وتايو فقير
وري به سندڙي جي انھن سٻاجھڙن کي سلام جن کي مارو ڄام جو مرم پيو ۽ ڀٽائي جو ڀرم رکيائون ۽ سندس ڀلايون ڀال نه ڀلايون. سندس ٽڙيل پکڙيل ڪلام کي سھيڙي سينگاري قلمبند ڪري محفوظ ڪيائون. وقت بوقت ۽ سال بسال سندس ورسيون ملھائي. سندس ڳڻ ڳائيندا رھيا، ۽ اھو شغل اڄ سوڌو جاري ھلندو اچي. البت وتايو ويچارو! ويڳاڻن جيان ۽ پنھنجي ليکي، واتي ويڻي ھلندو رھيو. وري به شڪر آھي جو وتايو ياد ته آھي، ورنه ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ اسان جي ھڪ پراڻي روايت آھي. ھي ٻي ڳالھه آھي ته وتايو صدين کان سنڌ کي وندرائيندو ۽ کلائيندو پئي رھيو آھي. پوءِ ٿي سگھي ٿو ته کيس وسارڻ ۽ سندس ياد کي من کان ميسارڻ، اسان سنڌين جي وس کان ٻاھر ھجي.
ھاڻ جيئن ته وتايو ”وقت“ جي ڪسوٽي تي پوري طرح پرکجي چڪو آھي ۽ سندس چھرا چٽڪلا ۽ ٽوٽڪا، سنڌي علم و ادب ۽ عام سنڌي زبان جا ”اٽوٽ انگ“ ثابت ٿي چڪا آھن، تنھن حالت ۾ اسانکي جڳائي ته سندس ٻولن تي کلي ”ڪن لاٽار“ ڪرڻ بجاءِ، غور و فڪر ڪريون ۽ گنڀيرتا سان سندس پيغام جو جائزو وٺون. جيڪڏھن اسين وتائي جون ورسيون ملھائي نٿا سگھون، سندس نينھن نياپي کي سھيڙي شايع ڪرڻ کان لاچار آھيون ته گھٽ ۾ گھٽ سندس معنى خيز ”مقصد حيات“ کي سمجھڻ ۽ ھيئين سان ھنڊائڻ لاءِ ڪو ادم ته ڪريون؟ ڏسڻو ھي آھي ته آخر وتايو ھيو ڪھڙي بلا؟ ڪو وائڙو سائڙو موڳو مٽر ھيو يا ڪو ملان لٽر ھيو جو سدا وڦلندو ٿي رھيو. ٿي سگھي ٿو ته ڪو لڏ ۾ لڪل اڏيره لعل ھجي؟ يا واقعي ئي ڪو خواجه خضر ھيو جنھن وتائي جو ويس ڌاري اسان عقل جي انڌن جي روحاني رھنمائي ٿي ڪئي؟
وتايو ڪير ھو ڪنھن جو ڄايو ھو؟ ڪٿي نپنو، ڪٿي دفن ٿيو ۽ ڪڏھن؟ اھي غير ضروري سوال آھن. اھي پتا پار اھو پڇي جنھن جو وتائي جي وڏن تي قرض رھيل ھجي يا جنھن کي سندس گھر الاٽ ڪرائڻو ھجي. ھو الله جو بندو ۽ آدم جي عام رواجي اولاد ۾ ھڪ ھيو. سنڌ ۾ ڄائو نپنو ۽ سنڌ ۾ مئو. اھا ئي آھي وتائي جي رام ڪھاڻي ۽ اھائي آھي ھر عام سنڌيءَ جي سوانح حيات. البت وڏيرن جي ڳالھه ٻي آھي ۽ سندن ھستي به اور آھي. مون ته جڏھن به وڏي واڪي ”الله“ کي ياد ڪيو آھي ته ڪونه ڪو وڏيرو ضرور ڪنائيندو آھي ته کيس ته سڏيو نه ٿو وڃي. خير. وتائي بسنت جي جو ڪجھه ھيل تائين ٻڌندا ٿا اچون سو ھن طرح آھي ته ”نصرپور جي لڳ ھڪ ڳوٺ جو واھڻائي واڻيو ھيو. ننڍپڻ لاڪر پنھنجي سوچ سمجھه سادي ھيس. اڪثر پنھنجي دل من ٽٽوليندي ۽ دليل ڊوڙائيندي ڪنھن موڙ تي ھندو ڌرم ڇڏي دين ڏانھن لاڙو رکيائين. پھريون پاڻ پوءِ سندن سڄو گھراڻو شيخ ٿيو. ٻڌڻ ۾ ائين به ٿو اچي اڳتي ھلي، جيئن ڪنھن ٻانڀڻ جي ٻيڪڙ ۾ نه آيو ھو، تيئن ملان جي وڪڙ کان به گوھي ڪري نڪري ويو. وتايو سنڌ جي واحد ماڻھو ھيو جنھن پنھنجي ۽ پنھنجي خالق وچ ۾ ڪنھن ٽئين ٽياڪڙ کي ٽنگ وچڙائڻ مور نه ڏني. عجب اھو جو اھڙي بغاوت باوجود سندن چپيٽ کان بچي ويو ورنه سولي چڙھڻ يا سنگسار ٿيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ھئائين.“
ڪن جو ھي به چوڻ آھي ته وتايو پنھنجي وقت جو سياڻو ماڻھو ھيو. بلڪه ڪي ته ائين به چون ٿا ته سنڌ، سياڻي ۾ سياڻو ماڻھو ھڪ اپايو، اھو ھيو وتايو. ڏاھا ڏيھه ۾ گھڻا پر سياڻو لکن ۾ ھيڪڙو. ڏاھي جي ڏاھپ جو دارومدار آھي ڏاھ تي يعني ٻڌ سڌ يا خبر چار تي، جنھن سبب ڏاھو اڪثر ٻه ٽنگو ڦاسندو ڏٺو ويندو آھي. پر سياڻو ماڻھو انکي چون جنھن کي اندر جو سوجھرو ھجي ۽ سڄاڻ ھجي. ان ڏس ۾ وتايو ڄمندي ڄام ھيو. ڪن ماڻھن جو اھو به خيال آھي ته پنھنجن کي چڱي ريت پرکيو ھئائين ۽ کيس پوري ڄاڻ ھئي ته ڄٽن سان ڪيئن نباھ ڪجي. ڏٺائين ته عجيب قوم سان واسطو پيو ھئس. ھو سائي کي سھن ڪونه ۽ بکئي کي ڏين ڪونه. وقت تي گڏه کي بابو چون ۽ جتي پڄڻ ناھي جاءِ اتي ”ڀاڄوڪڙ“ کي وريام سڏين! جئرن سان جٺيون ڪن ۽ مئن لاءِ مجاور ٿي ويھن. کائن پنھنجي گھران پر پرچار سدائين پرائي ڪن. اھڙي آچار ”لتر سان چڪر پڄي“ سوچي سمجھي، سر بچاءَ ۾، چريو ٿي عمر گذاريائين. ائين به ھروڀرو صحيح نه ھو جيئن چيو ٿي ويو ته ڪا ڪل ٿڙي ھيس. يا متيون ڏيندي لوڪ کي، چريو پاڻ ٿيو ھو. بلڪل نه. اھڙو اياڻو وتايو ھرگز نه ھيو. البت چريائي جي اوٽ ۾ ٻين کي متيون ڏيندو رھيو، جيئن لوڪ لکا نه پوي. ڇاڪاڻ ته ھي اھو زمانو ھيو جڏھن ”ماڻڪن موٽ“ شروع ٿي ھئي ۽ پلئه پايو سچ آڇيندي ھر ھڪ کي لڄ ٿي آئي. ان ڪارڻ ساڻن سنئين سڌي ڳالھه ڪرڻ به پنھنجي کل لھرائڻي ھئي. انڪري اڪثر ڳجھارتن ۾ ڳالھائيندو ھو. صديون گذارڻ بعد اڄ ٿو پتو پوي ته مار ڇا چئي ويو! چاچي به چيائين ۽ چھنڊڙي به پائي ويو. غضب جو سياڻو ھيو.
اھا ڪل ڪانه ٿي پوي ته وتائي جي زندگيءَ ۾ جو انقلاب آيو اھو سندس عمر جي ڪھڙي موڙ تي ۽ ڪھڙي ڪارڻ؟ ھي ته سمجھه ۾ اچي ٿو ته ڪو ماڻھو پنھنجو گھر گھاٽ ۽ ڪاروبار ڇڏي جھنگ منھن ڪري وڃي ڪا ويراني وسائي؟ پوءِ نه ھوندو بانس ۽ نه وڄندي بانسري. پر ھن دنيا ۾ رھندي، ھڪ جوڳي ۽ ويراڳيءَ جي زندگي بسر ڪرڻ ۽ لاطمع ٿي رھڻ ھڪ اھڙي انسان لاءِ ڪٺن ڪم آھي، جنھن کي اکيون به ھجن ۽ سندس ھوش حواس به سلامت ھجن. آخر انسان گوشت پوست ڪو لوٿڙو آھي ۽ ڪو لوه جو ٺھيل پتلو ناھي؟ خاص طور جڏھن انسان سان وري شيطان سلامت به سدائين ساڻ ٻيلھه چڙھيو کيس ھرکائيندو رھي.
ان کان سواءِ واڻيو ٿي ڪري مايا جي موه کان ٽارو ڪرڻ ۽ ڌن دولت جي دام ۾ نه ڦاسڻ، پنھنجي سر ھڪ ڪمال ڪاميابي آھي. پاڻوٽ ڪجھه نه ھئڻ ھڪ مجبوري به ٿي سگھي ٿي، پر ڪجھه حاصل ڪرڻ جي مورڳو خواھش ئي نه رکڻ فقيريءَ جي معراج آھي. اسان ۾ ھر ھڪ کي ھي ڄاڻ آھي ته دنيا جي جملي جھڳڙن جي جڙ آھي ئي ”زر، زن ۽ زمين.“ پر تنھن ھوندي به اسان جي پوري عمر انھن ٽنھي لڪشمي ديوين جو پيڇو ڪندي ٿي گذري. اک ڀڃن يا نه. اشارو ڏين يا نه. اسين ھر وقت وتون ٿا، انھن اپڇرائن جي پٺ وٺندا. ڪوئي ليکي نه ليکي اسين به آھيون يار جي ليکي لنڊي ڪتي وانگي. وتائي کي ھي خبر ھئي ته حضرت آدم جي بنيادي خطا ۽ سندس اولاد يعني انسانن جي جسماني خواھش وچ ۾ ڳوڙھو رستو ھيو، يا ائين کڻي چئجي ته ساڳي ڳالھه ھئي. ان ڪارڻ زر زمين کان ته اڳيئي فارغ ھيو پر ڪنھن مومل ماڻڻ جي به پچر ڇڏي ڏنائين. ھن دنيا جي طلمسي ڄار جا ھي سڀ رسا ۽ ٽوڙھا ڇنڻ بعد وتايو پنھنجي زندگيءَ جي مول مقصد ڏانھن پلٽيو، جو ھيو، ”انسانيت جي روحاني ترقي“ ، ان مقصد جي ڦھلاءُ لاءِ پنھنجي زندگي جو ”قول ۽ عمل“ نموني طور عوام آڏو پيش ڪيائين.ھن ڪڏھن به ولي، غوث يا قطب ھئڻ جي ھام نه ھنئين ۽ ڪڏھن ڀلجي به درويشيءَ جي دعوا نه ڪئي. ھن پنھنجي لاءِ مشڪره جو پارٽ منتخب ڪيو. چھچٽا به ڏسندو رھيو ۽ تماشو به وجھندو رھيو. سندس ٻول ٻڌي ماڻھو ڪکين تي ھٿ رکي کلندا رھيا. اڄ تائين اسان جو اھڙو عمل روان دوان آھي.
وتائي جي عام ماڻھن لاءِ شڪايت فقط ھي ھئي ته کين ”ساڃھه ۽ سڃاڻ“ جي رمز ھٿ نه ٿي آھي. ھو سواءِ شناختي ڪارڊ جي ڪنھن کي سڃاڻي ئي نه ٿي سگھيا. سمجھڻ ته وڏي ڳالھه آھي.ھڪ دفعي بک کان بي حال ٿي رستي ويندي وتايو بيھوش ٿي ھيٺ ڪري پيو. ماڻھو رونشي ڪوڏيا اچي سندس چوگرد مڙيا. ڏٺائون وتايو ته پرلوڪ پڌاريو. مسلمانن چيو ته واڻيو ھيو ان ڪري سندس ڪريا ڪرم ڪري مساڻ نيئي کيس ساڙيو وڃي. واڻين نابري ورائي. چي واڻيو ٿي ضرور ڄائو ھيو پر جيئن چوڻي آھي ته ”واڻڪو وياءَ جيئن وڌي تيئن کري.“ پوءِ سندس افعال مسلمانن جھڙا ٿيا ھئا، انھيءَ ڪري کيس مقام ۾ دفن ڪيو وڃي. ماڻھن جي چوٻولي تي وتائي اک پٽي. سجاڳ ٿي بوڇڻ ڇنڊي اٿي کڙو ٿيو. چيائين ته ”ھاڻي مرڻ ۾ ڪھڙو فائدو جڏھن ماڻھن ۾ سڃاڻپ ئي ختم ٿي ويئي آھي.“
سوال آھي ته جڏھن وتائي کي تعليم ۽ ترغيب به ڪانه حاصل ھئي ۽ اڻ پڙھيل اناڙي رھيو. ۽ وري سندس اٿڻي ويھڻي ۽ عام ماحول به دھقانين وارو ھيو. ته پوءِ سياڻو ڪيئن ٿيو؟ دراصل سياڻپ ڪنھن کيڏ کيڏڻ، حرفت ۽ ھنر سکڻ يا ڪتاب پڙھڻ سان ھٿ نه ايندي آھي. پر مالڪ جي فضل ۽ ڪرم سان سان عطا ڪئي ويندي آھي. فقط عقل ۽ علم جي زور تي ڪا راھ ملي ھا ته پوءِ عزاريل سڀ کان اڳرو ۽ اڳڀرو ھجي ھا. مون ته ھر عقل جي اڪابر کي اونده ۾ ھٿوراڙيون ڏيندي ڏٺو آھي. ھر انسان جا ھٿ ڏاڏي آدم واري گناه ۾ رنڱيل آھن جو سندس ورثو آھي. ان ڪري جيستائين سچو سائين ساڃھه نه ٿو ڏئي ته پوءِ اکين ھوندي به انڌو. انسان اھڙي ساڃھه لاءِ ٻاڏائي ضرور سگھي ٿو پر ڏيڻ وس سائين جي آھي ڏئي نه ڏئي.
وتائي جي ڌرم ۽ دين گھڻن ماڻھن کي منجھائي وڌو ھيو، ھڪ دفعي سندس ڀاءُ ڀورومل وتائي کي وينتي ڪيو ته ”ڀائي، تون ته مسلمان ٿي پاڻ موکيو، ھاڻ مون کي به مسلمان ڪراءِ ته سرڳ ۾ ٻئي گڏ ته ھجون.“ وتائي رڙ ڪري چيس ته ”ڀائي اھڙي غلطي نه ڪج. مور نه مسلمان ٿج. ورنه سڄي ڄمار ھٿ ھڻندين. ڪلمو پڙھي مسلمان ٿيڻ ته آھي سولو ڪم. پر پوءِ جي روزن، نمازن، زڪواتن۽ تھجدن جا سلسلا شروع ٿين ٿا. تن جي پيروي ڪندي نه فقط ڄڙه نڪري ويندءِ، پر ڏيواله ٿي ويندين. ڪڏھن ڀلجي به اھڙو جوکي جو ڪم نه ڪج. ھان البت مرڻ مھل مون کي ڪن ۾ ڪلمون پڙھي ٻڌائج ته آءُ آخرت ۾ شاھدي ڏيندس ته ڀاءُ مورومل مرڻ مھل مسلمان ٿي مئو ھيو. بھشت به حاصل ٿيندءِ ۽ خفي کان به بچي ويندين. ڪم جو ڪم مزي جو مزو.“ آخرين گھڙيءَ ۾ ڪلمون پڙھن جي راز کان اھي الله جا بندا بخوبي آگاه آھن ۽ جن کي ھي ڄاڻ آھي ته زندگيءَ جي ھن ڀر ۾، سندس ٻئي ڪناري ڪھڙو وڻج وکر ٿو ھلي ۽ ڪيئن ٿو وھي واپري. ھونئن به سموري زندگيءَ جي عبادت به ان لاءِ ڪئي ويندي آھي ته جيئن آخري گھڙي جي آزمائش کان پار اڪرجي. پڇاڙي جي پھر ۾ سرخرو ٿيڻ لاءِ ماڻھو پنھنجي سڄي ڄمار وظيفن ۽ قلبي ذڪر ۾ صرف ڪندا آھن ته جيئن آخرين ھڏڪيءَ مھل ڪلمون روان ھجي. ورنه سڄي عمر جي ڪمائي ھڪ لحظي ۾ رائيگان ٻيو سبب ھي ڏنائين ته ”مسلمان“ ٿي رھن انتھائي اوکو ۽ ڏکيو ڪم آھي ۽ وڏي ھمٿ ۽ حوصلو گھرجي. باقي نالي ۾ نھال ٿي رھڻ جو مقصد آھي ته پوءِ اھا ٻي ڳالھه آھي.
اسان جي ملن مولوي منڪر نڪير، قبر جي سوڙه، قيامت جي گرمي، آخرت جي عذاب، ۽ دوزخ جي دڙڪن ڏيڻ سان اسان جو پگھر ۽ خون خشڪ ڪرڻ ۾ پنھنجي فرض ادائي پوري ڪئي آھي، پر ھي ڪڏھن به سمجھائڻ جي تڪليف گوارا نه ٿا ڪن ، ته آخر ھڪ غريب ۽ مسڪين انسان، جنھن ”نوريئڙي جي مھماني آھي فقط ٻه پير“ تنھن کي عذاب ڏيڻ جا ايڏا ٽڪساد ڇا لاءِ گھڙيا ويا آھن؟ وري دوزخ ۽ منجھنس سزائڻ ۽ ڦاسي گھاٽن جو وچوڙ اھڙي ٿي ٻڌائي وڃي ڄڻ آسمان جي نوانوي ڏھائي پوڻا ڏھ حصن تائين جھنم ڦھليل آھي ۽ باقي اڍائي سؤ کن وال پلاٽ تي جنت جو ڪواٽر اڏيل آھي. جو به ظاھر آھي، ته ٺيڪيدارن لاءِ رزورڊ ٿيل آھي. جي وتايو وقت سر نه اچي ھا ۽ اسان کي آٿٿ نه ڏئي ھا ته ھوند اسان سڀني جا ھنياؤ ھئبت ۾ ڦاٽي پون ھا.
ھڪ ڏينھن وتائي ماءُ کي چيو ته امڙ بک لڳي اٿم. جيڪر ماني کارائين ته ڏاڍو چڱو. ماڻس چيس ته ابا ڙي پاڙي ۾ وڃي ٽانڊو کڻي اچ ته باھ ٻاري ماني پچائي ڏيان. وتايو اوڙو پاڙو گھمي واپس خالي ھٿين گھر موٽيو. ماڻس پڇيس ته ابا ٽانڊو مليو؟ جواب ڏنائين ته امڙ نه. دوزخ ۾ ويس ته اتي ملائڪ مون تي کلڻ لڳا ته ھتي باه ڪٿي؟ الله پاڪ ڪو بٺيءَ وارو يا نانوائي ته نه ھيو جو باھ جا کورا يا تنور ٻاري ويھي پنھنجي مخلوق کي پچائي ھاف فراءِ ڪري. ھتي ته ھر ڪو ماڻھو پنھنجي آڳ جي ڪوٽا پاڻ سان کنيو ايندو آھي، جا باھ ھو لوڀ لالچ، حسد بغض ۽ نفرت وغيره پنھنجي اندر ۾ جمع ڪندو ٿو رھي. پوءِ مرڻ پڄاڻان ھتي اچي ھر انسان پنھنجي باھ جي پونجيءَ ۾ پاڻ ٻرندو ۽ پڄرندو ٿو رھي.
رستي ھلندي ھڪ ھنڌ بيھي وتائي گھل گھوڙا شروع ڪئي. سندس رڙين تي ماڻھو اچي مڙيا. پڇيائونس فقير خير ته آھي جو دانھون پيو ڪرين؟ وتائي پير مٿي ڪري ڏيکاريو جنھن ۾ ھڪ سنھڙو ڪنڊو ڇپيل ھو. ڪنھنءَ ماڻھو چھنڊي وجھي چپٽيءَ سان ڪنڊو ڪڍي ٻاھر اڇليو. ماڻھو مٿس ھيٺ ڦيٺ شروع ڪئي ته درويش ڪجھه پاڻ کي ھٿ ڪر، ھن ذرڙي ڪنڊي لڳڻ تي ايترو آسمان اچي مٿي کنيو اٿئي. وتائي چيو ته توھان ماڻھن کي آسمان واري جي عادتن جي ڪھڙي خبر! جي اڄ آءُ ان ڪنڊي لڳڻ تي رڙيون نه ڪريان ھا ته سڀاڻي ھو ھڪ اھڙو ڀالو ڀڃي ڇڏي ھا جو نڙگھٽ کان ٻسٽ پار ھجي ھا. چيو ڪونه اٿائين ته ”آءُ انسان کي سندس وت کان وڌيڪ تڪليف نه ڏيندو آھيان.“ صبر اختيار ڪري پنھنجي برادشت جي طاقت وڏي ھئڻ جي ڪيئن نمائش ڪريان؟ ۽ پاڻ تي وڌيڪ مصيبت نازل ڪرڻ لاءِ قدرت کي دعوت ڏيان؟
اسان وٽ عام طور، ڪنھن ماڻھوءَ جي لحاظ قدر ۽ سڃاڻپ جي فوٽڪٿي آھي سندس رتبو، مال املاڪ ۽ ظاھري ڏيک ويک. وتائي وٽ ھيو ڇا جوکيس ڪو ڪنھن مان مرتبي يا آدرڀاءُ لائق سمجھي؟ اسين سڃي ماڻھوءَ کي سلھه جو مريض سمجھي کائونس ٽارو ڪندا آھيون ته مبادا سندس سڃائي اسان کي به وچڙي وڃي. سو جڏھن وتايو ڪنھن عام دعوت ۾ وڃي شريڪ ٿيو جتي خلق ويٺي خيرات کاڌي، ته سندس ڦاٽل ڪپڙا ڏسي کيس لوڌي ٻاھر ڪڍيو ويو. گھر وڃي ڀاءُ جا ڌوتل ڪپڙا پائي وري اچي ساڳي دعوت ۾ شريڪ ٿيو. سمجھيائون ته ڪو معزز ماڻھو وارد ٿيو آھي. سلمچي کڻي سندس ھٿ ڌوئاڙي ٻوڙ پلاءُ اچي آڏو رکيائونس. بجاءِ نوش جان ڪرڻ جي، وتايو ٻوڙ پلاءٌ ۽ چانور جا چمچا ڀري قميص ۽ سٿڻ مٿان ھاريندو رھيو ۽ ڪپڙن کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ”مھماني اوھان جي آھي. کائو ۽ خوب کائو.“ مون کي ته لتون ھڻي ٻاھر اماڻيو ھئائون.
سڄي عمر ”توڪل“ تي گذران ڪيائين. ڏٺائين ته پکي پکڻ کان ويندي جانورن تائين ڪنھن به سڀاڻي، لاءِ سمر جمع نه ٿي ڪيو. انسان ھڪڙو ئي جانور ھيو جنھن مالڪ جي رزاقيءَ تي ڀروسو گھٽ ڪيو. حالانڪه ھن ھام وڏي ٿي ھنئين. وتايو ته رات جو پاڻي جوگھڙو به ھاري پوءِ سمھندو ھيو، ته صبح جو سائين، جڏھن انھن کي اڳ ۾ ٿو ڏئي، جن کي ڏاند نه ھيو ۽ نه ٻج، ته پوءِ آءُ ڇا لاءِ ويٺو وسوسا ڪيان؟ جو ڪجھه ملندو ھيس اھو به ٻين حوالي ڪري ڇڏيندو ھيو. ھڪ دفعي ڪنھن ماڻھو روڪ پيسه ڏنس جو وٺي ڦاٿو. ڪڏھن پھرياڻ جي پلو ۾ ٿي ٻڌائين ڪڏھن ور ۾ ٿي وڌائين. آخر ڪڪ تي رستي جي ھڪ سڪي وڻ جي پاڙ ۾ پوري ڇڏيائين، ڪنھن ماڻھو کيس ڏسي ورتو، وتائي اڃان پٺ مس ڏني ته ھن پاھوڙا کڻي اچي کوٽائي شروع ڪئي. پھرين ئي لپي ۾ رپيو مليس. سمجھيائين ته خزانو ته اڃا ھيٺ ھوندو، پوءِ ته وڻ پاڙون پٽي ساھ پٽيائين. وتايو شام ٽاڻي اچي ڏسي ته وڻ جڙ کان اکڙيو پيو ھو. ٽھڪ ڏيئي پاڻ کي مخاطب ٿي چيائين ته ”ڏٺيءِ، جي روپيه ڪجھه وقت اڃان به پاڻ وٽ رکين ھا ته ان وڻ جيان اونڌو ٿيل ھجين ھا.“
وتائي جي لطيفن جو ڳچ حصو موت متعلق آھي. ڏسجي ائين پيو ته وتائي جي ملڪ الموت سان گھاٽي ياراڻي ھئي ۽ شايد اھڙي اڪير سبب کيس ور ور ڪري ياد پئي ڪيو اٿس. پر عام ماڻھو موت کان ڇا لاءِ ٿي ڇرڪيا؟ اھو کيس سمجھه ۾ نه ٿي آيو. موت ته پنھنجي جاءِ، پر ڪنھن کي فقط چرچي ۾ ڪراڙو يا ٻڍو ٿي سڏيو ويو ته اھو به کين سخت ناگوار ٿي گذريو. حالانڪه ”موت“ ھڪ حقيقت ھئي جنھن لاءِ سورنھن آنا ۽ سو في صد خاطري ھئي ۽ باقي دنيا جو باقي ڪاروبار ته صرف ٻڌ سڌ تي يا گشتي پتي ٿي ھليو. موت ئي ماڻھو لاءِ اڻٽر حادثو ھيو ۽ فقط ان ماڻھو وٽ نه ٿي آيو جو اڃا ڄائو ئي نه ھيو. جي ماڻھن موت جي کيڪر نٿي ڪئي يا در آئي سندس آڌرڀاءُ نه ڪيو، ته نه سھي، پر مٿس غم رنج ۽ غصو ڇا لاءِ ٿي ڪيو ويو؟ ”موت“ ته زندگيءَ جو ڏاج ھيو ۽ ڪارگار ته نه ھئي. جو ڪنھن جي ڪاوڙ لاءِ سبب بڻجي. وتائي، پاڻ ته موت کي ڇوٽڪارو سمجھي سندس اوسيئڙو ٿي ڪڍيو. موت ته ”چولو“ مٽائڻو ھيو ۽ وتائي جي چولي ۾ ته اڳيئي چتيون لڳل ھيون.
ھڪ ڀيري وتائي ڳوٺ جي ڊکڻ وٽ وڃي سوال ڪيوته امڙ جي کٽولي ڀڄي پيئي آھي جيڪر ھلي ٺاھي ڏين ته مھرباني ٿيندي. واڍي روڪڙ جواب ڏنو ”وتايا اڄ واندو نه آھيان، واندو ٿيان ته ھلي جوڙي ڏيندس.“ ھو ھر دفعي اھڙي ڪن لاٽار ڪري وتائي کي لنوائيندو رھيو. ھڪ ڏينھن وتائي ڏٺو ته ڪو جنازو کنيو ٿي ويا. پڇڻ تي پتو پيس ته ساڳيو ڊکڻ گذاري ويو ھيو جو سدائين مشغول رھندو ھيو. وتائي ڊوڙي جنازي جو اڳ وٺي ڪلھي ڪانڌين کي ميت جي آخري ديدار ڪرائڻ لاءِ درخواست ڪئي. جنازي کي ھيٺ لاھي جڏھن کيس منھن ڏيکاريو ٿي ويو ته ميت کي ھڪل ڪيائين ته ”ادا واڍا، اڄ ته پڪ واندو ھوندين. نويڪلو کٽ تي آرامي آھين. ھاڻ ته ھلي کٽولي ٺاھي ۽ پنھنجو واعدو پاڙ.“
سومر سٻايو وتائي جو پاريسڙي ھيو. نھايت نيڪ نمازي ھيو پر کيس ھميشه اھا شڪايت ھوندي ھئي ته ملان سومھڻي جي نماز پڙھائڻ ۾ ڏاڍي ڊيگھه ٿو ڪري. وتائي کي جڏھن خبر پيئي ته سومر سٻايو اڄ صبح جو گذاري ويو ته ٿڌو ساھ کڻي چيائين ته ”چڱو ٿيو جو مري ويو. گھٽ ۾ گھٽ سومھڻي واري نماز جي سورن کان ته ڇٽي پيو.“
ڪنھن ماڻھو ڪھل آڻي وتائي کي جتي وٺي ڏني جا ٻئي ڏينھن تي ڪو شاھينگ چورائي ويس. وتايو وڃي مقام جي لنگھه تي ويھي رھيو ”چي؛ چور جو اڳ ٿو وٺي ھتي ويھانس. اڄ نه سڀان ضرور ھتي اچڻواٿس.“ حالانڪه کيس خبر ھئي ته مقام ڏانھن پاڻھرتو ڪوئي پنڌ ڪري نه ايندو آھي پر ٻيا ماڻھوءَ کيس کٽ تي چوکنڀو سلھاڙي کڻي ايندا آھن. ان کان علاوه مردي کي غسل ڏيڻ بھاني سندس تلاشي وٺي، سندس لٽا ڪپڙا لاھي، کيس ھٿين پيرين خالي آڻي ڌڌڙ داخل ڪندا آھن. پوءِ جتيءَ جي واپسي لاءِ آسرو ۽ انتظار بيڪار ھو. پر شايد وتائي ماڻھن کي موت جي يادگيري تازي ٿي ڪرائي ته اڳي پوءِ ھي جھان فاني ھٿين خالي ڇڏڻو آھي ۽ پوءِ مال متاع جي ھيراڦيري ۽ چوري اجائي ھئي.
موت کان ماڻھن جو ڇرڪڻ ڪنھن حد تائين واجبي پڻ ھيو. ڇاڪاڻ ھڪ ته موت ھر انسان جو پڳيءَ جيان پيرو کنيو ٿي ڪڍ گھميو. ٻيو وري انڌي ھاٿي جيان نه ٿي ڏٺائين مند يا موسم ۽ ازغئبي اچي ٿي ڪنڌ ٿي ڪڙڪيو. پر الله پاڪ، جو خالق ۽ رازق ھيو ۽ رحمان الرحيم ھيو، تنھن کان ماڻھو ڇا لاءِ ٿي ڊنا. ھو ڪو اجگڙ اڙدھا يا مانگر مڇ ته نه ھيو جو ڪنھن کي ھڙپ ڪري ڳڙڪائي. ھو ته پڙدي پوش ڍڪھڻار ھيو ۽ صاحب رب ستار ۽ غفار ھيو ۽ انسان جو اڪيلو اجھو ۽ آسرو ھيو. پوءِ اھڙي محسن مالڪ کان خوف زده ٿيڻ جو ڪارڻ؟ ھي برابر آھي ته سندس نوانوي نالن ۾ ھيڪڙ ٻيڪڙ صفتون اھڙيون به ھيون جن ۾ قھر ۽ جبر بکيو ٿي، ليڪن الله جي اھا ڏاڍ مڙسي فقط ڏاڍن کي ڏارڻ ۽ اوچي ڳاٽن کي نوائڻ خاطر ھئي. عدو موچي عثمان حجم ۽ سومر نانوائيءَ جو اھڙين نادري وصفن سان ڪھڙو واسطو؟ وتائي، عدو موچين عثمان حجمن ۽ سومر نانوائن کي اھڙي الله سان ڏيٺ ويٺ ڪرائڻ جو ادم ٿي ڪيو جو فقط غريبن جو رب ھيو ۽ آسمان تي نه پر زمين تي حاضر ناظر ھيو. ھو پاڻ به وتائيءَ جي راءِ مطابق، غريبن جيان غريب ھيو، معصوم ھيو ۽ اڻڄاڻ ھيو. اڻڄاڻ به اھڙو جو کيس گڏه ۽ گانءَ وچ ۾ فرق جي خبر به خير ڪا ھئي.
وتائي کي ڪنھن سخي مرد ھڪ ڪراڙي ڳئون خيرات طور ڏني. وتائي ڳئون ماتا جي ٽھل ٽڪور ته گھڻي ئي ڪئي. پر ڪمن ڪنڀر جي گڏھ روازنه رات جو اچي گاھ پٺو کائي وٿاڻ ٻھاري ھلي ويندي ھئي. آخر ڪڪ ٿي وتائي ھڪ ڏينھن ھٿ کڻي الله کي عرض ڪيو ته مالڪ، ڪنن واريءَ کي مار ته سنڱن واريءَ جي جان ڇٽي. صبح جو ڏٺائين ته سندس ڳئون مئل پيئي ھئي. پنھنجي اکين تي اعتبار نه ڪندي ھڪ انڌي کي گھر وٺي کيس چيائين ته ھي جانور ته سڃاڻي ڏي. نابين ھٿوراڙيون ڏيئي فتوا ڏني ھئي ته ھي جانور ڳئون ھئي. وتائي کلي چيو ته”الله کي اھا خبرڪانھي، دعا ضرور اگھايائين. پر ڪنن واري ۽ سنڱن واري وچ ۾ تفاوت جي ڄاڻ کيس به ڪانه پيئي.“
وتائي جو واسطو ان اٻوجھه ۽ مسڪين عوام سان ھيو جي فصيح ۽ بليغ ۽ عالمانه فلسفن کي سمجھڻ کان لاچار ھئا. کين پنھنجي سوچ ۽ سمجھه آھر ھڪ سادي سودي ۽ سليس نسخي جي لوڙ ھئي. قبر ۽ قيامت جي عذاب ۽ دوزخ جي دڙڪن کان ڊنا ضرور ٿي، ليڪن ھي سمجھي نه سگھيا ته سندن قصور ڪھڙو ھيو؟ ھو ڪو نمرود، شداد ۽ فرعون ٿوروئي ھئا. ھو ته اڳيئي غريب، مسڪين ۽ اڪن تي پارو ھئا، جن زندگيءَ ۾ ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني مشڪل کاڌي ھئي ۽ ڍئو جي اوڳرائي ڏئي به کين سال گذري چڪا ھئا. ھنن ھڏ ھڻندي ۽ رات ڏينھنءَ تتيءَ ٿڌيءَ ھلندي نانگ وڇون ٿي لتاڙيا. ھيءَ دنيا وري سندن لاءِ ڪھڙو بھشت ھئي؟ پوءِ اھڙن اپيپاھن کي ڊيڄاڙي سندن ساه ڇا لاءِ ٿي سڪايو ويو؟ جيڪڏھن کين ھڙان نه ٿي ڏنو ويو ته ساڻن ڪو وڙ ته ڪيو وڃي. کيسي جو ته سخي ته نه ٿي سگھيو، پر زبان جي سخا ۾ ڪا ڪنجوسي نه ڪيائين. اھڙي پيار ۽ پريم جو پرچار ڪيائين جو خوف کان بلڪل خالي ھيو. اھو به اھڙي مٺڙي نموني ڄڻ ٻار ٿي پرچايائين يا رٺل ٿي سرچايائين. چي قبر کان ڪھڙو ڊپ؟ ھوءَ ته مائي مٽي ھئي. انسان کي پناه ٿي ڏنائين ۽ سندس لڄ ۽ آبرو ٿي رکيائين. ڄمڻ کان اڳ ماءٌ جو پيٽ ۽ مرڻ بعد امڙ مٽيءَ جو پيٽارو. دوزخ ته پاڻ وڃي روبرو ڏسي آيو ھيو. ھتي ڪا آڳ نه ھئي. اوھان فقط ھن دنيا ۾ باه لاءِ سامان جمع نه ڪيو. پاڻ تي ڪو ”الزام“ نه کڻو، ۽ قدرت کي سزا لاءِ ڪو بھانو نه ڏيو.
ڪنھن ماڻھو وتائي تي وار ڪرڻ لاءِ مٿس لٺ اولاري، وتائي وائري ٿي پڇيو ته ايڏي ڪاوڙ ڪھڙي قصور ڪارڻ؟ لٺباز وراڻيو ته ”تون پاڻ چوندو آھين ته ھڻي ھڻائي پاڻ الله ٿو، پوءِ مون کي به اھڙو حڪم ڪيو ھوندائين.“ وتائي ٽھڪ ڏيئي چيو ته ”الله کي واڻيو مارڻو ھوندو ته ھر حال ۾ ماريندو، پر مورک تون پاڻ تي ”الزام“ ڇا لاءِ ٿو کڻين.“
ھڪ ڀيري وتائي جي گھر ۾ کائڻ لاءِ ڪا شئي به پچي. ماڻس چيس ابا مون کي ته ڪو اٽو به اڌارو نه ٿو ڏئي تون ڪو بلو ڀيڻي ڪر. وتائي چيو امڙ فڪر نه ڪر ، رزق جو ٺيڪو پاڻ کنيو اٿس. وڃي ٿو ان ٺيڪيدار کي ڳچيءَ کان وٺان. خالي ۽ ڦاٿل ڳوڻ کڻي ھڪ ٻٻر جي وڻ تي چڙھي منھن مٿي ڪري ھڪل ڪيائين ته ”مون جيان جيڪڏھن تنھنجا به خزانا خالي ٿي ويا آھن ته پنھنجي ڏيواله ھئڻ جو اعلان ڪر، ته آءُ ڪو ٻئي جو در تاڙيان، ورنه ان جي ڳوڻ ڀري ڏي جو امڙ ٿي انتظار ڪري.“ اڃان وڻ تي بيٺي الله سان حالي احوالي ٿي ٿيو ته ڪنھن ڪھل آڻي ٻاچڪو اٽي جو ڀري ھيٺ اچي رکيس. وتايو اٽو مٿي تي کڻي امڙ وٽ آيو ۽ چيائين ته ”اڄ ڪلھه پيھائي ٿو ڏئي ۽ اڃان ٻه چار منٽ ترسان ھا ته ماني پچائي به ڏئي ھا.“
وتايو انھن سيلاني درويشن ۾ ھڪ ھيو جي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انسانيت کي آٿٿ ۽ ڏڍ ڏيڻ لاءِ وقت بوقت پئي ايندا رھيا آھن. جيئن يونان جو ڊايو جنيس، ترڪيءَ جو ملان نصيرالدين ۽ ايران جو شيخ چلي. اھو سلسلو صدين کان ھلندو اچي. دنيا جي ھر دور ۾ ڪو نه ڪو درويش اھو ورثو سنڀاليندو ۽ جاري رکندو رھي ٿو. پير ڳوٺ وارو آندو فقير ۽ خيرپور جو فولاد فقير به ساڳئي زنجير جون ڪڙيون ٿيون ڏسجن. ھر قسم جي درويشن واري انت ۽ بحر جي ڪا ڪل نه آھي. ھو ھر دم پنھنجي حال ۽ قال ۾ مست الست رھن ٿا. ھو نه بنده خدا ٿا ڏسجن، ڇاڪاڻ ته ھو مذھب جي احڪامن جي ڪا پيروي نه ٿا ڪن، نه بنده زمانه، جيئن جو زماني جي ھر تعلق ۽ تقاضا کان بلڪل آجا ۽ آزاد آھن. شرعي اعتبار کان ھي درويش دين ۽ دنيا ٻنھي دائرن کان ٻاھر آھن.
مستن ۽ مجذوبن جيان اھڙن فقيرن جي ڪڍ لڳڻ يا سندن نقش قدم تي ھلڻ ھڪ سراسر ناداني ٿيندي. ڇاڪاڻ ته جڏھن ھو ڪنھن تي راضي ٿي دعا ڪندا ته وڌ ۾ وڌ کيس پاڻ جھڙو مست ملنگ بڻائي ڇڏيندا. جو صورتحال ھڪ ذميوار انسان لاءِ ھرگز قابل قبول نه ٿيندو. ھو غيرذميوار بي جوابدار ۽ بي لغام ”الله لوڪ“ آھن. کين نه گھر نه گھاٽ، نه رن نه روڳڙي ۽ نه مٽ نه مائٽ. آئٽا نپٽا. آئي ته کاڌي نه ته الله واھي. آخر اھي ماڻھو ٽھڪ نه ڏيندا ته ٻيو ڪير کلندو؟ ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته سندن معني خيز ”مرڪڻ ۽ مشڪڻ“ ھر زماني جي دلگير ۽ ڊنل آدم ذات لاءِ ھڪ دلداري ۽ دلاسو ۽ درس ثابت ٿئي ٿو. اڃا به جيڪڏھن ائين چئجي ته وتايو ۽ سندن طريقي وارا فقير ڪنھن به انساني درد جي ڪا دوا نه آھن، البت ھڪ قسم جي روحاني ”ائسپرو“ جيان عارضي طور انسان جي درد سري ۽ ٿڪاوٽ دور ڪري کيس آٿٿ ڏيئي تازي دم ڪن ٿا ۽ بس.