آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

  مرزا فضل حسين

شھري ماڻھو وٽ پئسو ۽ عقل آھي، ۽ ڏيک ويک به آھي، پر الاجي ڇو مون کي سڀ سکڻا، ٻارڙا ۽ بي سرا لڳندا آھن. ٿي سگھي ٿو ته اھڙي سمجھه ۾ منھنجو قصور ھجي. منھنجي ننڍپڻ گذري ننڍڙن واھڻن ۾. جيئن ته کنڀڙا جتي آءُ ڄايس. ڳڙھي ڳاھيچه ۽ دودو ڳوٺ جتي نيپاڄ ٿيم، ۽ پير ڳوٺ جتي آءُ پڙھيس. واھڻن ۾ ھر وھنوار واسطو آھي سريلي ۽ رس ڀرئي آواز سان. چوپائي مال جي ٽلين ۽ گھنگھرن جي ڇم ڪار کان وٺي ڇڄ جي ڇيڄ تائين، وري ائٽ ائٽ جي رون رون کان ويندي امڙين جي لولين ۽ ڌنارن جي جھونگارن تائين اوھان کي راڳ رس جو وزن بحر ۽ سر ميسر ٿيندو. شايد اوھان سانگي سان، ڳوٺاڻين مائين کي اکري مھريءَ ۾ ساريون ڇڙيندي، جنڊ پيھندي يا کوه تان ٽي دلا، ٻه مٿي تي ٻيلھه ۽ ٽيون ڪڇ تي کڻي ايندي ڏٺو ھجي. صدقو ان لوڏ تان. ٻانھينءَ واري ھٿ جو ڇنڊڪو، نٿ واري نڪ ڪو موڙو ۽ جھانجھرن واري وک جو لھروئي ڪجھه اور آھي. آءُ گھوري ان گھمڻ تان. اھو مور وارو ٽلڻ بوري بزار ۾ ڪٿي. شھر ۾ عورتون ائين ٿيون گھمن ڄڻ کيسي ڪتريندڙن کان پاڻ ٿيون بچائن. شاھي بزار حيدرآباد ۾ ته عورت ائين ٿي ھلي ڀانئن ته ڪٻر لوڙھي ۾ پيئي ٿي ڦٿڪي. ڳوٺاڻن جو ڪانڀو ٻڌي حالي احوالي ٿيڻ ته ڏسو. گاڏي يا گاڏي ھڪلڻ وارن جو ڪن تي ھٿ رکي الوميان ٻڌو يا ڌنارن جو ڪلھن تي لٺ رکيئي ٻيئي ھٿ مٿس اٽڪائي گھمڻ ته ڏسو!
الله اڪبر. اھي لستون اھي چسڪا اھو وٺي سگھندو جنھن ڍنڍ جي ماٺيڻي پاڻيءَ ۾ پکين کي ترندو ۽ تڙڳندو ڏٺو ھجي يا وري ڪونجن جي قطارن کي گونجندو ٻڌو ھجي.
اصل ڳالھه آھي سُر تار جي. جي راڳ رس رڳ رڳ ۾ سمايل آھي ته پوءِ جسم ھالن جي ھندوري جيان پيو جھولندو ۽ جھومندو توڙي جو ماڻھو کٽ پيو واڻيندو، ۽ جي عورت، ته اٽو ڳوھيندي به ائين لڏندي ڏٺي ويندي ڄڻ لاڏو ٿي ڳائي. پر جي اندر ۾ ھونديون ئي اڳڙيون ته ٻاھر جھلڪ به ھوندي ڇڳل وھاڻي جي يا وري پراڻي رلھيءَ واري. شھرن ۾ آھي رڪشائن جو وڳوڙ ۽ موٽرن جي غرغراھٽ. جن جا اندر ملاوٽ ۽ پلاٽن واري ڳڻتين جي روڳ ۾ آھن اڏھيءَکاڌل. سندن شڪل ڏسندي ئي معلوم ٿيندو ته ڄڻ کنڊ جا جھاز ٻڏي ويا اٿن. اھڙي سر تار جي ڏيوالي واري ماحول ۾ ھڪ ڳوٺاڻي ذھن جو گذارو ٿئي ته ڪيئن؟ جيسين وڃي ھو ذوق وارن جي پناري پوي جي کيس سھارو ڏيڻ جي سخا ڪن. اھڙن جو دم غنيمت ھيو ورنه زندگي ته ھونئن به گذري وڃي ھا پوءِ ويڳاڻي اٻاڻڪي ۽ بي مزي ئي سھي. ان ڏس ۾ جن جوڳين منھنجي رھبري ۽ رھنمائي ڪئي انھن ۾ سرفھرست آھي مرزا فضل حسين صاحب!
مرزا صاحب سان منھنجي ڏيٺ ويٺ اڄ کان ٽيھارو سال اڳ ٿي جڏھن مرزا صاحب کي سکر ٽاور لڳ بندوقن جو شاھي دڪان پاڪستان آرمنري ھيو جنھن ۾ ھٿيارن جي وڪري کان وڌيڪ ناياب ۽ اوچي قسم جي بندوقن ۽ رائيفلن جي مرمت جو ڪاروبار پڻ ھلندڙ ھيو. ھٿيارن جي ڪاريگري مرزا صاحب جو آبائي پيشو آھي ۽ جنھن سلسلي ۾ سندس وڏڙا پنج پيڙھيون اڳ، شايد ميرن جي زماني ۾، سيالڪوٽ کان لڏي اچي سکر ۾ آباد ٿيا ھئا. منھنجي نه فقط ساڻس نيازمندي آھي پر آءُ سندس انھن اڻ ڳڻت عاشقن ۾ ھڪ آھيان جي سندس درويشي، انسان خدمت ۽ فن جي ڪماليت جا قائل آھن. گھٽ ۾ گھٽ مون سندس پايه جو علم موسيقي ۽ علم ھئيت يعني علم نجوم جو ڄاڻو پنھنجي زندگي ۾ نه ڏٺو آھي. توڙي جو مون به اڌ صدي عمر کان وڌيڪ وقت ماڻھن جي ڳولا ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مٽي ڇاڻي آھي ۽ آءُ ڪو فقط چڙيا گھر ۽ ڀوتخانن جا چڪر ڪاٽيندو ته نه پئي رھيو آھيان.
مرزا صاحب لاءِ موسيقي ۽ جوتش جو علم پرائڻ ھڪ عجيب اتفاق يا اڃان به حادثه ھيو. ڇاڪاڻ ته سندس خاندان جا مربي شريعت جا سخت پاپند ھئا ۽ سندن نقطه نگاه کان اھي ٻئي فن دين جي دائره کان ٻاھر نڪتل ھئا. اھو حادثو ھي ھيو جو مرزا صاحب کي جوانيءَ ۾ دل جي تڪليف پيدا ٿي جنھن جي علاج لاءِ ڊاڪٽرن دوا سان گڏ کيس ھي ڏس پڻ ڏنو ته ھو پاڻ کي اھڙين مشغولين ۾ رنڀائي رکي جي کيس دل جي وھم ۾ مبتلا ٿيڻ کان دور رکن. ھي ھڪ نھايت دورانديشيءَ وارو مفيد مشورو ھيو ورنه دل جي بيمار جي آخر حالت وڃيو ھڪ سودائيءَ جي ٿئي، جو يا ته پنھنجي ڪرائيءَ تي ھٿ رکيو نبض جا ڌڪ ڳڻيندو رھي يا وري رت جو دٻاءُ چڪاسيندو وتي. اھڙي صلاح تي عمل ڪندي مرزا صاحب موسيقي ۽ ستارن جي سائنس ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.
ملاقات واري گھڙيءَ کان ويندي چار سال پوءِ، سکر کي الوداع چوڻ تائين اھو ڏينھن ڪو ڏاڍو چنڊو ھو، جو مون مرزا صاحب وٽ ٻه ٽي ڀيرا وارو ڦيرو نه ڪيو ھوندو. نه فقط واندڪائي جي وقت، پر سعيو ڪري فرصت ڪڍي وٽس وڃي فرحت وٺندو ھيس. مون کي سندس ويجھڙائيءَ ۾ اھو ڪجھه حاصل ٿيندو ھيو جو ٻين کي درياھ جي ڪنڌي يا پھاڙ جي چوٽي تي ويھڻ ۾ ٿيندو آھي. ڪن انسانن جو وجود پڻ مسجد نبويءَ جيان آھي جتي پناھ وٺڻ سان ھن جھان جي جملي جھنجھٽ ڪافور ٿي وڃن ٿا. ۽ جتي پناھگير پاڻ کي ھر بلا کان محفوظ سمجھي ٿو. ان تسڪين جو طالب آءُ اڪيلو ڪونه ھيس. مرزا صاحب وٽ ھر وقت ماڻھن جي اچ وڃ جاري ھئي، جن ۾ اڪثريت انھن جي ھئي جي مون جيان پريشانين کان عاجز اچي چڪا ھئا. مون ڪڏھن به ڪنھن به سائل يا سواليءَ کي مرزا صاحب وٽان خالي ھٿين ويندو نه ڏٺو. بقول منھنجي مرحوم دوست مظفر جي، مرزا صاحب يا ته سون ٺاھيندو ھيو يا وري مصلي ھيٺان غئبي آمريڪي ايڊ کڻندڙ ھيو.
اھا پوري ۽ پڪي پروڙ ھيم ته موسيقيءَ جي ڄاڻ ۽ مھارت گڏ مرزا صاحب کي علم نجوم تي پڻ ڪافي دسترس ھئي. وٽس پري پري جا پانڌيئڙا اچي ڏس پتا وٺي واپس ورندا ھئا. ڇاڪاڻ جو منھنجو انھن ڳالھين ۾ ويساھ گھٽ ھوندو ھيو، ان ڪري اھڙي بحث ۾ ڪا دلچسپي نه وٺندو ھيس. ٻه چار دفعا ته اھڙيون اڳڪٿيون، ڪيائين جو آءُ ڏڪڻيءَ ۾ پئجي ويس. ڪجھه عرصي بعد انھن پيشنگوين کي پورو ٿيندو ڏسي آءُ وڌيڪ پريشان ٿيندو رھيس. منھنجو ته ايمان ھي ھيو ته ”غئب جي گدو چوي خبر خاوند کي.“ موت ۽ مقدر واري لکئي جي انساني علم ۽ عقل وسيلي ڄاڻ ھئڻ ۾ يقين ئي ڪونه ھيم. ھڪ ڏينھن مصر جي ڪرنل نجيب جي تصوير اخبار ۾ ڏسي مرزا صاحب چيو ته فقط ٻن ھفتن جو مھمان آھي ۽ وچان ئي ٻيو ڪو ڪرنل پارو ۾ ايندو. ڏُھين ڏينھن تي ريڊيو تي خبر آئي ته نجيب کي لاٿو ويو آھي. ساڳي ريت خان لياقت عليءَ بابت سندس اڳڪٿيءَ سچي ٿي. مون کي اڻتڻ ھميشه اھا رھي ته جيڪڏھن ڪنھن کي انھيءَ راز جي ٻاپوڙ پيئي ته مرزا صاحب جي بقايا زندگيءَ شاھدين ڏيڻ ۾ گذرندي. ھڪ ڀيري منھنجي ھميشره زھره بروھيءَ پنھنجي ھڪ ڪاليچي ڇوڪريءَ بنسبت مرزا صاحب کان پڇا ڪئي ۽ ان ڇوڪريءَ جو فوٽو به کيس ڏيکاريو. مرزا صاحب پھريون سوال ھي ڪيو ته ان ڇوڪريءَ کي منھن ۾ بدبوءِ ”پائرا“ جي بيماري ھئي يا نه جا ھڪ حقيقت ھئي.
1953ع ۾ مون خانگي ملازمت ڇڏي قرض کڻي ھڪ ننڍري پريس ڪانفرنس کولي ھفتيوار اخبار جاري ڪئي ته ويتر زماني جي جنجل ۾ چوکنڀو جڪڙجي ويس. سرڪاري ڏنڊ ڀريندي منھنجو ڏيوالو نڪري ويو. ڪامورن جي ڪاوڙ ۽ پوليس وارن جون سازشون ان کان الڳ ھيون. مرزا صاحب منھنجي مونجھه ۽ گھٻراھٽ کي اڻسڌي طرح دفع ڪرڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي. چيائين ته ڀائو ھي آرين جو ملڪ آھي ۽ تون آھين اڻ آريه يعنى اناڙي. تون پرايا جھيڙا پنھنجي ڳچيءَ ۾ ڇو ٿو وچڙائين؟ ھي قدرت جو ڪارخانو ڪو تون ۽ مون ته نه ٺاھيو آھي. قاضي ڄاڻي قيام ڄاڻي. پرائي ڄڃ تي تون ڇيڄ ڇا لاءِ تون وجھين؟ وڇ ڪڏندي آھي ڪلي آھر. تون پاڻ اٽي تي چٽي. وتين ٿو سرڪڻ ڦاھيءَ ۾ ڪنڌ وجھندو. ڪجھه ڪن لاٽار ۽ ڪجھه اک ٻوٽ کان ڪم وٺ. پر آءُ به ھيس جوانيءَ جي جنون ۾. پنھنجي ھڏ ۽ ھٺ تي قائم رھيس. شايد مون ھي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته فقط جھنگ واري جانور کي ڪنڌ ۾ ڪلي ٿوروئي ھوندي آھي مون کي به ھئي.
ماه مئي 1954ع جي آخر ڌاري مون کي خبر پيئي ته سنڌ سرڪار مون کي ۽ منھنجي اخبار ”منشور“ ٻنھي کي بند ڪرڻ جو قطعي فيصلو ڪيو ھيو ۽ فقط حڪم جي تعميل ٿيڻ جي دير ھئي. پاڻ ۾ وڌيڪ مقابلي جو ڀوتو نه ڀانئي، مون سکر ڇڏي ڀڄي وڃڻ جو سانباھو ڪري، الوادع ڪرڻ لاءِ مرزا صاحب وٽ وڃي حاضر ٿيس. حال احوال ٻڌندي کلندي چيائين ته ڀائو، فيصلو ته ائين ڪيو اٿئي، ڄڻ زندگيءَ کان جنڊو پاڙو لکائي ورتو اٿيئي. وڏو ڳھيلو آھين. چڱو ويھه ته اڄ تنھنجي جنم پتري ٿا جاچيون. اٿي دڪان جو دروازو بند ڪري، سامھون ويھي رھيو. ھي پھريون دفعو ھيو جو مون ڪڏھن ڪنھن جي اڳيان پنھنجي قسمت جي حال ٻڌڻ لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو ھيو.
نه ھٿ ڏنائين. نه ڄم جي تاريخ پڇيائين. اکيون بند ڪري حسب دستور نھايت جھيڻي آواز ۾ ڳالھائيندو رھيو. ”تون ته تياري ڪئي آھي ڀاڄ لاءِ. پر قسمت جي ڪاغذ ۾ ڪجھه ٻيو درج ٿيل آھي. توکي سرڪاري نوڪري ۾ ڏسان ٿو. نوڪري به تنھنجي ڏانءَ واري ۽ جنھن ۾ تنھنجي تڪڙي ترقي به ٿيندي. اڻويھه سالن تائين اھو ساڳيو سلسلو ٿو ڏسان. پوءِ جي خبر نه آھي ڇاڪاڻ ته ان بعد دونھون ئي دونھو نظر اچي ٿو.“ اھو دونھون منھنجي نصيب جي چمنيءَ جو آھي، مون ٽھڪ ڏيندي چيو. مرزا صاحب وائڙو ٿي مون کي ڏسڻ لڳو. مون کيس چيو ته مرزا صاحب. ”آءُ آھيان فقط مئٽرڪ پاس ڪيل. منھنجي عمر ھن وقت آھي 34 سال. آءُ ٻه دفعا جيل جي سزا کاڌل آھيان ۽ ھڪ دفعو بغاوت جي سنگين ڏوھ ۾. ھاڻ تون ٿو ڏسين ته سرڪاريءَ نوڪري ۾ آھيان، اھو سڀ تنھنجي مون لاءِ خوش فھميءَ سبب آھي. باقي دونھين واري ڳالھه دل سان برابر لڳي ٿي.
ان واقعي کان ڏھاڪو ڏينھن پوءِ يعني ترت ئي منھنجي قسمت ”لال ڦيڙي“ ڏيئي اوچتو پلٽو کاڌو جو خود ھڪ عجيب قصو آھي. پر ھن مضمون ۾ سربستي بيان ڪرڻ جي گنجائش خير ڪي آھي. قصو ڪوتاه ماه جون جي پھرين ھفتي ۾ مون کي خيرپور رياست ۾ نوڪري لاءِ آڇ ٿي ۽ ويھين جون ڌاري مون خيرپور ۾ اسسٽنٽ انفارميشن آفيسر جي چارج سنڀالي. 1955ع ۾ رياستن جي خاتمي کان پوءِ مغربي پاڪستان سرڪار جي ملازمت ۾ داخل ٿيس. چئن سالن ۾ ٻه چار ڏاڪا مٿي چڙھي ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿيس. پوءِ لاھور، ملتان، ڪوئيٽه ۽ ڪراچيءَ جا انفارميشن ڊاريڪٽر طور چڪر ڪاٽيندو رھيس. 1970ع ۾ ون يونٽ جي ڊھڻ تي صوبي سنڌ جي اطلاعات کاتي جو ناظم مقرر ٿي واپس وطن وريس. مرزا صاحب واري اڳڪٿي ته سچي ٿيندي رھي. پر ھاڻ اڻويھه سالن جي مدت ويجھي ايندي ان ”دونھين“ جي اڻتڻ اچي ورايو جو مرزا صاحب علم نجوم جي پڙدي تي ڏٺو ھيو.
1982ع جي مارچ جي مھيني ۾ نوڪريءَ کان نيڪالي ملي. ٽيٽي ٽٻڻي کڻي لڏي لطيف آباد جي ھڪ ڊٺل گھر ۾ اچي پناه ورتم. نوڪرين لاءِ در در جا ڌڪا ٿاٻا کائيندي، ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪندي پيٽ پاليندو رھيس. ڪجھه عرصو حبيب بئنڪ ۾ ھزار رپئي تي نوڪري ڪيم. پر جڏھن کين خبر پئي ته وڏي درگاه جو ڌڪاريل آھي ته انھن به ڪڍي ڇڏيو. آخرڪار ڪارخانن ۾ نوڪري لاءِ رلندو رھيس. مجبوري ھئي، اٺ ڀاتي کائڻ وارا ۽ ڇھه ٻار جي سڀ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙھندڙ. مالي حالت پٽڙي ھئي. لک گھر ۾ ۽ ٻه لک اوڌر. پھرين ٽئڪسٽائيل مل ۾ ۽ پوءِ پنجاب جي شگر مل ۾ نوڪري مليم. اھا وري ھئي ”ليگل ايڊوائيزر“ جي، يعني قانوني صلاحڪار ۽ منھنجي تعليم ھئي ميٽرڪ! اھا به ڳيتون ڏئي پاس ڪئي ھيم. جڏھن صادق آباد ۾ روز صبح جو اٿي شگر مل جو چڪر ڏيندو ھيس ته مون کي مرزا صاحب وارو دونھون برابر سمجھه ۾ اچي ويو. ڇھه سال سانده ان دونھين سان گذران ڪرڻو پيو. الله منھنجي جي قدرت! اٺ سؤ روپين تي نوڪر ٿيو ھيس. ۽ جڏھن نوڪري ڇڏيم ته منھنجي پگھار ساڍا ست ھزار رپيا مھينو ھئي ۽ ھر سال چوڏنھن بونس علحده ملندا ھيم ۽ ستن خانگي ڪارخانن جو قانوني صلاحڪار ھيس!
مرزا صاحب جي ٻين اڳڪٿين جو ھتي وچوڙ سان بيان ڪرڻ مناسب نه آھي ڇاڪاڻ ته انھن واقعن سان ٻين جي انسانن جي خانگي زندگي واسطو رکي ٿي. ان کان سواءِ علم نجوم يا علم موسيقيءَ جي ڄاڻ، مرزا صاحب جون تفريحي مشغوليون آھن نه ڌنڌو. منھنجي خيال مطابق مرزا صاحب جي قسمت تائين پھچ، علم نجوم جي بدولت نه آھي پر سندس روحانيت سبب. مرزا صاحب جي سموري زندگيءَ پاڪيزگي ۽ پرھيزگاري ۾ گذري آھي. نماز روزه ۽ تھجد گڏ ھو ۽ ان فھم ۾ به مالا مال آھي جنھن ذريعي نگاه کان ڪجھه اڳڀرو پسي ٿو سگھجي. خدمت خلق سندس عبادت جو ھڪ اھم حصو آھي. اڄ ڪلھه ضلع سکر ھلال احمر جو روح روان آھي ۽ ٻن اسپتالن جو ناظم ۽ نگران آھي. ھي سندس دعائن ۽ شخصيءَ دلچسپي جو نتيجو آھي جو اڄ سندس پنھنجي گھراڻه ۾ ستن کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون اٿس. جي سندس اجازت حاصل ٿي ته ٻي مضمون ۾ ڪجھه وڌيڪ احوال پيش ڪيو ويندو.
ھو جي رنڱ رنڱين سي کٽي کنڀ کڻي ويا،
اتاھون آڻين ماڻھو ميرا ڪپڙا!