محمد ابراھيم جويو
محمد ابراھيم جويو سنڌ جي انھن اڻ ڳڻت انسانن ۾ھڪ آھي، جن کي اسين استاد جي عظيم ناتي سان سڏيندا آھيون. کائن علم پرائي پوءِ کين ادب احترام سان وساري ڇڏيندا آھيون. ڇو ته ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ نه فقط اسان جي پر دنيا جي پراڻي ورائت آھي. پر جويو صاحب اڪيلو استاد آھي جنھن پاڻ وسارڻ جو ڪنھن کي موقعو ئي نه ڏنو. اٽڪل اڌ صديءَ کان، سنڌ جي ھر نئين پيڙھيءَ سان، ”سکيا جو ساٿ“ سانده نباھيندو ٿو اچي. اٻرا سٻرا، ڪچ ڪنواٺ جي به سندس پناري پيا، سي لاڏو به مھري بڻائي راس ڪيا اٿائين. علمي سکيا کي پيٽ گذران جو پيشو ڄاڻڻ بجاءَ آدرش ۽ عبادت ڄاتائين. جڏھن ادب جي آتڻ ۾ پير پاتائين ته پنھنجون قلمي ڪوششون به سمجاجي سنوار ۾ سيڙايائين. اڄ ڪلھه جا ٿوري گھڻي ادبي، سماجي ۽ سياسي سجاڳي ڏسي ٿي، تنھن جو سھرو به گھڻين ڀانڱين سندس سر آھي.
ائين به ڪو ھروڀرو صحيح نه آھي ته سنڌ ۾ ڪو استادن جي اڻ ھوند ھئي. جنھن کوٽ جي پورت جويو صاحب ڪئي ھجي. ھرگز نه. استاد اسان وٽ ڀلئون ڀل. اسان وٽ اھڙا استاد به ڪيئي ھوا جن سموري عمر علمي کيتيءَ جي سرسيتي ۾ گذاري ھئي. پر گھڻائي اھڙن جي ھئي جن جي درس مدرسن تائين اچي ڇيھه ٿي ڪيو. يا وري ڪي اھڙا به ھئا جن علم عقل کي پاڻ وٽ جمع ڪري محفوظ ڪيو ھو. جئن ڪي ڌن دولت ميڙي ڪوٺي ڪڍي وياج وٽيءَ جو وھنوار ڪن. ان لحاظ کان جويو صاحب ھڪ الڳ مڪتب فڪر جو استاد ھيو. علمي سکيا جي ڦھلاءُ گڏ علم جي طالبن کي علمي ترغيب جو سبق پڻ پڙھائيندو رھيو. ڳليءَ ڳليءَ وڃي ڪڙو کڙڪائي ۽ سڏ ڪري راه جي ڏاه ڏيندو رھيو. سنڌ ۾ اھڙو ڪو ليکڪ شاعر يا فنڪار شايد ئي ھجي جنھن سان دلي جاني سھڪار نه ڪيو ھجيس. وري اھڙي اڻٿڪ ۽ سر توڙ جاکوڙ به بنان عيوضي ۽ بنا اجوري!
1938ع ڌاري سنڌ مدرسه اسلام ڪراچي ۾ گريجوئيٽ ماسترن جي ھڪ نئين کيپ وارد ٿي. جي ۾ اي ڪي بروھي صاحب، غلام الله ميمڻ، شيخ ساز علي، امداد علي شاھ بخاري ۽ جويو صاحب شامل ھوا. مڙني ۾ ھڪ ڳالھه ھڪ جھڙي ھئي. اھا ھي ھئي ته سڀيئي غريب سنڌي گھراڻن جا چشم و چراغ ھوا ۽ اڪثر ڳوٺاڻا ھئا. پر ھر غريب جي وڏي ڪمزوري ھميشه اھا ڄاڻائي وڃي ٿي ته کيس ڌن دولت جي سوچ ۽ لوچ شاھوڪار کان به وڌ رھي ٿي. سواءِ جويو صاحب جي ٻين سڀني ماستريءَ جي مرتبي کي مٿي چڙھڻ لاءِ ڏاڪڻ طور استعمال ڪيو. ذاتي ترقيءَ جي تاڪ ۾ رھيا. ترت داڻو ڪڻو ٿي ٽڙي پکڙي ويا. بروھي صاحب وڪيل ٿي وڃي وزارت کي رسيو. غلام الله صاحب کي گھاڻو وڻيو جتي اڃان سوڌو وھندڙ آھي. بخاري صاحب وڃي مختيارڪار ٿيو ۽ پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. شيخ ساز علي ملٽري ۾ ڀرتي ٿي ميجر ٿيو. جويو اتي ئي رھيو ۽ ڪنھن ٻئي رخ ۾ وک نه وڌائين. جي ھو به چاھي ھا ته دولت ديوي ۽ مرتبي جي مومل ماڻي سگھي ھا. پر ھن ماستريءَ جي مفلسيءَ کي پنھنجو نصيب ڄاڻي استاد ٿي رھيو ۽ اڄ به اھوئي آھي.
چيو وڃي ٿو علم وڏي دولت آھي. بلڪل درست. پر منجھنس ھڪ وڏي اوڻائي آھي. جو ان دولت سان نه پيٽ ڀرجي سگھجي ۽ نه جسم ڍڪي ٿو سگھجي. نه وري علم سان زندگيءَ جي ٻي ڪا ضرورت ئي پوري ڪري سگھجي ٿي. ڇا لاءِ ته پيٽ پالنا جو واسطو پئسي سان آھي ۽ نه جاميٽري يا جاگرافيءَ سان. ۽ پئسو ڪمائڻ ھڪ ھنر آھي، کيڏ آھي يا ھٿ جي صفائي. پر علم نه آھي. خاص طور پئسي کي ٻيڻ يا ٽيڻ ڪرڻ ھڪ الڳ فن آھي. جو جادو جويو صاحب کي اصل ھٿ نه آيو ۽ شايد ان ڏس ۾ واجھه ئي ورلي وڌائين. سالن جا سال سعيد منزل لڳ ھڪ سوڙھي فليٽ ۾ اھل عيال سميت مسواڙي رھيو. اھو به ڪراچيءَ جھڙي جواگر شھر ۾. جتي ماڻھو پنھنجي قسمت اک ڇنڀ ۾ ھڪ ئي داءُ لڳائڻ سان بدلائي ڇڏيندا آھن.قسمت بدلائڻ ته پنھنجي جاءِ. پر ھي درويش پنھنجي لباس جي خاڪي پتلون به بدلائي نه سگھيو؛ جا چئن سالن تائين، سياري اونھاري مون ساڳي ڏٺي. ھي ٻي ڳالھه آھي ته ان زماني ۾ انگريزي ماستر جي پگھار سوا سؤ روپيا ھئي. جا اڄ رواجي بوٽ جي بھا به نه آھي. ته به تڏھن اھا وڏي مايا ليکي ويندي ھئي. انھن ڏينھن ۾ مون واري سٿڻ جا پاچا به آزاد نظم جيان وائکا، بي سرا ۽ کٿل ھوندا ھئا. شايد ان ڪري ٻين جي پٽڙي حالت منھنجي دلي آٿٿ جو ڪارڻ ٿيندي ھئي!
ڪراچي جا اٺيئي سال جويو ٻار پڙھائڻ گڏ پنھنجي ذھني سرسيتي۽ ان اٻوجھه لوڪ لاءِ سوچيندو رھيو جن سان سندس ازلي انگ اڙيل ھيو. يا وري بقول سندس، جي مظلوم محروم ۽ مجبور ھوا. اھڙي سوچ ويچار لاءِ سمنڊ جو ڪنارو ھڪ وڏي اڀل ھيو. ڇوته ڪراچي شھر نه فقط گھمسان جي مڇي مياڻي آھي. پر پيدائش به ته مائي مھاڻيءَ جي آھي. سنڌ جي سرزمين سنڌو درياه جي ڏنل سوکڙي ئي سھي، پر حاصل ڪيل ته سمنڊ کان آھي جنھن کيس جيءُ ۾ جاءِ ڏيئي، پاڻ پرڀرو ٿي ڪيو. ھونءَ به سنڌ جي صورتحال جو صحيح تصور به سمنڊ کان ئي ٿي مليو. جنھن جي مٿاڇري تي ماٺائي ھئي ۽ اندر ۾ اوڌم متل. ھر وڏي مڇيءَ ننڍيءَ کي ھڙپ ٿي ڪيو. ننڍڙيون مڇيون سر بچاءُ خاطر سمنڊ جي ڪنارن يعني ٻھڙاريءَ ۾ ٿي رھيون. ڪناري لڳ وڏين مڇين اچڻ ئي پنھنجي ھتڪ ٿي سمجھي. جتي مانگر مڇن ۽ واڳن جو راڄ ھجي ته بلائن جو به مقابلو ته ڪرڻو ھيو. پوءِ پاڻي ۾ ھجن يا زمين تي. پر ھو ته مسڪين ماستر ھيو. ڇا ٿي ڪري سگھيو؟ پر جڏھن ھڪ منڊڙو مورڙو مانگر مڇ کي ماري ٿي سگھيو؟ ته ڇو نه ھڪ ماستر!
گھٽ ۾ گھٽ ھو انھن گونگن گگدامن جي زبان ٿي سگھيو ٿي جي واقعن جي ڳاھٽ ۾ ڳاھجي پنھنجي آواز جي قوت وڃائي ويٺا ھوا. ان ڏس ۾ قلم کڻي جويو صاحب مضمون، چوپڙيون ۽ ڪتابڙا لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس لکڻيون ڪي عشق محبت جا داستان يا من گھڙت ڪھاڻيون نه ھيون. پر اھڙيون ٻاڻيون ضرور ھيون جن ماڻھن جي دلين ۾ آس ۽ اميد جا امڪان پيدا ٿي ڪيا. جي ستايل ھونئن خوف ۽ مايوسيءَ سبب گھٽيل ۽ دٻيل ھوا، جا وقت جي ضرورت به ھئي ۽ خلق خدمت به. سندس سوچ جي نپوڙ ھئي سماجي حق انصاف جي بحالي. يا پورھيت لوڪ راڄ. ”جويو“ صاحب ھي ڏسڻ ٿي چاھيو ته ھاري پنھنجي پوکيل سموري ڪڻڪ پاڻ کائڻ جي خوشي حاصل ڪن. ھر انگ اگھاڙي ۽ بکئي پيٽ کي نه فقط ڪپڙو لٽو ۽ ان اٽو ملي، پر کين ملڪي حڪومت ۾ حق ۽ حصو ھئڻ جو فخر به حاصل ٿئي. ھو به ان اوسيئڙي ۾ رھن ته سندن ٻار وڏا ٿي سکيا پرائي پنھنجي ملڪ جا جنرل ۽ فيلڊ مارشل ٿين. جي مسڪين ھاڻ چپراسي ۽ چوڪيدار به ٿي نه ٿي سگھيا. ذاتي طور جويو ڪنھن منطق يا مت جو مخالف نه ھيو سواءِ ”شاھيءَ“جي. پوءِ اھا آپيشاھي ھجي، نوڪر شاھي يا وڏيرا شاھي. ڇاڪاڻ ته اھي مڙوئي شاھيون ان انڌي طاقت جا جدا جدا روپ ھئا، جنھن طاقت کي ”ضمير“ ھيوئي ڪونه.
سنڌ جي ڌرتيءَ تي پورھتين جا حق واسطا قائم ڪرڻ لاءِ ادب ۽ ثقافت جو سھارو وٺڻ ھڪ جائز ۽ لازمي وسيلو ھيو. ھڪ پٺتي پيل اٻوجھه عوام ۾ سياسي شعور ۽ سجاڳي آڻڻ لاءِ ٻيو رستو ئي ڪھڙو ھيو؟ ھي برابر آھي ته سنڌ جي ديسي ماڻھن ۾ ھزار عيب ۽ اوڻايون ھيون. پر انھن اوڻائين ھوندي به، سندن جي سنڌ تي حق ھوا، انھن ۾ ڪا ڪمي نه ٿي آئي؟ ورثو ھميشه وارثن جو ھوندو آھي. پوءِ اھي لولا ھجن يا لنگڙا. ڪو فرق ته نه ٿو پوي. زندگيءَ جي ذونق زنده رکڻ لاءِ کين نت نئين صبح جو سينھو ڏيڻ ضروري ھيو. نه ته جنھن قسم جي ٻاڙي ۽ ٻُسي زندگي سنڌي گذاري رھيو ھيو، ته سندس آخري اميد جي گل ٿيڻ جو به گمان غالب ھيو. ڇاڪاڻ ته انساني ذھن به زرعي زمين مثل آھي. منجھنس ھر ھلائي سانھر نه گھمايو ويو ته زمين ڦاٽي پوندي. جي پاڻ نه وڌو ويو ته سندس ڀَل ختم ٿي ويندو.
پنھنجي زندگي ۽ سندس مقصد جي سمجھاڻي ڏيندي چوي ٿو ته ”اسين سنڌ وارا جنھن ڌرتيءَ تي ۽ جنھن سماج ۾ رھون ٿا ته ان ڌرتي ۽ سماج آڏو ھڪڙو مقصد ظاھر ٿئي ٿو. جيڪو وقت جو سڏ آھي، اھو ھي ته مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ رنڊڪون ۽ رڪاوٽون راھ ۾ اچن ٿيون انھن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي، ۽ جي سازگار يا مددگاري چيزون آھن انھن کي پنھنجي سامھون چٽيءَ طرح ڏسي سگھون. منھنجي اھڙي دلي مراد جو پس منظر ۽ منطق اھو آھي ته آءُ ھڪ ھاريءَ جو پٽ آھيان. سنڌ جي ٻھراڙي جو ڳوٺاڻو آھيان. . . ۽ پورھيت آھيان. غربت، بيماري، جھالت، لاچاري ۽ ظلم. انھن جون جيئريون جاڳنديون صورتون ڏٺيون آھن. قائم ٿيل نظام جي ڪنھن به ھڪ انگ کي اسان ڪڏھن ڪنھن مظلوم جو پاسو کڻندو نه ڏٺو آھي. وڏيراشاھي سنڌ جي ڳچيءَ کان جھليو ۽ گھٽيو بيٺي آھي ۽ ان کي ساھ کڻڻ ئي نه ٿي ڏئي. جنھن مظلوم محروم ۽ مجبور عام خلق سان منھنجي ڄمڻ ۽ مرڻ جو واسطو رھيو آھي ھي ازلي انگ آھي. جيڪو ھر غيرت مند، خوددار ۽ باعزت ماڻھوءَ کي نباھڻو پوندو. ڪنھن کي ڪيئن ۽ ڪنھن کي ڪيئن!
ان ازلي انگ جي ناتي نباھيندي جويو صاحب پنھنجي عمر جي سڄي پونجي سيڙائي آھي. سندس جاکوڙ جو ڪاٿو ڪرڻ ڏکيو آھي. ڇاڪاڻ ته سندس سرسيتيءَ جي سيڙپ نئين فصل ۾ نه پر نئين نسل ۾ آھي. جنھن پوک جي پچي تيار ٿيڻ لاءِ پيڙھيون گھرجن. اسان جو نوجوان نه فقط الھڙ آھي پر تڪڙ ۾ پڻ آھي. اھڙي اٻھر جو ھن تريءَ تي بھشت تي طلبيو. جنھن معجزيءَ لاءِ جادوءَ جي ڏيئي جي لوڙ ھئي ۽ نه جويي جي. يا وري ڪو امام ھادي يا امام مھدي اچي سرواڻ ٿئي. جن جو ھاڻ اوسيئڙو ڪڍڻ اجايو ھيو. سندن جاءِ سنڌ ۾ ”استاد“ ورتي ھئي. ڪنھن سيکڙاٽن کي سکيا ٿي ڏني. ڪنھن لوڪ ادب جو وڃايل ورثو ٿي سھيڙيو. ڪنھن ڪانفرنسون ڪوٺائي جاڙيجا ٿي جاڳايا. ته ڪنھن پورھتين لاءِ پاڻ تي پتوڙيو. سڀئي ”استاد ھوا“ ۽ سڀني جي جدوجھد ساڳي ھئي. ته اسان جا اٻوجھا غربت جي ڌٻڻ ۽ پاپنديءَ جي پنجوڙن کان آجا ٿي سھڻي ۽ شانائتي نموني جياپي جون گھڙيون بسر ڪرڻ لائق ٿين. جنھن ڏس ۾ کين سھاري ڏيڻ جي سخت ضرورت ھئي.
جويو صاحب جو ننڍپڻ گورن جي صاحبيءَ ۾ گذريو. ڦوه جوانيءَ ۾ انگريزن جي عروج جو سج غروب ٿيندي ڏٺائين. ڪانگريس جا آکاڙا ۽ مسلم ليگ جا ملاکڙا سندس اکين آڏو ٿي گذريا. جنھن گھرو چٽاڀيٽيءَ وڃي ورھاست جي وڍ ڪٽ تي دنگ ڪيو. ورھاڱي وقت ۽ تھان پوءِ جو ڪجھه سنڌ ۾ وھيو واپريو، ان جي اثر کان به متاثر ٿيندو رھيو. ڇٺي ڇماھيءَ پنھنجي دل جو غبار به لکڻين وسيلي ھلڪو ڪندو رھيو. نتيجي م جي عام طور عتاب سياسي سمجھه رکندڙن تي نازل ٿيندا آھن، انھن ۾ ڪجھه ڇنڊا مٿس به پوندا رھيا. جا ڪا وڏي ڳالھه ته نه ھئي. ڇاڪاڻ ته مھڻن سھڻ جا عادي سنڌي صدين کان آھن. ھاڻ کين ”ڏاھر جي اولاد“ سڏي سرخرو ٿي ٿيا. ڀانئن ته محمد بن قاسم اصل کوکرا پار کان اچي سنڌ فتح ڪئي ھئي! مزو اھو جو مٿن الزام ”اسلام“ جي نالي ۾ مڙھيا ئي ويا. جو عجيب پڻ ھيو. ڄڻ ته ڏھٽيءَ، نانيءَ کي ويم ڪرڻ ٿي سيکاريو.
ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو ھيم ته انساني زندگي ھڪ قسم جو ”کل ڀوڳ“ يعني (ڪاميڊي) آھي. جيڪڏھن کيس پري کان ڏسجي ته. پر ھڪ غمخناڪ حادثو (ٽرئجڊي) جي کيس ويجھو ٿي پسجي. سنڌ جو به ھر حڪومت لحاظ کان ساڳيو حشر پئي رھيو آھي. کيس ھميشه پھاڙي اوچائيءَ تان پئي جانچيو ويو آھي. ۽ اوڏڙو اچي سندس گھايل ۽ ڦٽيل وجود کي ڏسڻ جي تڪليف ئي گوارا نه ڪئي ويئي آھي. نه ته اھڙي تعصب، ڌڪار يا نفرت جي ته ڪا ڳالھه ئي نه ھئي. ھن حقيقت جي ڄاڻ ھر ھڪ کي ھئڻ گھربي ھئي ته تاريخ جي روشنيءَ ۾ سڀني ”نظرين“ جو ھڪجھڙو تصور رکڻ يا ھڪجھڙي مڃتا ھئڻ ناممڪن پڻ ھئي. ڇاڪاڻ ته روائت زباني ھجي يا لکت ۾، پر ھر تاريخ جي ڪسوٽي ”يقين“ تي منحصر ھئي. جي ھي صحيح آھي ته پوءِ ڪنھن تي يقين ڪريون؟ ظاھر آھي ته پنھنجن ماڻھن تي. اڳ ۾ انھن تي جن جا اسين ڄايا ۽ نپايل آھيون. پوءِ ڪھڙي سبب اسين پنھنجن ابن ڏاڏن کي ڪافر ۽ غدار سڏيون باقي ٻين کي غازي ۽ حق جو علمبردار؟
سنڌي فطرتي طور تي شڪرگذار ۽ ٻانھن ٻڌي دعاگو قوم آھن. ھو ته انھن جا ڳڻ به ڳائيندا رھيا آھن جن ساڻن جنگيون ڪيون ۽ مٿن حڪومت ڪئي. خاص طور انھن جا، جن آئي اسلام جي روشني آئي يا جن سندن ٻاجھاريءَ ٻولي کي سنواريو ۽ ورسايو. پر ھو ان حقيقت کان ڪيئن انڪاري ٿين ته ھو ھن ديس جي مٽي نه آھن؟ آخر سڀئي سنڌي ڪو عرب کان پارسل ٿي ھت نه پھتا ھئا. پنھنجي اصليت وسارڻ ڪو ھروڀرو اسلام ته نه آھي. جي ڪي ماڻھو اسلام قبول ڪري شيخ عبدالمجيد ٿو سڏائي ته ھو پنھنجي پيءُ ليلارام ھئڻ کان به انڪار ڪري ڇا؟ جي ائين آھي ته پوءِ ھر سنڌي مسلمان ڪھڙي نسبت اختيار ڪري؟ حضرت عيسى واري؟
جويو صاحب جو الله سان عشق آھي الاجي نه؟ جنھن سنڌ ۾ سدائين سڪر سڻائي پئي ڪئي آھي. پر اھا شاھدي جويو جا دشمن به ڏيندا ته سندس سنڌ جي ماڻھن سان بيحد عشق آھي جن پنھنجي محسنن کي ڪڏھن به نه وساريو آھي. اھڙي اٿاه عشق جي وڏي ضرورت پڻ ھئي، ڇاڪاڻ ته سندن پريشانين ۾ ڏينھون ڏينھن وڌيڪ اضافو ٿي رھيو ھيو. ڇو ته ھاڻ کين پنھنجي صفحي ھستيءَ تان مٽجي وڃن جو خطرو درپيش ھيو. ھو ٻن باھين وچ ۾ گھيريل ھوا. پنھنجن جي بي رخي ۽ پراون جي بي رحمي. جياپي لاءِ جدوجھد جاري ھئي، جو قدرت جو بنيادي اصول ھيو. جنھن قدرت ٻوٽن جانورن ۽ ماڻھن کي بچاءُ ۽ بقاءَ لاءِ طاقت ٿي بخشي. سنڌ ڪو قدرتي قانون جي دائري کان ٻاھر ته نه ھئي؟