مولوي شير محمد قريشي مرحوم
ميان احمد ڏھرڪيءَ جو ويٺل ھيو ۽ روزانه صبح جو پنھنجي پراڻي ڦٽ ڦٽيءَ تي چڙھي اوٻاڙھ پھچندو ھيو. آءُ سويري سندس دڪان کولي ڇنڊ ڦوڪ ڪري سونارڪا سنج سنواري ويھندو ھيم. جڏھن سندس ٻڌا گراھڪ جي اڳواٽ اچي دڪان جو در وٺندا ھوا تن کي به آٿٿ ڏيندو رھندو ھيس ته ”استاد“ اجھو ڄاڻ آيو ڪي آيو. منجھند ٽاڻي آءُ ڄام ڀنڀي جي بنگله لڳ واري قديمي مسجد ڏانھن وڃي مولوي صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو ھيس. ٽپھريءَ تائين جھلي به ڇڪيندو ھيس ۽ پنھنجو سبق به پڪو ڪندو ھيس. وري جي جھلڙيءَ جو وارو ٻيو ڪو وٺرائيندو ھيو ته آءُ مولوي صاحب جي پيرن کي مروڙا ڏيڻ ۽ مڪڙيون ھڻڻ ۾ جنبي ويندو ھيس. سومھڻي ويل واپس گھر اچي ڀيڙو ٿيندو ھيس.
بادشاھي الله جي آھي پر انھن ڏينھن اوٻاڙه ۾ راڄ ڄام ڀنڀي خان جو ھيو جو راجا ڏاھر جي والي وارث ھئڻ ڪري سرڪار کان اٺوڳ (مالي اپت جو اٺون حصو) وٺندڙ ھيو ۽ ڏھر قوم جي لٺ سردار پڻ ھيو. ڪامورن ڪڙن جي اچ وڃ وٽس جام ھئي. باقي غريب غربي جو وھڪرو مولوي صاحب جي رخ ۾ ھيو. مسجد ماڻھن سان ڇُلڪندي ھئي. ھڪڙيون بھيرون وينديون ھيون ته ٻيون سندن جڳھه والارينديون ھيون. سائين جي دوا، دم ۽ دعا سان گڏ ”ھٿ شفا“ جي ھاڪ ھئي. ھٿ ھميشه حاج ۾ ھوندا ھئس. بيمارن جي نبض شناسيءَ کان واندا ٿيندا ته وري بيڪسن ۽ بي سھارن جي دعا لاءِ اڀا ٿيندا. ڪي ته فقط اھا آس به کڻي پنڌ پوندا ھئا ته سائين جي ھٿين پٺي ٺپائي اچون.
ھٿن تي پرتا ڏسندي مون ھميشه ائين پئي سمجھيو ته دل يا دماغ ته فقط نالي ماتر انساني اڏاوت جا تھه خانا آھن باقي سخا ۽ شفا جي مڻيا ته انساني ”ھٿن“ ۾ سمايل آھي. چون ٿا ته قسمت جي ليڪون به ھٿ ۾ لڪيل آھن پوءِ ھي خبر نه آھي ته انسان جي ھٿ وس به آھن يا نه. الله نه ڀلائي ته سڪندر اعظم دنيا جو پھريون ماڻھو ھيو جنھن ان ڏس ۾ ويچار ڪيو ھو. چوي ٿو ته ”سنڌي“ دنيا جي اڪيلي قوم آھي جا پنھنجي ”زبان“ جو ڪم ”ھٿن“ کان وٺندي آھي، پوءِ ڪڏھن ھٿ ”اڀا“ ڪري ڪڏھن ”سيني تي ڌري“ ۽ ڪڏھين وري ٻيئي ”ھٿ جوڙي“.
ارسطوءَ جو چوڻ آھي ته ”خوبصورتيءَ“ پنھنجي سر ھڪ بھترين سفارش آھي. برابر ھوندي. پر ڪنھن کي پيرائتي ۽ سربستي سونھن عطا ٿيندي ته ڪنھن ڪانه ڏٺي. ھونئن به قدرت پنھنجي حسن جي خيرات قناعت سان ڪندي رھندي آھي ۽ ڪو ونواه جي ٻُڪي جيان ٻڪ ڀري ته ڪونه ورھائيندي آھي. ائين نظر وڍاڻيءَ خاطر ڪنھن جي تريءَ تي ڪو داڻو ڪڻو رکندي آھي. پوءِ ڪنھن کي ”اکيون رب رکيون“ ته ڪنھن کي ”ڏند دلبند“ اھڙو بختاور ڪو لکن ۾ ورلي جنھن کي ڀنڊارو ڀري ورسايو ھجيس. سائين به ھڪ اھڙو خوش نصيب ھيو جنھن کي ھڪوار ڏٺي ڇرڪ نڪري ويندو ھيو. امالڪ اکيون مھٽڻيون پونديون ھيون ته خواب ھيو يا ساڀيا. ھي ته سندس جلوو ھيو سٺ سال عمر ۾. جھلڙي ڇڪيندي مون به سائين جي سونھن تي اکيون ڏاڍيون سيڪيون. جڏھن پاسي ورائي آرامي ٿيندا ھوا ته منھنجون اکيون وسامڻ جا پھه پچائينديون ھيون. ڪنھن ٻڌايو ھيم ته الله وارن جي سڃاڻ ڪرڻي ھجي ته سندس پٺيءَ پوئتان ڪا آيت پڙھي وڃي ته ھڪدم کين ڄاڻ ٿيندي آھي. ڇاڪاڻ ته اھا الله جي ڪلام جي بي ادبي آھي. مون به ان نسخي کي آزمائيندي سائين کي سک سمھڻ نه ڏنو. ڪڏھن ته ڇرڪ ڀري ويھي رھندو ھو. مون کي ان زماني ۾ اھا خبر خير ڪانه ھئي ته سائين ساري رات جاڳي سبحان ساريندو آھي.
عام ماڻھو پنھنجا ڏک سوڙ سھيڙي ۽ سھڪندي اچي وٽس دم پٽيندا ھوا. ڪي ته دل جا غبار ڪڍندي ڪڪر جيان ڦسي پوندا ھوا. سائين وٽ دم دلاسا ۽ دعا جي ڪا کوٽي ڪانه ھئي. ”الله خير ڪريسي“ جي ڌم متل ھوندي ھئي. ڪڏھن ڪنھن سان ڪؤڙي منھن پيش نه آيو ۽ نه وري ڪڏھن سندس پيشانيءَ تي ڪو گھنج يا گھنڊ آيو. سواءِ ھڪ دفعي جي، جڏھن ھڪ ڏسڻو وائسڻو ماڻھو وٽس اچي ھڪ عجيب و غريب جو سوال ڪيو. احوال اوريندي چيائين ته سائين، منھنجي ھڪ پياري دوست تازو عشق ۾ شادي ڪئي آھي. پر بدقسمتي سان ھاڻي ٻنھي زال مڙس وچ ۾ رنجش پيدا ٿي آھي. ھاڻي عرض ھي آھي ته اوھين مون کي اھڙو تعويذ لکي ڏيو جيئن منھنجي دوست جي گھر واري مون سان ٺھي وڃي ته پوءِ آءُ کيس ويھي سمجھايان ته ڏاھي ٿيءُ ۽ مڙس سان ڇا لاءِ ٿي رُسين. مولوي صاحب جي منھن جو رنگ ٽامڻي ھڻي ويو. پر پاڻ تي ضبط ڪري ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪندي فقط ايترو فرمايائين ته ”ابا باقي دلالي ڪنھن کون آکندين؟ الله تسان ڪو ھدايت ڏيوي. مين ھڻ ڪي آکان.“
اڪثر وٽس اٻوجھه ۽ سادا سودا ماڻھو ايندا ھئا. ھڪ ڀيري ھڪ ڌونڌو ذات جو ماڻھو پنھنجي بيمار ڀاءُ لاءِ دوا وٺڻ آيو جو ٻن ھفتن کان سخت بيماري ۾ مبتلا ھو. مولوي صاحب حال ٻڌي نسخو لکي کيس ڏنو ۽ کيس ترڪيب سان گڏ رک پڻ ڏسي. ڌونڌوءَ پڇيو ته ”سائين دوا ڪنھن ڪنون گھنان؟“ سائين سمجھايس ته بزار ۾ سانول ۽ طوطو مل ٻه پساري ھئا ۽ ڪنھن به ھڪ وٽ وڃي دوا وٺي. . چي ”پڇي ڪيوين ڪران“ سائين وري ٻڌايس ته پڙين کي پاڻيءَ ۾ پسائي ۽ ٽھڪائي جڏھن پاءَ پاڻي بچي ته ٻه ويلا ڪري بيمار کي پياري ڇڏ. ”پڇي ڪنھن ڪنون گھنان؟“ پڇي ڪيوين ڪران؟ اھي سوال وري وٽيءَ تي ڪلاڪ کن پڇندي ڌونڌوءَ سائين کي ٿڪائي ڇھه ڪري ڇڏيو. پر مولوي صاحب مرڪندي ھر وار حيلو وسيلو ٻڌائيندو رھيو. ھفتي ڏيڊ بعد ساڳيو ڌونڌو پاڻ سان پتاشا کڻي اچي مولوي صاحب جو منھن مٺو ڪرايائين ۽ مبارڪ به ڏنائين ته سائين بيمار بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. مولوي صاحب مرڪندي سندس سوال ورجائڻ شروع ڪيا . ”ڪنھن ڪنون ڳڌءِ؟“ پڇي ڪيوين ڪتوءِ؟ سائين تسان جھڙي چٺي ڏني ھا اونڪون پاڻي وچ ٽڪا ٽڪا ڪر ڀراءُ نون پلا ڏتم.“ معلوم اھو ٿيو ته ڌونڌوءَ مورڳو دوا ورتي ئي ڪانه ھئي ۽ فقط نسخي کي پاڻي ۾ ٽھڪائي مريض کي پياريندو رھيو. رب مٺي جي قدرت. بخار غائب ٿي ويو. رب جن سان جيڏو تن سان تيڏو.
ھڪ ڏينھن ڏٺم ته ڪو ماڻھو مسجد جي دريءَ ٻاھران ليئا پائي وري ھليو ٿي ويو. پھر پلڪ کان وري ٻيھر اچي واجھائي واپس ٿيو. آخر ٻنھپرن جو سائين کي اڪيلو ڏسي اندر گھڙي آيو ۽ مون لاءِ به مرضي ھيس ته جيڪر ھليو وڃي ته بھتر. آءُ بي حيائي ڪيو جھليءَ کي زور سان ڇڪيندو رھيس. اچڻ شرط سائين جي قدمن تي ڪري زارو زار روئندي احوال وريائين ”سائين مون سان وڏي ويڌن آھي.“ جڏھن به آءُ ڪنھن مسلمان لاءِ ٻڌندو آھيان ته کيس ڀاڳ بخت وارو ڏنو؛ کيس مال ملڪيت ملي آھي، يا کيس سونھري ڀري سھاڳڻ پلئه پيئي آھي يا اولاد صالح اٿس، ته مون کي روحاني تڪليف شروع ٿيندي آھي. سمورو وقت جلندو پچندو ۽ کامندو رھندو آھيان. اھو ساڙ ۽ حسد فقط مسلمانن لاءِ آھي باقي ٻئي ڪنھن دين ڌرم واري کي بخت ڀڙائي ته مون کي ڪا ڪوفت نه ٿيندي آھي. مولوي صاحب سندس لاءِ دعا جا ھٿ کنيا ۽ کيس وظيفو به ڏسيو. وڃڻ وقت کيس ڳراٽڙي پائي پنھنجي سيني سان لڳايائين. کيس مبارڪ ڏيئي چيائين ته ھو مومن ھيو جو کيس پنھنجي ڪدورت جو احساس ھيو ۽ اھڙي احوال ڪرڻ جي جرئت به ھئي، ورنه ھن زماني جي گھڻن مسلمانن جي دلين جي روئداد ساڳي آھي.
مولوي صاحب جو وڏو ڪرشمو ھي ھيو جو پوليس وارا جي عام طور بي پير ۽ بي مرشدا سمجھيا ويندا آھن سي سڀ سندس سڳي ڌاڳي ۾ ھوا. نه فقط اوٻاڙه، ڏھرڪي يا ميرپور ماٿيلي جي پوليس. پر سموري سکر ضلعي ۽ سنڌ جي اڪثر پوليس سندس مريد ھئي. ھي اھو زمانو ھيو جڏھن نه فقط پوليس ٿاڻن ۾ مسجدون تعمير ٿيڻ لڳيون پر نمازين سان ٽمٽار ڏٺيون وينديون ھيون. پوليس وارن تي ڪا آپدا آئي ته کين ڄاڻ ھوندي ھئي ته سندن داد فرياد ڪٿي ٿيندو.
ھڪ ڀيڙي اوٻاڙه ٿاڻي جا پوليس وارا بابي مرحوم جي اڳواڻيءَ ۾ مولوي صاحب وٽ اچي عرض ڪيائون ته سندن ضلعي سکر وارو ڊي ايس پي صاحب ڪنھن انڪوائري جي سلسلي ۾ اوٻاڙه اچڻ وارو ھيو. اھو ڊي ايس پي (جنھن جو نالو پرتاب راءِ ھيو پر پوليس وارا حقارت کان کيس پيشاب راءِ سڏيندا ھئا) اھڙو ظالم عملدار ھيو جو جتي منزل انداز ٿيندو ھيو ته اڌ کان گھڻي ٿاڻي کي سسپينڊ ڪري ڇڏيندو ھيو. وفد پاران دعا جي التجا ڪئي ويئي ته جيئن اھو نڀاڳو اوٻاڙه نه اچي. مولوي صاحب پنھنجي دستوري ”الله خير ڪريسي“ چئي کين دلداري ڏيئي واپس ڪيو. ٽئين ڏينھن ساڳئي وفد وري اچي مولوي صاحب کي اطلاع ڏنو ته ھو ڪمبخت سکر کان ريل ۾ چڙھي چڪو ھيو. سانجھيءَ ٽاڻي وري ٻه پوليس وارا سھڪندي اچي سائين کي ٻڌايائون ته ڏھرڪيءَ کان ٽانگي ۾ چڙھي اوٻاڙه پھچڻ وارو ھيو. مولوي صاحب غضب ناڪ ٿيندي چيو ته ”الله ڪريسي نڀاڳا اٿي نه آسين.“ رات جو پتو پيو ته پرتاب راءِ جو ٽانگو ڏھرڪيءَ کان ٽن ميلن جي پنڌ تي اونڌو ٿي پيو ھو ۽ سندس ٽنگ ٽن ھنڌان ٽڙڪي پيئي ھئي ۽ ھو پاڻ کڻائي واپس ريل ۾ سکر ويل ھيو. ٻئي ڏينھن تي سڀئي پوليس وارا سائينءَ جي حضور ۾ آيا. باغ بھار ھئڻ جي ڪري سڀني جا چھرا سرھا ھا پر ڪڇيو ڪنھن به ڪونه. فقط ھڪ فقيري نالي پوليس واري سائين کي عرض ڪيو ته ”سائين ھڻ ايجھي دعا ھووي جو ڪوئي فقير منش دال کاوڻ والا بندا ڊي ايس پي بڻ ڪي آوي“ سائين مرڪي پڇيو ته ”ابا ڪھڙي دال کاوڻ والا آوي، منڱان دي يا چڻان دي دال.“ فقيري چيو ته ”سائين چڻيان دي دال والا آوي.“ ڏيڊ ھفتي کان پوءِ ھڪ نئين ڊي ايس پي صاحب جو آرڊر ٿيو جنھن جو نالو ته چرنجي لال ھيو پر اوٻاڙه ۾ ” چڻن جي دال“ جي نالي سان مشھور ھيو. ھو ھڪ درويش صفت ھمدرد ۽ ھڏڏوکي عملدار ھيو جنھن جا ڳڻ اڄ ڏينھن سوڌو پيا ڳائجن.
آخر اھو سمون به آيو جڏھن اوٻاڙه پوليس باجماعت مولوي صاحب جي بيعت ڪري رشوت حرام خوري ۽ ظلم کان توبه تائب ٿي ايمانداري ۽ عبادت ڏانھن رجوع ٿي. سال ڏيڊ جي عرصي اندر سندن زندگيءَ ۾ عجيب انقلاب اچي ويو. بوسڪي ۽ ھرک جي پوشاڪ جي جاءِ کٿل خاڪي قميص، نيري پٽڪي ۽ ڇڳل بوٽن ورتي. سندن وڏا شاھي پيٽ، جي انھن ڏينھن معتبريءَ جي نشاني سمجھيا ويندا ھوا ۽ جن تي ڪمر پٽو مشڪل سان ڇڪي تاڻي ٻڌبو ھو، اھي سسي وڃين پٺين سان لڳا. سرڪاري گھوڙا جي اڳ وچ کنڌي جي داڻه تي مچي مچ ٿي پيا ھوا سي اھڙا ڏٻرا ٿي ويا جو سندن پاسريون آنڱر تي رکي ڳڻجي ٿي سگھيون. پوليس وارا جي اڳ پنھنجن شھپرن کي تاءُ ڏيئي ٻين جي ڏاڙھي پٽ ڪندا ھوا تن گبر قسم جي مڇن ۾ ڪئنچي وجھي سُنتي سونھاريون رکيون. ھاڻ سندن چھرن تي ظلم جي رعب ۽ دٻدٻي بجاءِ ماڻھپي واري رونق وري واپس آئي.
روزانو ھڪ نه ٻيو پوليس وارو ڪڪڙيون ۽ ماکي جا شيشا ھٿن ۾ کڻي مسجد ۾ ھي پڇڻ لاءِ ايندو ھو ته قبلا ھي سوکڙيون مٿن زوريءَ مڙھيون ويون آھن ۽ اسين وٺون يا نه؟ مولوي صاحب مرڪندي فرمائيندو ھو ته ”ابا ڪڪڙي شڪڙي مالڪان ڪو ولا ڏي ڇوڙ، باقي ماکي تسان ڪو مباح ھي.“ جڏھن ڪڪڙيون پوليس ٿاڻن تان صحيح سلامت ۽ ثابت مالڪن کي واپس ملنديون ھيون ته ماڻھو ته ڇڏ پر خود ڪڪڙين کي به حيراني ٿيندي ھوندي. امن امان واپس وريو. چورن چوري ڇڏي. واڻين ۽ بزار جي دڪاندارن جو ڀاڳ کليو. استاد ميان احمد سونارو جو چوريءَ جي ڊپ کان سون چاندي اسان جي گھر امانت رکي ويندو ھو تنھن پنھنجي دڪان ۾ مال رکڻ شروع ڪيو. ماڻھن جا ڪڪڙ ۽ ڇيلا ڇيڪ گھمندا رھيا. اڄ اھو حال آھي جو ڪڪڙ جتي ٻانگ ٿو ڏئي ته ٺڪ ڪونه ڪو پوليس وارو بندوق ۽ وارنٽ سوڌو جاءِ واردات تي جاچ لاءِ پھچي وڃي ٿو، جيستائين ڪڪڙ خودڪشي ڪري سندس پيٽ ۾ آرو نه ڪري. ڪڪڙ ته ڇڏ پر ماڻھو ڪاريون، لاريون ۽ ريل کي به پٽڙيءَ تان لاھي گم ڪري ٿا ڇڏين. نه آھي ملڪ ۾ خدا جو خوف ۽ نه وري مولوي صاحب!