سائين مھندي شاھ جھنڊه وارو
جيڪڏھن مھندي شاه جي ماني کائيندا ته اوھان جو مٿس احسان ٿيندو. ڇاڪاڻ ته سائين پنھنجو سٺيڪو ساله زندگيءَ ۾ اڪيلو ماني شايد مشڪل کاڌي ھجي. ازانسواءِ ساڻس ماني کائڻ بسر خود ھڪ قسم جي مڪمل علمي ترغيب پڻ آھي. گره گره تي دل جي حضور سان مھمان اڳيان ھر بره جي آڇ ڪندي، خواه پاڻي پياريندي، باغ بھار ٿيڻ، مھمانن جي آئي سندس چھري تي ٻھڪ اچڻ، مھمانوازيءَ جا آداب آھن، جنجي بجا آڻڻ لاءِ جيب جي ڪشادگيءَ، خواه دل جي سخا جو ھئڻ اشد ضروري آھي.
ائين به نه آھي ته ڪو سائين تمندار يا تونگر آھي. ھي پڻ غلط آھي ته سندس زمينداريءِ تان سج ئي نه ٿو لھي يا وري سندس ڀٽاريون اڻ ڏڌيون ڇڙيون وڃن ٿيون. ھرگز نه. مھدي شاھ جي تمام ملڪيت ۽ ميراث ماني تائين محدود آھي. ليڪن الله پاڪ جا کيس دل ڏني آھي تنھنجون حدون سمنڊ جي ڪنڌين کان زياده وسيع آھن. ھونئن به ھي ھڪ حقيقت آھي ته ھٿ جي ڪشادگيءَ جو دل جي وسعت تي دارومدار آھي ۽ نه بئنڪ بيلنس يا دولت تي.
موجوده نفسانفسيءَ جي زماني ۾، جڏھن ماڻھو ڪوٺن تي چڙھيو دوربينون کڻي واجھائيندا ٿا رھن ته ڪو نامراد مھمان ته سندن طرف نه ٿو اچي. وري قسمت سانگي ڪو بدقسمت وٽن اچي به ٿو سھڙي ته پوءِ چڻ ڪالرا يا وبا گھر ۾ گھري، ۽ جيستائين کيس تڙي جان آزاد نه ٿا ڪرائين ته آرام نه ٿو اچين. خاص طور ان ملڪ ۾ جتي ڪجھه انداز اھڙن ماڻھن جو به ھجي جن سموري عمر پنھنجي گھر ۾ ٽڪاءُ نه ڪيو ھجي ۽ نه وري ڪڏھن ڀلجي پنھنجي ھڙ جي ماني کاڌي ھجين. يا وري سندن ھاضمي جي اھڙن ڏٻري حالت ھجي جو ڍءُ ئي تڏھن ٿيندو ھجين. جڏھن ٻوٽيون ۽ چانور سندن نڪ کان ٻاھر نڪري اچن. ان ماحول ۾ آئي وئي کي آجيان ڪري، جيءُ ۾ جايون ڏيئي، ھٿ ڌوئارڻ ۽ بسم الله ڪري کين کيڪر ڪرڻ کان پيشتر ماني کارائڻ ۽ کين پاڻ وٽ مھمان رھائيندي پاڻ کي ڀاڳ ۽ بخت وارو سمجھڻ، اھي اھڙيون خوبيون آھن، جي فقط ھڪ ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ئي ٿي سگھن ٿيون.
ان ڪسوٽي لحاظ کان سائين مھدي شاھ صحيح معني ۾ سنڌي آھي. ڇاڪاڻ ته ھڪ سنڌي لاءِ فقط سنڌ ۾ جنم وٺڻ، سنڌ ۾ رھائش اختيار ڪرڻ يا سنڌي ٻولي ڳالھائڻ ڪي ڪافي لياقتون نه آھن. سنڌ ۽ سنڌين سان ڪن ايامن کان ڪي خصوصيتون جھڙوڪ شرمي، مھمان نوازيءَ ۽ سادگي وغيره منسوب ٿيل آھن ۽ ھڪ سچي سنڌي لاءِ انھن تمام خوبين جو ھئڻ ھڪ لازمي امر آھي. سائين مھدي شاھ پنھنجي مٺڙي ملڪ جي اھڙين قديمي روايتن کي زنده رکندي، سنڌ ۽ سنڌين جي جا لڄ رکي آھي سا ھر سنڌي لاءِ باعث فخر آھي.
ماني جا ملھه ٻيا به گھڻا. سنڌ ڪا سڃي نه آھي. ھڪ گھرين ته لک ڏيانءِ. پنجئي آڱريون برابر نه آھن. پر سر سر ڪلا ۽ تجليءَ ۾ فرق ضرور آھي. ڪي اڳين جھان جي توشي ٺاھڻ لاءِ پيرن فقيرن کي کاڌو کارائڻ ۽ کارائي پوءِ دعا جا ھٿ کڻائن ته کين بھشت جي ڪا الاٽمينٽ ٿئي. ڪي وري اڳين جھان لاءِ نه ترسندي، ديڳيون دمي، مٿن تي کڻي، ھن جھان جي مشڪل ڪشا ڪامورن جا وڃي ڀڀ ڀرين. ڪجھه ڀائو ته اھڙا به آھن جو جيستائين ڪو ٽيڙ يا ٻڙو نه چڙھين، تيستائين سوئو ھڻين، جو ڪو رت جو ڦڙو نڪرين. ڪي اھڙا سوداگر قسم جا سخي پڻ آھن، جي پنھنجي پيءُ جي نيت ڪنھن پيٽ چٽئي ملان کي کرڙ کارائيندي ائين پيا ٽڳڙندا ڄڻ حاتم جي قبر کي لت ھنئي اٿائون. ليڪن آءُ صدقو انھي ڀنڀي ڏاڙھيءَ تان، جي ھر آئي وئي کي پڇ پاڻي پياريندي نه ذات پڇن نه پار پڇن نه ٿڌو ڪن، نه ٿورو ڪن ۽ نه وري ڪو اڳين جھان يا ھن جھان جو سودو ڪن. بلڪه جو ڪجھه وٽن آھي اھو آڇيندي ھي چون ته ؛ ”اي شڪر الحمد جو مٿو گھريوءَ مڱڻا.“
مھدي شاھ جو دستر خوان جملي مقصدن ۽ مطلبن کان مٿي آھي. سائين عمر جي ان موسم ۾ آھي جنھن کي ھاڻ نه ڪرسيءَ جي ڪشش آھي ۽ نه اليڪشن جي آس. نه وري کيس ڪو پلاٽ الاٽ ڪرائڻ جي جھوري لڳل آھي ۽ نه وري ڪو پائيپ موڪرو ڪرائڻو آھي. ھو پارسا پيرن ۽ گبرن وڏيرن ۽ ناٿ ڪامورن جو دعاڳو ضرور آھي، ليڪن سندن ڪاڻيارو نه آھي. ڇاڪاڻ ته سندس نقطه نظر ”دنبو دنب وڌائيندو ته پٺ پنھنجي ڍڪيندو.“ ڪو ڪنھن جي قيامت ڪونه ڇڏائيندو. ھر ڪا ٻڪري پنھنجي ڦاھي چڙھندي. سائين جي فلاسافي آھي. ته ”ماني مولا جي آھي . داڻي داڻي تي مھر لڳل آھي. ھر ڪو پنھنجو نصيب ٿو کائي. رزاق جي ڏنل روزيءَ تي سندس ڪا ھڪ ھٽي نه آھي. پر ٻين جو به حق آھي ۽ پوءِ ھي ممڪن آھي ته ٻين جي صدقي شايد مونکي به ٽڪر ملندر ھجي.“ بابا جو ڪجھه مون وٽ آھي اھو به اتي ئي رھندو. ”رکيو“ نالو پٽ جو به نه رکان. سڪندر به ٻئي ھٿ ڪفن کان ٻاھر لڙڪائي رمندو رھيو. آھي سڀ اکين جو ڍئو. ڌوڙ جو مسئلو ڌوڙ. اھو ڪونه ٻڌو اٿئي ته تنھنجي اوڙي پاڙي يا ڳوٺ ۾ ڪو انسان بکيو رھجي ٿو وڃي ته توھان تي ماني کائڻ حرام ٿيو پوي.“
سندس مھمان نوازي فقط ماني کارائڻ تائين محدود نه آھي. تحفن جي به وٽس ڪا ڪمي ڪانه آھي. ھر سنڌي سوکڙي پوءِ لاڙي اجرڪ وڻيئي، نصرپوري کيس کپني، ھالن جي ھندوري تي دل سرڪئي. جي، نه ته من رلھيءَِ تي ھرکين، پر جي روڪڙ جي ضرورت اٿئي، ته تڏھن به پنج پنجاه ۽ پنج سو ڏيڻ ۾ سائين ملول مور نه ٿيندو، مطلب ته ھٿين خالي نه ويندين. مون پنھنجي اڌ ڪلاڪ جي ملاقات دوران ڏٺو ته ڪن کي بادامين جي شربت جا شيشا وڻيا، ته ڪن جوئر جو اٽو ڳنڍ ٻڌي کنيو. ته ڪن جي فرمائش وري پليءَ جي ساڳ تائين محدود ھئي. سائين جي سخا جا ھيراڪ سوکڙين لاءِ ائين ڌرڻو ماري ويٺا ھوندا آھن ڄڻ ته سول ڪورٽ کان ضبطي ڪڍرائي آيا آھن.
سائين جي توشه خاني ۾ ھر قسم جو ڪچومر حاضر ھوندو آھي. جوئر ۽ ٻاجھر جي اٽي کان گوگڙن جي ڪچورين تائين، مبادا ڪنھن کي بصر باديءَ ڪنھن کي واڱڻ وائي لڳندا آھن. مھمانن لاءِ ڀاڄين کان علاوه چٽڻيون ۽ مريه آچار علحده. جي ماني کائڻ لاءِ ٽائيم خير ڪي آھي ۽ ريل ڇٽڻ واري اٿس ته ماني ٽفن باڪس ۾ مھمان کي اسٽيشن تي پھچائي ويندي ۽ ٽفن باڪس سندس سامان ۾ رکيو ويندو. مھدي شاھ پاڪستان ۾ شايد واحد مھمان نواز آھي، جنھن جي گھر ۾ بيڪ وقت چاليھارو کن ٽفن باڪس باادب با ملاخطه رکيل ھوندا آھن ۽ ايترو انداز درماه نئين سر خريد ڪيو ويندو آھي. ھي ٻي ڳالھه آھي ته سائين جي مھمانن ۾ ڪنھن به خدا جي بنده اڄ ڏينھن سوڌو ٽفن باڪس واپس نه ڪيو آھي. ٿي سگھي ٿو ته سائين کي رنج ڪرڻ نه گھرندا ھجن.
بورچيخاني جو بار اڌ درجن کن ٻانھين تي آھي جي الالفجر سان اٿي چلھا ٻاري بصر ڪپڻ ۽ اٽو ڳوھڻ ويھنديون آھن ۽ اڌ اڌ رات ٽاڻي واري ڦيري سان ڊيوٽي ڏينديون رھنديون آھن. گرمي ھجي، سردي ھجي. تپندڙ ڏينھن يا برسات جي رات! سائين وٽ لنگر کليل ۽ ماني تيار ملندي. ”ھتي اويلو مھمان پٽائي پاڻ“ وارو ڪو ليکو ئي نه آھي. جنھن وقت وڻيئي اچ. نه تعارف جو ضرور نه تڪلف جي محتاجي. ھڪ مھمان سائين کي ڇينيندي چيو ته ”قبلا! توکي اھي ٻانھيون ڏينھن قيامت جي وٺ ڪرائينديون، ڇاڪاڻ ته باھي اڳيان بيھندي ۽ 24 ڪلاڪ مانيون ٻوڙ پچائيندي سندن ھٿ به سڙي پيا آھن.“ شاھ صاحب مرڪندي وراڻيس ته ”ابا نيڪي ڪندي ھٿ سڀني جا سڙندا آھن۽ ھنن جا به سڙيا ته پيا سڙن. جاڙي به جڳ سئين.“
بورچيخاني جو ملاظو ڪندي، اچرج جي ڳالھه ھي آھي ته ھتي سئي گيس جا ڏھ چلھا ٺھيل آھن ۽ ڏھئي برابر ٻرندا رھندا آھن. ڪراچيءَ جي شاھي ھوٽل ميٽروپول، ۾ به اٺ ۽ ٻي نمبر ۾ برک ھوٽل فاروق ۾ ست چلھا آھن. ھڪ طرف کان ديڳڙن جي رجمينٽ لائين لڳل، ته چمچن، ڪپگيرن ۽ ٽڦڻين جو لشڪر ٻي طرف. ڪنا دانگيون توا ٿوٻيون چلھين تي سوار. برنين ڪولن ۽ پيالن پليٽن جو ته ڪاٿو ئي ڪونه آھي. شابس آھي ڳوٺاڻين ماين کي، جي لنگر جو چرخو چلائينديون ٿيون رھن. مارئي به بنديخاني ۾ ويٺي ورلاپ ٿي ڪيا ۽ ڪو ويٺي ڏيڊ مڻ اٽو ته نه ٿي ڳوھيائين. سسئي ڏينھن پھڙ ٽڪر ٽاڪيو ۽ فقط پير پٿون ٿيس ته رڙيون ويٺي ڪيائين ته ”او مونسان جبل ٿو جاڙون ڪري.“ ليڪن آفرين صد آفرين انھن مائين کي جو سارو ڏينھن ڍور جيان وھندي مھدي شاھ جي مانين ۽ ٻوڙن سان ڳن ڏينديون رھن ٿيون!
سائين جون مشغوليون روزه نماز علاوه مھمانن جي خوش آمديد ۽ ٻار پرچائڻ آھي. پنھنجي اولاد کان بي نياز آھي، پر پنھنجي عزيزن خويشن ۽ نوڪرن چاڪرن جو چڱو ٽٻر ساڻ ھوندو اٿس. ٻارن جا ولر واريون ويٺا ھوندس، ويٺو کين ريجھائيندو يا ساڻن رانديون ڪندو. جيستائين نماز جو وقت ٿئي يا وري ڪو بختاور مھمان اچي سھڙي. اڇو ململ جو سنڌي چولو، گليءَ ڌوتل جھولدار سٿڻ، سڌي سادي سفيد مختصر ٽوپي، مٿي تي ۽ سنڌي جتي پيرن ۾. موڪري ڪشادي ڪرسي تي ٽيليفون پاسي ۾ ڪيو ويٺو رھندو ته مبادا ڪنھن دوست جو ماني موڪلڻ لاءِ نياپو اچي. ويھارو ٽيھارو گھر ته اھڙا به آھن جتي سائين جي گھران يا روزانه ڪچو سيڌو ويندو آھي يا پڪل ماني. ٻاھرين مھمانن کان علاوه ھڪ ٻه ٽولا مقامي مھمانن جا اھڙا به سائين وٽ ايندڙ آھن جي سندس ماني کائي پوءِ سندس ٽيليفون تي لاھور، پنڊي پشاور ارجنٽ ٽرنڪ ڪال ڪري ڏھ ڏھ منٽ مجلسون ڪري ھليا ويندا آھن. سائين جو ٽيليفون جو بل درماھو منھنجي ماھياني پگھار کان ٻيڻو ٽيڻو ايندڙ آھي ۽ آءُ به ڪو پٽيوالو نه آھيان.
ماني کارائڻ گڏ سائين پنھنجي ماني ٻارھوئي پرھيز جي، پر چڱي کائيندو آھي. ھي سندس خوش قسمتي آھي جو اڃان سوڌو کيس ڪنھن جي نظر نه لڳي آھي. سائين ويٺو مشڪندو ۽ مرڪندو، اگر ڪراڙو ٿيڻ واقعي ھڪ آرٽ آھي ته شاھ صاحب ھڪ بھترين آرٽسٽ آھي. اسان جا ٻيا وڏڙا سٺ ٻاھٺ اچڻ بعد، اھڙا تيڪ ۽ تيسي باز ٿيو پون جو ساڻن ڳالھائڻ ته درڪنار پر اسلام عليڪم چوڻ تي به گارين کان بچڻ ھڪ مشڪل معاملو آھي. سائين سان مذاق ڪيو، چٿرون ڪيو ۽ ھنج ۾ ويھوس ته به ويٺو ٽھڪ ڏيندو.
ٻڌو اٿم ته سائين ڪتا به پاليندو آھي. ٿي سگھي ٿو. ھي ھڪ لازمي چيز آھي. جنھن انسان جو ھر انسان سان ايترو انس ھجي ته ھي ڪيئن ممڪن آھي ته ھو انسان جي بھترين جاندار دوست کي نظر انداز ڪري سگھي ٿو. ٿي سگھي ٿو مھدي شاھ ۾ اھڙيون ٻيون به ڪي خاميون ھجن. ضرور ھونديون. آخر ته ھو انسان آھي. ھر انسان خطا جوگھر آھي ۽ خطا کان خالي فقط الله جي ذات آھي ۽ سائين ذات جو سيد آھي. ليڪن قسم مونکي سچي سيد جو، ته مونکي منجھنس ڪا ڪوتاھي نظر نه آئي. شايد اھي پسي سگھن جن جي اکين تي الٽا چشما پيل ھجن. جيستائين سندس نج سون جي دل، سنڌ ۽ سنڌين لاءِ بي پايان والھانه محبت ۽ ھر مھمان جي دل جي خلوص سان خدمت جو تعلق آھي ته سائين تاڃي پيٽي پَٽُ آھي. مونکي ته سائين، سچي ڳائي گھه ۽ سچي خالص ماھي کير مثل ھڪ نج ۽ سچو سنڌي نظر آيو.