جو ھيو جو حيدرآباد جي ڊاريڪٽر انفارميشن جي حيثيث ۾ آءُ دوره عمرڪوٽ اسھيل ھيس۽ پٺيان گھر ۾ چوري ٿي، اھا به گھر ڀاتين جي سجاڳي ۾. رڙين تي پاڙي وارا ڪامورا ته نه جاڳيا ۽ جي جاڳيا ته مدد لاءِ نه آيا. پر جي اڌ درجن پوليس وارا ڪالوني جي پھره لاءِ مقرر ھيا اھي به نه پھتا. وري جڏھن ٿاڻي تي فرياد لکرائڻ لاءِ فون ڪئي ته ٿاڻيدار چيو ته روبرو رپورٽ داخل ڪرائي وڃي نه ته ڪو تدارڪ نه ڪيو ويندو. مون کي عمرڪوٽ فون تي اطلاع ڏنو ويو ۽ آءُ ڳاٽي ڀڳي رفتار تي جيپ ڀڄائيندو اچي گھر ڀيڙو ٿيم. ڏٺم ته ٽي پوليس عملدار منھنجي ڊرائنگ روم ۾ آرام سان ويھي شرپت پي رھيا ھئا جو شيشو چور ڇڏي باقي گھر ٻھاري ويا ھئا. مون اچڻ شرط پوليس وارن کي ھڪالي گھر کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ کين شرپت پيئڻ کان نراه ڪيو. ۽ فرياد داخل ڪرائڻ کان به نابري واري.
ٻئي ڏينھن تي سرڪٽ ھائوس ۾ ”لاائنڊ آرڊر“ جي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيس، جنھن جي صدارت آخوند صاحب ڪري رھيو ھو. ھيءَ منھنجي آخوند صاحب سان پھرين ملاقات ھئي ڇاڪاڻ ته کيس وزير ٿئي اڃا ھفتو مس ٿيو ھو. ڪانفرنس ۾ سکر ۽ حيدرآباد ڊويزن جا ڪمشنر، ڪليڪٽر ۽ پوليس جا اعلي عملدار شريڪ ھئا. ڪاروائي ھلندي جڏھن چوري چڪاريءَ جو ذڪر آيو ته آخوند صاحب مون کي مخاطب ٿي چيو ته اخبار ۾ چوريءَ جي خبر پڙھي اٿم پر تو فرياد ڇا جي لاءِ نه داخل ڪرائي آھي؟ آءُ اڳيئي نڪ تائين ڀريو ويٺو ھيس سو ھاڻي موقعو ملندي ئي ڦاٽ کاڌم. چيم ته ھائو سائين، چوري برابر ٿي آھي، پر ڪرائي آھي انھن پوليس عملدارن جي اوھان سان گڏ ويٺا آھن. جڏھن سرڪار پاڻ چور پالي ۽ چورين ۾ ڀانڱي ڀائيوار ٿيئي ته ڪنھن وٽ وڃي دانھن ڪيان؟ وري گذريل ڇھن مھينن ۾ جي چوريون ٿيون آھن ۽ جن فرياد داخل ٿيا آھن ته انھن ۾ ڪا ھڪ چوري به موٽائي ويئي ھجي ته آءُ به ڪا اميد رکان. جي چوريون واپس ٿيون آھن ته مالڪن کي نه مليون آھن باقي وچ کنڌي ۾ ونڊ ورھاست ضرور ٿي آھي. ائين چئي مون چورين جا انگ اکر، پاٿايدارن ۽ دلالن جي لسٽ وارا ڪاغذ سڀ وزير صاحب جي اڳيان ميز تي رکيا.
پوءِ ڪانفرنس ته ڪافور ٿي ويئي. پوليس عملدارن جي نظر زمين تي کتل ھئي، پر ڪرسين تان اٿڻ جي ھمت ڪنھن کي ڪانه ٿي. ڪمشنر جنھن کي پوليس جي ڪارنامن اڳيئي ڄاڻ ھئي، تنھن ڪنڌ ڌوڻي منھنجي ھر ڳالھه کي ٽيڪو ڏيندو رھيو. آخوند صاحب اٿي بيھي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ”جيڪڏھن ايندڙ ٻن ھفتن جي مدت اندر چوراڪاري کي ٻنجو نه ڏنو ويو ته ھو پوليس کاتي جي ڪاروائي رپورٽ ۽ استعفا گڏ گورنر کي پيش ڪندو.“ ائين چئي آخوند صاحب مون کي ڀاڪر پائي پاڻ سان گڏ ٻاھر وٺي آيو.
پنھنجي گھر اچي آخوند صاحب مون سان اڌ ڪلاڪ تائين ڪچھري ڪئي. ڳالھيون ڪندي مونکي ٿڌي سيني ويھي سمجھاڻي ڏنائين ته اسان واري سماجي نظام ۾ ڪجھه اھڙي غلط ۽ اڍنگي ترتيب ڏنل ھئي جو ھر موڙ تي ڊاڪو ۽ رھزن قابض ھئا، جن پاڻ ۾ چوپاريون ٺاھي باجماعت ھاڃان ٿي ھنيا. انھن ۾ ڪي نقاب پوش ھيا جن پاڪدامنيءَ جا برقعا ۽ چوغا اوڙھي اندر ئي اندر ڳجھا کاٽ ٿي ھنيا. ڪن وري ظاھر ظھور انصاف ۽ قانون جي رکوالي جي آڙ ۾ ڌاڙا ٿي ھنيا. ھر ھنڌ ان قسم جو ٻٽو سرشتو عمل ۾ ھيو. ھاٿي جا ڏند ڏسڻ لاءِ ھڪڙا ۽ کائڻ لاءِ ٻيا ھئا. سمورو قانوني ۽ عدالتي نظام ھڪ ڪوريئڙي جي ڄار مثل ھيو جنھن ۾ ننڍڙا جيت ۽ جيتامڙا ته ڦاسي ٿي پيا، باقي وڏا پکي عقاب ڳجھون ۽ باز ڄار کي ٽوڙي آرپار نڪري ٿي ويا. ھر حرفتي چالاڪ ۽ زماني ساز سرخرو ھيو ۽ ھر لائق ۽ شريف ماڻھو پنھنجي پڳڙيءَ کي بچائڻ ۾ پريشان ھيو. اھڙي صورتحال ۾ ھڪ غريب ۽ مسڪين لاءِ ھن سواءِ ڪو چارو ئي ڪونه ھيو ته ھو صبر ۽ سانت ۾ سور سختيون سھندو رھي ۽ ڪنڊ ڪڙڇ۾ پاسيرو ٿي زندگي بسر ڪري.“
ان واقعي بعد مون کي آخوند صاحب جي ويجھڙائي ۾ اچڻ لاءِ ڪيئي موقعا نصيب ٿيا. ھڪ دفعي ساڻس گڏ سفر ڪندي سندس بريف ڪيس ۾ وڪيلن وارو چوغو پيل ڏسي پڇا ڪيم ته ”قبلا! ھي برقعو اڃان ساڻ کڻي پيا گھمو؟ خير ته آھي! “ چيائين ته ”اھا صلاح تنھنجي وڏي ڀاءٌ وزير ٿيڻ واري ڏينھن ڏني ھئي ته اھا علامت ساڻ رکندين ته توکي وڪيل ھئڻ جو ھميشه احساس رھندو ۽ وزارت جو نشو مغز تي حاوي نه ٿيندو.“ مون آخوند صاحب کي اھو ڪونه ٻڌايو ته ھر صلاح ڏيندڙ، جو مشوره ھو ٻين کي ڏيندو آھي ته پاڻ ان تي عمل ڪرڻ اڪثر ڀلجي ويندو آھي!
آخوند صاحب سان لھه وچڙ ۾ ايندي مون کي ھي ڏسي حيراني ٿيندي ھئي ته کيس پنھنجي وزير ھئڻ جو احساس به الاجي آھي يانه. ڇو ته مال جو موه، نشي جي لوري ۽ پئسي جي چوس ته پنھنجي جاءِ، پر جا ڪرسيءَ جي ڪشش ۽ ھوس انسان کي ھوش کان بيھوش ٿي ڪري، ان کان آءُ بخوبي آگاه ھيس. مون کي ياد نه آھي ته چوٿائي صدي جي سرڪاري سروس ۾مون ڪنھن حاڪم يا وزير کي ڪرسي جي ڪئنسر کان آجو ڏٺو. جو ھڪ ڀيرو پاور ۾ آيو ته ان کي ٻيھر سئين ڪنھن نه ڏٺو! پر آخوند ان نشي کان واندو ھيو. توڻي جو چڱو چوکو وڪيل ھيو، عزت مان وارو شھري ھيو. سندس سوين سلامي ھئا، پر حرام جو مون ھن شخص جي چھره تي ڪا فخر جي جھلڪ يا فلڪ ڏٺي.
آخوند انھن سچار ۽ ايماندار ماڻھن مان ھڪ ھيو جي ويڪائو مال نه ھئا. وڪالت يا وزارت ٻيئي سندس لاءِ امانتون ھيون. ھن پنھنجي لاءِ شرافت، ماڻھپي ۽ اخلاق جو الڳ رستو ڳولي ڪڍيو ھيو، توڻي جو سندس روزمره جو وھنوار ۽ واسطو چالاڪ ۽ حريف وڪيلن ۽ قانوني ڳنڍي ڇوڙن سان ھو. اڄوڪي حرفتي، بي اصول ۽ ڪٺور دنيا ۾ آخوند ھڪ اٻوجھه انسان جيان اوپرو ماڻھو لڳندو ھيو. کيس زمانه جي پرک ۽ پروڙ به ھئي، سندس تجربي جو دامن وسيع به ھو. پر ھي يار پنھنجي واٽ وراو ھيو. قدرت کيس سٻاجھڙي ۽ ٻاجھاڙي طبع جو مالڪ بڻايوھيو. لحاظ ۽ مروت سندس فطرت ھئي. چوڪيدارن، ڊرائيورن ۽ پٽيوالن سان به اھڙي نوڙت ۽ نھٺائيءَ سان پيش ايندو ھيو ڄڻ سپريم ڪورٽ جي ججن سان گفتگو ڪري رھيو ھيو. ٿڌو ۽ مٺو ڳالھائڻ ۾ مون سندس مٽ نه ڏٺو. خود عدالتن ۾ سندس مرڪ ۽ مٺاس لاءِ ھي مشھور ھوندو ھيو ته جج صاحبان آخوند کي اھو ڪجھه عطا ڪرڻ لاءِ آتا ڏٺا ويندا ھئا جا رعايت ھو ٻئي ڪنھن وڪيل کي آڇ ڪرڻ لاءِ ھرگز تيار نه ھوندا ھئا.
کيس پنھنجي ھر محسن لاءِ ساڃھه ھئي. جنھن به مٿس تر جيترو به احسان ڪيو ھيو ته اھو ڳڻ آخوند آخري دم تائين ڳائيندو رھيو. ماءُ ته سندس ڪعبو قبلو ھئي جنھن جو بيحد احترام ۽ ادب ڪندو ھيو، پر پنھنجي ماٽيجي مامي اڳيان پڻ ڪنڌ جھڪائي ادب سان پيش ايندو ھيو. ھڪ ڀيري پنھنجي وڏي فرزند کي مامي سان تکو مٺو ٿيندو ڏسي کيس سخت تنبيھه ڪيائين. چيائين ته ”ابا ان مامي جي ٽڪرن تي آءُ پلجي وڏو ٿيو آھيان. سندس ھٿن جا کارايل گرانھن آءُ اڃان سوڌو پيو ساريان ۽ سنبران. اوھان کي اھڙي جرئت ڪيئن ٿي جو اوھان ساڻس پيا سينو ساھيو. مون تي ان مامي جا اھڙا احسان آھن جو جيڪر سندس پير روز ڌوئي پيان ته به سندن حق ادا نه ڪري سگھان.“
جڏھن سندس وڃڻ جي گھڙي اچي سھڙي ته اوچتو سنبت ڪيائين. پنھنجي فرزند کي چيائين ”ابا اڄ اباڻي ڳوٺ ھلڻو آھي.“ جيپ تي سوار ٿي مٽيارين وارو دڳ ورتائين. اڌ واٽ تي دم ڏنائين. جڳ لاءِ ته جيپ جو حادثو ھيو، پر قدرت کي پنھنجي ڪاروائي ڪرڻي ھئي. واٽ ويندي ويو جيئن ڪو وھائو تازو. ھت جنين جي لوڙ ھُت پڻ آھي تن جي!