آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

  اسماعيل قبرستاني

” . . . . . . . . . . . . . . . ان ڪارڻ ماڻھو کي جڳائيءَ ته ڪنھن سان به پيار محبت نه ڪري. ھر پيار واري جو وڇوڙو عذاب آھي ۽ قيد آھي. زنجيرن کان فقط اھي آزاد آھن جي نه ڪنھن سان نفرت ڪن ٿا ۽ نه محبت.“
”ڀڳوان ٻڌ“
اوھان به ماڻھن جا شوق ۽ شغل ڏٺا ۽ ٻڌا ھوندا. نرالا ۽ انوکا. پر جا عجيب و غريب وندر ۽ ورونھه منھنجي دل گھُرئي دوست جي دلپسند آھي، اھڙي شايد ورلي. ھي برابر آھي ته سندس شوق جو شمار خدمت خلق ۾ شامل آھي، توڙي جو ان تفريح جو تعلق زندگيءَ سان نه بلڪه زندگيءَ جي خاتمي بعد شروع ٿئي ٿو. سندس اھڙي عظيم خدمت خلق جنھن کان رب بچائي، جنازه کي غسل ڏيڻ، ڪفن کان دفن تائين سڳن ساٺ ڪرڻ ۽ مڙده کي ماڳ رسائڻ. مزو وري اھو جو اھڙي ڪٺن ڪم ڪندي پنھنجي پگھر جي پورھئي لاءِ نه پائي وٺي نه پيسو. نه ڪا اجرت ۽ نه عيوضو. اوھان فقط مري وڃو ۽ پوءِ سندس خدمت جو رنگ ڏسو ته ڪئن نه جوشيلا ۽ سريلا اشھد ڪلمان پڙھندي، پنھنجو ٻانھون کنجي ۽ پاجامي جا ور وجھي، مچي مڙس ٿي بسم الله ڪندو. اوھان کي ور ور ڪري وھنجاريندو. لاڏ سان عطر عنبير مکي ڪافور ۽ چندن سان سينگاري، اوھان کي گلن واري ڏوليءَ ۾ آرامي ڪري ماڻھن جي ڪلھن تي سوار ڪري ماڳ رسائيندو. سڀ خدمت في سبيل الله.
ائين به نه آھي ته اوھان جي مڙھ لٽجڻ بعد، اوھان کي رڻ ۾ رولي. اوھان جي ڀاڄوڪڙ عزيزن ۽ قريبن جيان ٺڪاءُ ڏيئي رفوچڪر ٿي ويندو، بلڪل نه. روزانه الفجر ۽ شام ٽاڻي اوھان وٽ اچي قبر مٿان بيھي قل پڙھندو ۽ اوھان جي بخشش لاءِ ھٿ کڻي دعائون پنندو. جي اوھان سندس دوست آھيو ته اوھان سان ويھي ڪچھري ڪندو. پر جي اوھان جو موت درياه ۾ ٻڏڻ سبب يا باه ۾ سڙڻ باعث ٿيو آھي يا اوھان جو لاش بطور لاوارث جي دفن ٿيو آھي ته اوھان جي مزار مٿان اگربتيون ۽ ڏيئا ٻاريندو ۽ گل وجھندو رھندو. ھي سندس روزمره جي زندگيءَ جو پروگرام آھي جو سلسلو سواءِ ڪنھن انٽرويل جي گذريل پنجاھ سالن کان جاري آھي ۽ ان وقت تائين جاري رھندو. جيستائين اسماعيل جيئرو آھي. پوءِ ڪو انشاءَالله چوي يا نه.
اسماعيل حيدرآباد جي صدر علائقي جو باشندو آھي ۽ ٽيليفون کاتي ۾ گذريل 45 سالن کان ملازم آھي. کيس جڳ سڃاڻي. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته کيس منھن سامھون ايندو ڏسي ماڻھو کيس گوشو ڪندا آھن، خاص ڪري سندس سڀ دوست بيمار ٿيڻ شرط کيس خاص نياپو موڪليندا آھن الله واسطي سندس گھرن ڀرسان گذرڻ جي زحمت نه ڪري ۽ نه مزاج پرسيءَ لاءِ اچي. ھي حقيقت آھي ته سندس پير ڏاڍو ڳورو آھي ۽ جنھن بيمار کان پڇڻ ويندو ته اھو مرندو ته تڏي ٿي، ورنه ترت سندس وڃڻ بعد. ٻن چئن ڪلاڪن بعد اسماعيل ڪڍ پيو ماڻھو ڊوڙندو ايندو ته ڀائو تو وارو گراھڪ گذاري ويو ۽ ھاڻ اچي پنھنجي ڪاروائي پوري ڪر. موت نه آھي پر موت جو مارو ضرور آھي. ھر ھڪ جي پنھنجي قسمت آھي. ڪنھن جي بخت ڀاڳ سان ڪا ريس ٿوري ئي ڪبي.
سھڻو، شڪيل، قد جو پورو پنو، جسم جو ڀريل ۽ تندرست، جيڪو ڄمي تنھنجو سن، سدائين اڇي ڪفني ڪپڙن ۾ ملبوس، سياري اونھاري اڇي قميص اڇو پاجامون ۽ پيرن ۾ اڳ چاکڙي ھاڻ رٻڙ جي چمبل، ھميشه کلمک، مرڪندڙ ۽ مشڪندڙ چھرو، فڪر ۽ غم جي غبار کان بنھه خالي. مقام ۾ ملندو ته پوِءِ ڄڻ حورن جي ھنج ۾ آھي. پيو ٻھڪندو ۽ ٽڙندو ۽ ٽھڪ ڏيندو، ڄڻ لکن جي لاٽري ملي اٿس. مون کي ڏسندو ته پوءِ نون دفن ٿيل مڙدن جي مون سان واقفيت ڪرائڻ شروع ٿيندو: ھي قبر فلاڻه ميمڻ سيٺ جي آھي. پنجاھ ھزار روڪ روپيا رڪشا ۾ کڻي گھر تي ويو ته واٽ تي ھڪ رھزن پستول ڏيکاري پئسن لاءِ گھر ڪيس. ميمڻ ھيو، پئسن جو معاملو ھيو. ضد ڪيائين، پئسا به ويا ۽ پاڻ به پارسل ٿي ھت پھتو. منڪر نڪير جي ھر سوال جي جواب ۾ پنجاھ ھزار ۽ پنجاھ ھزار ٿي پڪاريائين . . . ھوءَ قبر فلاڻي سرڪاري عملدار جي آھي. خاصي ڪمائي ھيس. ڍئو جھلي نه سگھيو. دل جو دورو پيس. ٻه زالون ھيس. ڏاڏي پوٽيءَ سان پوت ڪانه ھيس پوءِ عشق ۾ ٻي شادي ڪيائين. وصيعت ڪئي ھوائين ته پھرئين زال جي پاسي ۾ پورجو. زندگيءَ ۾ مرحومه جو مُنھن نه وڻندو ھيس ۽ ھاڻ سندس پاسي ۾ پيو آھي. ساڳي ماني ساڳ سان . . . ھوءَ قبر جا جھڪيل ٿو ڏسين . . .
اسماعيل، حيدرآباد جي ان دکني خاندان جو فرد آھي جو ڏيڊ سؤ سال اڳ انگريزن سان گڏ اچي ڇانوڻيءَ علائقي ۾ آباد ٿيو. سندس والد محترم شيخ ابراھيم خوش الحان ھيو ۽ ملٽري ملازمت سان گڏ صدر مسجد جي ٻانگي جا فرائض پڻ سرانجام ڏيندو ھو. اسماعيل اڃا انگريزي ڇھين درجي جو شاگرد ئي ھيو ته پڻس سندس ھڪ مسڪين ۽ يتيم ڇوڪريءَ سان شادي ڪرائي ڇڏي. سال اڌ بعد سندس گھر واري سلھه جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ته ٻي طرف گھرو اڻبڻت سبب کيس گھر نيڪالي ملي. بيمار گھر واريءَ کي ساڻ ڪري اسماعيل، صدر جي ھڪ غير آباد گھوڙن جي ڪڙه کي اچي وسايو. دوستي ياري گھڻي ھيس. ڪنھن کٽ آندي ڪنھن بسترو ته ڪنھن دوائون، ائين لم ٺپ تي اسماعيل جو گذر سفر ٿيندو رھيو ليڪن سندس گھر واريءَ جي بيماري لاعلاج ثابت ٿي. ٽن مھينن بعد سندس گھر واري گذاري ويئي. کيس آڻي اميدن ڀريو مقام ۾ دفن ڪيائين. پاڻ به پوءِ سندس قبر جي ڀر ۾ اچي لڏي پلائي اچي ويھي رھيو.
پورا ست سال سانده قبرستان ۾ مقيم رھيو. ڪيئن رھيو؟ اھو ھڪ وڏو قصو آھي جنھن جي بيان ڪرڻ لاءِ ھڪ مضمون بجاءِ پوري ڪتاب لکڻ جي گنجائش آھي. تعجب اھو جو ويھڪ لاءِ ڪا تونري يا تڏي به نه رکيائين. ڌرتي تتي نٽھڻ ھجي يا سياري جا پارا، مٽيءَ جا ڌوڙيا يا بارش جا وسڪارا، ڏينھن يا رات، اسماعيل کي تات قبرن جي. پھريون ته مجاور ھيو. فقط پنھنجي گھر واري جي قبر جو، پر پوءِ سموري قبرستان جي رکوالي پاڻ تي ھموار ڪيائين. قبرن جي صفائي، جھنگ جي ڪٽائي، ڊٺل بتين جي مرمت ۽ ھر نئين وارد جي آءُ ڀڳت سڀ سندس بلي ھئي.
ھي اھو زمانو ھو جڏھن ٽيليفون کاتي وارن کيس سڏ ڪري نوڪري ڏني جا آفيس مقام کان سڏ پنڌ تي مس ھئي. ان عرصي دوران سندس گھرن وارن سان به پرچاءُ ٿيو پر سندس روزمره جو پروگرام ۽ مرڪز ساڳيوئي مقام رھيو. جنھن سبب سندس نالي پٺيان قبرستانيءَ جي علامت شامل ڪئي ويئي جا اڄ ڏينھن سوڌو ھلندي اچي.
ستن سالن جي مدت بعد اسماعيل کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ اشارو به ٿيو ۽ ترت ئي آڇ به ٿي. شرط ھي وڌائين ته سندس نڪاح قبرستان ۾ پڙھيو وڃي جو عجيب ھوندي به قبول ڪيو ويو. دادو ضلعي جي اسيمبلي ميمبر ۽ درويش صفت انسان مرحوم علي اڪبر شاه سندس نڪاح مقام ۾ پڙھيو ۽ فقط لائون اچي گھر لڌائين. پوئين گھر مان کيس ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون آھن. سندس پٽن جي نالن مان ايئن پيو معلوم ٿيندو ڄڻ سوا لک نبين مان ست عدد سندس گھر ڀاتي آھن. شادي ٿي، اولاد ٿي ۽ گھراڻو آباد ٿيو پر مقام کي ھرگز نه وساريائين. ڪجھه سال ٿيا جڏھن کيس ميرپورخاص بدلي ڪيو ويو تڏھن به روزانه بس، ريل يا ٽرڪ جي ذريعي اچي پنھنجي قبرستانيءَ واري ڊيوٽي ڏيئي وري ڀنڀرڪي جو واپس نوڪريءَ تي. اھا اڻ ٿيڻي آھي ته عصر ۽ مغرب نماز درميان اسماعيل اميدن ڀريو مقام ۾ موجود نه ھجي. جنھن ڏينھن کيس مقام ۾ ٻاھر نه ڏٺو ويو ته خاطري ٿيندي ته اڄ ٻين جيان پاڻ به ”اندر“ آرامي آھي.
اسماعيل نه فقط سالھا سال قبرن۽ قبرستانن جي ڳوڙھي لاڳاپي ۾ پنھنجي زندگي پئي بسر ڪئي آھي پر زھد تقوا ۽ پرھيزگاري علاوه ذڪر الاھي ۽ قرآني فڪر ۾ پڻ ڪافي چلا ڪاٽيل اٿس. موت جي اوڏو ۽ سندس ويجھڙائيءَ ۾ رھندي، ٿي سگھي ٿو ، ته کيس ان ”راه رباني“ جي پار پتي ۽ واءُ سواءُ جي ڪجھه ڄاڻ ھجي جنھن دڳ ۾، اسان ماڻھن لاءِ فقط وڃڻ وارن جا پيرا ڏٺا وڃن ٿا. ڪڏھن ڪڏھن گفتگوءَ دوران ڪجھه اسرار جون ڳالھيون بي اختيار سندس مُک مان نڪري وينديون آھن جن لاءِ بعد ۾ سخت پڇتائيندو آھي. نه وري اھڙي راز جي پروڙ لاءِ مون کي ڪا پچار ھوندي آھي. مون کي ته اھا به خبر نه آھي ته آءُ ڄمڻ کان اڳ ڇا ھيس. حالانڪه اھو مرحلو لنگھي چڪو آھيان ته پوءِ اھو پتڻ پار ڪرڻو آھي پوءِ ماشا مولا، ڏٺو ويندو، سسئي ۽ سور پيا پٽيندا پاڻ ۾. البت عقل ۽ شعور کي اھا اڻ تڻ ۽ ھر کر ضرور ٿيندي رھي ٿي ته موت جي ڳجھارت جو من نه من ڪو پاھو ملي پوي ته خوف ۽ فڪر فردا کان ڪا رتي ڀر فراغت حاصل ٿئي.
ھڪ دفعي ڳالھين ڪندي مون اسماعيل کان پڇا ڪئي ته ھُن ڪڏھن قبر جي سوڙھي ٿيڻ جا ڪي آثار ڏٺا ھئا. اسماعيل ته ٻڌايو ته نه، البت قبر جي ڪشادي ٿيڻ جو مشاھدو ۽ معجزو پنھنجي اکين سان ڏٺو ھوائين. مون کي ان عورت جي قبر ڏانھن وٺي ويو ۽ چيائين ته ھي مائي نھايت ديندار، سخي ۽ نيڪ بخت خاتون ھئي ۽ پنھنجي جئري ئي وصيعت ڪئي ھوائين ته کيس سندس مرحومه ماءُ ۽ نياڻي جي قبرن درميان ڇڏيل جڳھه تي دفن ڪيو وڃي، وري اھا به تقاضا ڪيائين ته ٻي صورت ۾ ھوءَ اڳين جھان ۾ اسماعيل کي ”وٺ“ ڪرائيندي. خدا جي قدرت اھڙي جو اسماعيل کان اھا ڳالھه وسري ويئي ۽ ان ڇڏيل جاءِ تي ٻيا ڪي ماڻھو اچي ٻيو ڪو جنازو پوري ھليا ويا. جڏھن اھا مائي فوت ٿي ۽ اسماعيل ماڻھو وٺي قبر کوٽڻ لاءِ جاءِ واردات تي پھتو ته کيس مائي جي وصيعت ياد آئي. حالانڪه اھا جڳھه ڪافي حد تائين ڀرجي چڪي ھئي تڏھن به اسماعيل وصيعت جي احترام ڪندي کوٽائي شروع ڪري ڏني. حڻا جتن ڪيائين پر ڪنھن به صورت ۾ قبر جيتري وٿيءَ جو حاصل ٿيڻ ناممڪن ٿي ڏٺو. رات جو وڳڙو ھيو ۽ لالٽين جي روشنائي تي گورڪن کوٽائي تي ڪئي ۽ اسماعيل بارگاه الاھي ۾ زاريون ڪندو رھيو. ائين ڪندي ھوا جو جھلڪو اچڻ ڪري لالٽين وسامي ويئي. جڏھن ٻيھر بتي ٻاري ويئي ته الله پاڪ جي قدرت جو عجب رنگ اکين آڏو عيان ھو. ان سوڙھي ۽ تنگ وٿيءَ وڌندي ۽ ويڪرو ٿيندي وڃي ھڪ وڏي قبر جيتري جڳھه والاري ھئي.