آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

  شانتي امان

قدرت جڏھن به ڪنھن انسان کي جڳ جھان ۾ ”سرخرو“ ڪرڻ لاءِ چونڊيندي آھي ته ساڻس ڀلايون ڀال به دل وجان سان ڪندي آھي. سڀ کان اول مٿس اھا نوازش ٿيندي آھي ته کيس ڀڙڀانگ ويرانيءَ جي ڪنھن گمنام گھراڻي ۾ جنم ڏنو وڃي. پوءِ وري ستت ئي ان ابھم کي سندس اجھي آسري، پيءُ ماءُ جي ڇپر ۽ ڇانو کان نراس ڪندي آھي. تنھن کان پوءِ ٻار جي باقي تربيت شروع ٿيندي ”غربت جي مڪتب ۾ .“ جئن ڀلي ھو ڏک ڏوجھرن، بک بيماري ۽ سردي گرمي سھڻ واري سائنس جو علم پرائي، مر ڀڙ ٿئي. اھو قدرت جو اڻٽر اصول آھي ته ھوءَ برائي کي ڀلائي جو ڪچو مال ڪري ڪتب آڻيندي آھي. اھڙي ڦڏي ۽ ڏجي واري سکيا ڏيڻ ۾ سندس نيت صاف ۽ شفاف ھوندي آھي. توڙي جو سندس شروعاتي پير ڏنگا، اڻانگا ۽ اڍنگا ھوندا آھن. پر آخر ڪنھن موڙ تي اچي پوءِ قدرت، ڦڙتي کائي، دائي مائيءَ جيان پنھنجا رت ٻُڏا خوني ھٿ ڌوئي پوئي، سندس جھولي”سڦلي ۽ سجائي“ زندگي سان سائي ڪندي آھي. تھان پوءِ اھا مثال زندگي، سموري انسان ذات لاءِ ھڪ سنئين سڌي ۽ سوجھري واري وٽ ٿي پوندي آھي. جنھن لاٽ جي ڏس ۾ ھر پانڌيئڙو پنھنجي گينواري زندگي سنواري ۽ توڙ رسائي کيس ڪارگر ۽ سڪارتو ڪري سگھي ٿي.
شانتي امڙ جي ھن دنيا ۾ داخلا به ھوبھو ائين ٿي. راجپوتانا جي جھالا واڙ واھڻ جي ھڪ مسڪين راجپوت گھراڻه ۾ جنم ورتائين. يارنھن مھينن جي ھئي ته پيءُ لاڏاڻو ڪري ويس. پوڻن پنجن سالن جي مس ٿي ته ماءُ به موڪلائي ويئي. نانيءَ پنھنجي ڏڪندڙ ھٿن ۾ ڏوھٽيءَ کي سنڀاليو ۽ پاليو. پر اھا پوڙھي به ڌي جي مئي ويٺي ھئي حياتيءَ کان رُٺي. مٿان پرلوڪ کان آيس نياپو ته اٿي کڙي ٿي. پرڏيھي پيڪن ۾ وڃي دم پٽيائين. اھڙي نموني شانتي ھڪ پيتلي گھاگھر جيان ھڪ بازوءَ کان ترڪي ٻئي ڀاڪر ۾ ۽ ٻي ھنج کان کسڪي ٽئين منجھه رسندي رھي. پر ھاڻ ته نه اھي ھٿ رھيا ۽ نه ڪا ھنج. سنسار جا سڀ سھارا اسي چڪا ھئا. ايشور جي عجيب مايا ھئي. عجيب ته شانتي پاڻ به ھئي. جنھن وٽ ٿي ويئي ۽ جنھن ھنڌ ٿي ويئي اتي ”اوم شانتي“ ڇانئجي ويئي.
نانيءَ ويئي شانتيءَ لاءِ جھالاواڙ ۾ باقي ڪو مٽ مائٽ پاڇي نه بچيو جو سندس پرگھور لھي يا پالنا ڪري. آخر سندس ماسيءَ کي ننگ پيو جا احمد آباد (گجرات) ۾ رھندڙ ھئي. تنھن کيس وٺي آڻي پاڻ وٽ گڏ رھايو. ان وقت شناختيءَ ڪارڊ جي عمر بمشڪل ست اٺ سال ھئي. انھن ڏينھن اھا عمر محنت مزدوريءَ لاءِ مناسب سمجھي ويندي ھئي. آخر شانتيءَ ھڪ مزدور لوڪ گھر جي يتيم ڇوڪري ھئي. ڪو وارثن واري سڪيلڌي ٿوروئي ھئي جو ويھي پينگھه لڏي يا گڏي گڏن سان کيڏي! سندس مامي پاڻ به ھڪ مزدور عورت ھئي. ۽ پنھنجي ”ڏھاري“ ڪمائڻ گڏ مزدورن واري ساٿ جو سرگرم ورڪر پڻ ھئي. ھن شانتيءَ کي گھر ۾ اڪيلو ڇڏڻ مناسب نه سمجھيو. ان ڪري کيس صبح جو اسڪول تعليم لاءِ، ۽ شام جو ڪپڙي اڻڻ واري ڪارخانه ۾، ٻين پورھيت ڇوڪرين گڏ، ڪم ۾ رنڀائي ڇڏيائين. جڏھن شانتي عمر جي يارنھين سال ۾ پير رکيو ته سندس تعليم پنجن درجن تي پھچي وئي. ھاڻ ھوءَ ان لائق اچي ٿي ھئي ته ڪارخاني ۾ اڻڻ جو اڪيلي سر ٺيڪو کڻي، ھڪ پخته مزدور جيترو اجورو ڪمائي سگھي. ٺيڪي جي پورت ۾ کيس 12 ڪلاڪ لڳاتار ڪم ڪرڻو ٿي پيو. انڪري وڌيڪ پڙھائي مشڪل ھئي. آخر محنت جي مزدوري به ته تڏھن اوج تي ھئي. چوڏھن آنا ڏھاڙي! اھو برڪت وارو ڀلارو دور ھيو، اڪيلي سر لاءِ 14 آنا گنج ھئا. اڃان به عياشي ھئي.
ھاڻ امان شانتي پنھنجي ڏندين ڏاند ٿي چڪي ھئي. ھوءَ ھڪ ھنرمند ڪاريگر ھئي. پنھنجي حصي جي ڪم نپٽائڻ کان پوءِ ٻين مزدور عورتن جو ھٿ پڻ ونڊائيندي ھئي. اھڙي آچار ٻين گھڻن ڪمزور ۽ بيمار پورھتين لاءِ اڀل ثابت ٿيندي رھي.
مزدوريءَ کيس ھڪ عجيب شڪتي بخشي ھئي. جنھن جوھر کي ھن ٻين بدنصيب ڀينرن جي سھائتا ۾ سيڙائڻ بھتر ٿي سمجھيو. آخر به ته ھڪ تجربيڪار ماسيءَ جي سکيا ھيٺ ھئي. سندس ماسي ھاڻ ٻيڙي ورڪر يونين جي نائب صدر ھئي. شانتيءَ کي پورھيت عورتن جي سار سنڀال ۽ سندن تحريڪ ۾ ڀرڀور بھرو وٺڻ لاءِ ھمٿائڻ جو سھرو سندس سر تي ھيو. شانتي پاڻ به پنھنجو وسان گھٽايو نه ٿي. پر اٽلندو پنھنجي وت کان وڌيڪ ٿي ادم ڪيو. ڏينھن جو مزدوري، رات جو گھرو رڌو پڪو ۽ ڀانڊا باسڻ ماڃڻ. موڪلن وارا ڏينھن عورتن جي آتڻ ۾، ڀينرن جي ڀلائي لاءِ اڻ تڻ، ۽ رٿن کي عملي جامون پھرائڻ وارا پروگرام.
1939ع کان 1943ع وارو چار ساله عرصو پاڻ ساڳي سانيتڪي طريقي ۽ دستوري مشغوليءَ ۾ گذاريائين، سواءِ ٽن خاص واقعن جي. جن بدولت ماسي ڀاڻيجي ٻنھي جي ماٺيڻي زندگين کي نت نئين ور وڪڙن سان روبرو ٿيڻو پيو. اھي ٽيئي موڙ ھڪ ٻئي پٺيان، ھر ھڪ في سال سوا جي وڇوٽيءَ تي آيا. معلوم ائين پئي ٿيو ڄڻ قدرت ٻنھي جي قسمت جو ٽپڻو پٽي، لايا سجايا ڪري، سندن جوڙا ميڙا ٿي رچايا. ھونئن به انسان کي، خالي پيلي، اجائي ۽ سڃي سوچ آھي نه ته جيڪر انسان ، نه ڪنھن جي ڪڏھن ڪاڻ ڪڍي ھا ۽ نه ڪنھن جو ڳيجھو ٿئي ھا، مورڳو ڪوشش ڪري ڄمي به ھا ته بنان ماءُ پيءُ جي. پاڻھرتو ۽ ”اپڻي مدد آپ“ اصول تي. خير. 1941ع ڌاري ٻنھي گڏجي اسلام قبوليو. نئين ترتيب ۾ ماسي ”مائي امينه“ بڻجي ويئي ۽ امان شانتي کي مائي ”زيب النساءَ“ سڏيو ويو. سندن حالتن پٽاندر اھو ھڪ لازمي فيصلو ھيو جنھن ۾ ڪنھن لاچاري يا لالچ کي ڪو دخل نه ھيو. ٻنھي جي رھائش آستوڙيه پاڙي ۾ ھئي، جنھن جي آبادي مسلمانن جي ھئي. اڻڻ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ساٿي گھڻو ڪري ھئا ”سنڌي واڙي“ جا ڪوري، جي سڀ مسلمان ھئا. پورھيت تحريڪ ۾ پڻ گھڻائي مسلمان روڪرن جي ھئي. ان کان سواءِ نه ڇڙو احمد آباد شھر پر سموري گجرات صوبي ۾، صدين کان وٺي مذھب جو تعصب ڪو نالي ماتر پئي رھيو آھي. مسلم حڪومتن وئي ھندو حڪومتن به ساڳي رواداري قائم رکي. سومناٿ پٽن ۾ جڏھن ھڪ مسلمان واپاريءَ ”منجيٺي“ مسجد ٺاھڻ لاءِ فقط اجازت گھري ته ھندو رياست طرفان اھا سرڪاري خرچ تي ٺھرائي ڏني وئي.
1942ع جي آخر ڌاري مائي امينه جي شادي ٿي گذري،جنھن ”جوئا جي داءَ“ ۾ گھوٽ ڪنوار ٻئي نفعي ۾ رھيا. توڙي جو ”عشق“ يا پنھنجي ”پسند“ جي شادي ھرگز نه ھئي. مزدورن جي زندگي ۾ ”عشق ۽ پسند“ جون عياشون ڪٿي؟ ڪنھن نکمڻيءَ پوڙھيءَ جون دوربين اکيون تاڙ ۾ ھيون. پيچ ته ھونئن به پوڻو ھيو. باقي بھانو گھربو ھيو جو پوڙھيءَ پيدا ڪيو. کڻي چئجي ته قدرت کي ٻه دليون ملائڻيون ھيون. آخر قدرت به ته قديمي جڳ جي ڪراڙي آھي ۽ ڪم به اڪثر اھڙين امڙين وارا اٿس. پر پوءِ الاجي ڇو، ڪڏھن ڪڏھن ماٽيلي ماءُ واري اماڙي کڻي ڪڍ پوندي آھي. خير ٻئي ڌريون اڌيڙ عمر جي ڏاڪي تي پير رکي چڪيون ھيون . ڄڻ ٻنھي ھڪٻئي جي ڳولا ۾ عمر گنوائي ھئي. شادي سادي نموني ٿي گذري. آخر غريب جي شادي ھئي. پورھتين جي فرقي ۾، زر زيور ۽ ڏاج ڏيوڻ جي ڪو سوال ئي ڪونه ھيو. گھوٽ کي خالي رسمي ”ھان“ ۽ ڪنوار رکي حياءُ واري ”ھون“ ڪرڻي ھئي. امينه ڪا وڏ گھراڻي ”وني“ ته نه ھئي جو ٽڪساد ٿين. جيئن اڄڪلھه اسان وٽ پيا تماشا ٿين.
اڳ ۾ ته پڇن خانداني شجره. متان گھٽ ذات سان پلئو وچڙي وڃي. ڀائي ذات ته آھي الله جي. باقي ته آھيو سڀ مائي مٽي جي اولاد. پوءِ وٺن جائداد جو جائزو. تھان پوءِ لڳن ڏاج جي ڏي وٺ لاءِ تاڙيون. آخر ۾ اچي صدقي جي ٻڪرن گھوٽ ۽ ڪنوار جو وارو. قصو ٺھي نه ٺھي، وٽ رينگيٽ کي. خير ڳالھه ھئي مائي امينه جي شينھن ڪلھي چڙھڻ جي. آءُ پنھنجا پٽڻا پٽڻ ۾ لڳي ويس. ڪنھن ماڻھوءَ کان پڇيو ويو ته چنڊ جي ڪھڙي تاريخ آھي؟ چيائين چنڊ جي ته خبر نه آھي. پر دال جي تيرنھن تاريخ آھي! جنھن کي جھڙي جھوري لڳل ھجي!
آستوڙيه محلي ۾ مائي امينه جي گھر آمھون سامھون ھڪ ٽيلرنگ شاپ ھئي، جنھن جو مالڪ جھونو سياسي جوڳي ھئڻ گڏ پاڙي جو پريو مڙس پڻ ھيو. پنھنجي مربي پٽ جي شادي خانه آبادي لاءِ ڪافي فڪرمند ھيو. پر کيس سياست کان ئي فرصت ڪانه ھئي. شاديءَ جو خفو ڪير ڪري؟ ھُن، مھل ۽ موقعو ڏسي مائي امينه سان پنھنجي پُٽ لاءِ شانتيءَ جي ٻانھن گھُري. مائي امينه کيس ھن شرط تي دلجاءِ ڏني ته ”داعي مدعي“ لاءِ ھڪٻئي کي ڏسڻ لازمي ھيو. ڇاڪاڻ ته شانتي ھاڻ جواڻ جماڻ ھئي ۽ پنھنجي وات وڪيل ھئي. مزدورن لاءِ پردي جو ٻنڌن ته ھيوئي ڪونه. پر گھوٽ موقعي تي موجود ئي نه ھيو. ھو ڪراچي ۾ ھڪ برک سياسي اڳواڻ جي حيثيث جو مالڪ ھيو. انڪري ھي ضروري سمجھيو ويو ته کيس ڪنھن بھاني احمد آباد گھراڻي معاملو طئه ڪيو وڃي. جنھن موقعي لاءِ گھڻو عرصو ترسڻو نه پيو. 1943ع جي مارچ مھيني ۾ ڪارخانه جي مزدورن پنھنجي ساليانه جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس خاص دعوت ڏيئي گھرايو ويو. اھو خوش قسمت انسان ھيو، سيد جمال الدين بخاري. جو سنڌ ۾ “ڪامريڊ بخاري“ جي نالي سان مشھور آھي. ڪانفرنس ۾ شامل ٿي ڪامريڊ بخاريءَ ھڪ نھايت دونھين دار تقرير ڪئي. ماڻھن تاڙين جي ڦھڪن سان سندس خيالن جي آجيان ڪئي. ڪڙاڪيدار نعرا بلند ٿيا. پوءِ جڏھن خاموشي ٿي ته شانتي ھميشه لاءِ سندس پناري پئجي ويئي.
ڪامريڊ بخاري، انھن ڏينھن ھڪ ”ٻرندڙ جبل“ ھيو. سندس مُک کون سدائين ڪانڊا ٽانڊا ۽ آڳ جا آلا نڪرندا ھيا. ان وقت جي 43 عمر ۾ ئي درجن سالن کان وڌيڪ عرصو جيل ڪاٽي چڪو ھيو. اھڙي جلالي جوان جي جياپي لاءِ شانتي نه فقط سندس دل وٽان ھئي. پر سندس دائمي دکي دل لاءِ ”ياقوتي“ جيان ھڪ ٽڪ علاج پڻ ھئي. 1943ع جي مئي مھيني ۾ شانتي پنھنجي وَرَ جي ھمراھيءَ ۾ لڏي پلاڻي اچي ڪراچيءَ ڀيڙي ٿي. ڪامريڊ بخاري سرخ پارٽيءَ جو روح روان اڳواڻ ھيو. سندس گھر دفتر ھڪ ۽ ساڳيو ھيو. جو بندر روڊ تي لائيٽ ھائوس سئينما لڳ ھيو. پر گھر جو فقط نالو ھيو. آئي وئي لاءِ اوطاق به ھئي، ورڪرن جي سکيا جو مرڪز ۽ پارٽي ڪاروبار جي آفيس پڻ. شانتي جي آئي ھن ساري اداري کي سگھري گھر جو وَنسو ملي ويئي. سڀ ورڪر جي اڳيان فقط ڇڙوڇڙ گابا ھئي اھي ھاڻ گھر ڀاتي ٿي ويا. ملباري ھوٽل جي سگنل سالني بدلي ھاڻ گھرو ٻوڙ ماني ملڻ لڳي. بخاري صاحب جو اڳ جمعي جمعي تي ڪپڙا بدلائيندو ھيو ھاڻ روزمره اڇا ڌوتل ۽ استري ڪيل جبا پائڻ لڳو. ھي پھريون دفعو ھيو جو پارٽي آفيس ۾ پورھيت عورتون اچڻ وڃڻ لڳيون. گھرو پورھيت عورتن جي الڳ ۽ ”آيا“ ماين جي جدا يونين ترتيب ڏني ويئي. سندن اڳواڻ شانتي ھئي . شانتي جي دستوري محنت مزدوري ۾ ڪا ڪمي نه آئي. اٽلندو سندس ذميوارين ۾ واڌارو ٿيو. اڳ کيس محنت جو اجورو ته ملندو ھيو. ھاڻ ته سڄي اٽالي کي ڦوڪٽ ۾ پالڻو ٿي پيو. بخاري جھڙي اڻ گھڙئي ڪاٺ ۽ اڦر وھڙي کي ”وھو“ ڪڍڻ ان کان الڳ معاملو ھيو. جي ٻه گھڙيون ڏينھن ۾ کيس وافر مليون، اھي وري يونين سازيءَ ۾ خرچ ٿي ٿيون. اڳ خالي پيٽ جي پوڄارڻ ھئي ۽ ھاڻ ته سڄي ٽٻر جي ڄڻ زرخريد ٻانھي ھئي. زندگي ساڳي ئي بار ڍوئيندڙ ڍور واري ھئي پر پاڃاري بدلبي رھي. پوءِ ڪڏھن گاڏيءَ ۾ ته ڪڏھن گھاڻي ۾.
منھنجي امان شانتيءَ سان ڏيٺ ويٺ اول اڄ کان 36 سال اڳ ٿي. جڏھن آءُ تازو جيل کان ڇوٽڪاڙو حاصل ڪري ڪامريڊ بخاريءَ جي ڪٽنب ۾ شامل ٿيو ھيس، جتي منھنجي انھن علمبردارن نوجوانن سان پڻ شناسائي ٿي، جي صحيح معني ۾ انسانيت جا علمبردار ھئا ۽ جن پنھنجي پوري زندگي ھاري ۽ مزدورن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھئي. روزانه، سونپيل ڪم جي پوئواري بعد، دفتر ۾ اچي، ڪامريڊ شانتيءَ اڳيان ماني کائڻ لاءِ پلٿي ماري ويھندا ھئاسون. پوءِ امڙ شانتي جي ھٿن جا تازا پڪل ڦلڪا اسان جي چھٻر پيٽن ۾ ڌڙا ڌڙ پوندا رھندا ھئا. منھنجي لاءِ ھي پھريون ڀيرو ھو جو ھڪ اھڙي خاتون سان واسطو پيو ھو جنھن جي جسم تي نه ھيو ڪو ڳھه گھڻو ۽ نه ڪو ھار سينگار جو ميڪ اپ. سادگي ئي سھي پر ڪو ٻانھن ۾ ڪنگڻ يا ٺوٺ ۾ چوڙو، ڪا چيچ ۾ منڊي يا ڇلو، يا ڪو ڪن ۾ والو؟ ڇڙو الله جو نالو مٺو. بدن تي جوڙي ڪپڙي جي. سفيد ساڙھي ۽ پيرن ۾ چاکري. اڄ ڏينھن تائين مون کيس سدائين اھڙي سادي صورتحال ۾ پئي ڏٺو آھي. جھڙو ان زماني ۾ پھرين ڏينھن ڏٺو ھيم. ھاڻ فقط فرق ھي آھي ته سندس مٿي جي وارن ۾ اڇاڻ وڌيڪ ٿي ڏسجي. ٿي سگھي ٿو ته اھو سندس سفيد ساڙھيءَ جي رنگ جو تاثير ھجي جنھن جو ھڪ پلؤ ورائي مٿو ڍڪيندي آھي.
1946ع جي آخر ڌاري ڪامريڊ بخاريءَ کي گرفتار ڪري جيل ۾ واڙيو ويو. جا ڪا وڏي يا خاص ڳالھه نه ھئي. ڪامريڊ لاءِ جيل وڃڻ اھڙي رواجي رسم ھئي جھڙي ڪنھن سھاڳڻ لاءِ ستاواڙي تي پيڪي گھر پھچڻ. پر سندس اڳ ۽ ھاڻ جي جيل ياترا ۾ خاصو فرق ڦير ھيو. اڳ ڇڙي ڇانڊ ھئڻ ڪري جيل ۾ وڃڻ ھڪ وئڪيشن ھئي. ھاڻ ٻي ڳالھه ھئي. پٺيان شانتيءَ ڇڏي آيو ھيو، اھا به ٻن معصوم ٻارن سوڌي. وري وٽن گذاري لاءِ راشن پاڻي ھڪ ھفتي جيترو مس ھيو. پارٽي ورڪرن ۾ گھڻا اڳيئي باندي ٿي چڪا ھئا. باقي جي رھيل ھئا اھي پاڪ سڃا ۽ الھڙ نوجوان جي پاڻ اٽي تي چٽي ھئا. شانتي پورھيو ڪري پيٽ پالڻ جھڙي به نه ھئي. ھڪ ٻار ٿڻن تي ۽ ٻيو بانڀڙن ۾. چار پنج مھينا تي لٻي ٿٻي تي ۽ ٻين جا ٿانو ماڃيندي گذر سفر ٿيندو رھيو. پر آخر ڪيستائين؟ ھي برابر آھي ته ڪن ھمدرد ۽ ھڏڏوکي ماڻھن ڪامريڊ بخاريءَ لاءِ جھولي ڦھلائي چندا ڪٺا ڪيا. پر اھا رقم ھنن پنھنجن ضرورتن جي پورت لاءِ جمع ڪئي ھئي. پوءِ ڪي پنن الله جي نالي ۾. ھنن جاوا ڪيا ڪامريڊ جي نالي ۾. آخر اھو ڪيئن ثابت ڪيون ته اسين بنيادي طور چور ۽ ڳنڍي ڇوڙ قوم آھيون. شانتي ٻن باھين وچ ۾ ڦاٿل ھئي. ھڪ ٻارن ۽ پنھنجو قوت گذران ڪرڻ ۽ ٻيو ڪامريڊ کي جيل کان ڇڏائڻ لاءِ جدوجھد. پوءِ شانتي ٻئي ٻار، گھڙو ڀريندڙ عورتن جيان، ھڪ ھنج تي ٻيو ڪلھي تي، کڻي سرڪاري آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ شروع ڪيا. ڪڏھن وڏي وزير پير الاھي بخش وٽ ڪڏھن چيف سيڪريٽري اين اي فاروقي ۽ ڪڏھن سيڪريٽري داخلا ھاشم رضا وٽ. سندس درخواست به عجيب ھئي. “مونکي ٻارڙن سوڌو جيل ۾ ڪامريڊ سان گڏ رکيو وڃي. يا وري سرڪار خرچ ڀري ڏي.“ ٻيئي ڳالھيون ڳوريون. سرڪار کي ڪھڙي خبر ته ڏوھاري به ٻچڙيوال ٿيندا آھن ۽ سندن ٻارن کي به جيئڻ جو حق حاصل ھيو.
سڄا سارا اڍائي سال شانتي انھن ڌڪن ٿاٻن ۽ در در جي رولڙن ۾ رھي پر کيس ڪنھن لاءِ به شڪايت ڪانه ھئي. ڏک سک ته ھونئن به زندگي جو ڏاج ھيا. ڪو انسان غم کان واندو ئي ڪونه ھيو. پر ھتي ته بادشاه گڙديءَ جو دور ھيو. پوري ملڪ ۾ مانڌاڻ متل ھيو. ڪروڙھا ماڻھن جي لڏپلاڻ جاري ھئي. ھر طرف ڦرلٽ، رتوڇاڻ ۽ انساني ڪوس عمل ۾ ھيو. شانتيءَ جي مشڪل ته ھئي فقط رواجي گذران جي. ڪجھه ڏينھن بعد پارٽيءَ تي بندش وڌي ويئي. دفتر سيل مھر ڪيو ويو. ڪامريڊ بخاريءَ کي ملڪ دربدر ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيو. قاضي فضل الله جي ڊوڙ ڊڪ ۽ سندس ضمانت تي ڪامريڊ کي جيل کان آزاد ڪيو ويو. پر سندس ڪراچي جي حدن ۾ داخلا تي بندش وڌي ويئي. چوڻي آھي ته ھجيئي ناڻو ته گھمجي لاڙڪاڻو. پر شانتي پھرين عورت ھئي جا مڙس ۽ ٻار ساڻ ڪري بنان ناڻي اچ لاڙڪاڻي وارد ٿي.
قاضي فصل الله نه فقط سندن گھر ۽ گذران لاءِ بلو ڀيڻي ڪيو پر جيسين کين مٿي ڇُپائڻ لاءِ ڪو اجھو ميسر ٿئي ان وقت تائين کيس پاڻ وٽ ۽ پنھنجي گھر ۾ مھمان ڪري رھايو. ڪجھه عرصو ساھي پٽڻ کان پوءِ ڪامريڊ ھڪ ننڍڙي پريس کولي ھڪ ھفتيوار اخبار ”انصاف“ جاري ڪئي. ڪامريڊ ”انصاف“ اھڙي وقت ۾ جاري ڪيو جڏھن عدل واري تارازيءَ جا ”ٻئي پڙ“ ڇڄي غائب ٿي چڪا ھئا ۽ ملڪ فقط ”ڳنيءَ “ تي ٿي ھليو.
اڄ شانتي اٺ اٺينگر نينگرن ۽ ھڪ نياڻي جي مُرڪندڙ ماءُ آھي. سڀ پنھنجي پيرن تي بيٺل آھن. اڌ عدد حڪيم ۽ ڊاڪٽر آھن يا ڊاڪٽريءَ جي پنڌ ۾ آھن. باقي نوڪرين ۾ رڌل آھن. ٻه نوجوان ۽ ھڪ نياڻي اعلي تعليم پرائڻ ۾ مشغول آھن. لک لائق سندس جو ھفتو کن اڳ، پاڻ پير ڀري گھر ۾ امڙ آئي. ھٿ ٻڌي التجا ڪيم ته ”ھاڻ ته ڪجھه آرام ڪر.“ کلي ويٺي. چي ٻڌو ڪونه اٿئي ته ”ڌيءُ جي ماءُ گھر جي راڻي ۽ پٽن جي ماءُ نوڪرياڻي.“ ھاڻ ويٺي پوٽن پوٽين جي نوڪري ڏيان. چيومانس ته ڪجھه ڏينھن ترسي پئو ڪجھه ته ٿڪاوٽ دور ٿئي. اکيون ڀرجي آيس. چي ڪامريڊ کي اڪيلو ڇڏي آئي آھيان. ائين نه ٿئي جو ڪامريڊ به ڪاوڙجي رسي وڃي ۽ مون اڀاڳيءَ کي اڪيلو ڇڏي وڃي. پوءِ آءُ ڪيئن جيئندس. مونکي تڏھن سمجھه آئي ته راجپوت عورتون پنھنجي ور وئي ڪڄاڙي لاءِ ستيون ٿينديون ھيون!
اڳ انسانيت جي پرک ۽ پروڙ لاءِڪجھه ڪسوٽيون ھونديون ھيون. جي اڄڪلھه اڻلڀ آھن. ھاڻي آھن ماڻھوءَ جي ماپ ۽ تور لاءِ فوٽ ڪٿيون ۽ تارازيون. اھي به اڻپوريون ۽ ڪاڻ واريون. ان ڪري کري ۽ کوٽي جي خبر نه چار. ھر ڪو ڏسي ٿو ظاھري ڏيک ويک کي، ٻاھرين ويس وڳن ۽ ٺٺ ٺانگر کي. يعني کوپن تھن ۽ توتڙن کي. ڌن دولت محل ماڙيون رتبا ۽ مرتبا آھن اچڻا وڃڻا ۽ ڦرڻا گھرڻا. اڄ مون وٽ سڀاڻي تو وٽ سلامي. اصل ڳالھه آھي زندگيءَ جي. ڪئن گذري؟ ڪنھن جي ڪم به آئي يا پاڻ تائين ھئي پوري. اجائي وئرٿ ويئي يا سجائي ٿي. اھو مشاھدو ماڻڻو اٿو ته پوءِ ھلو ته ھلون امان شانتي وٽ. جي سندس ماٺيڻي اکين ۾ ليئو پائي سگھو ته اڃان به چڱو. اھي ئي نماڻا نيڻ آھن. جن پاڻ کي ۽ پنھنجي فرض ادائيءَ کي سڃاتو. سڀ ڪجھه صبر سان سھي ھر نينھن جو ناتو نباھيو. نباه ڪري پاڻ کي موکيو. پر واه جو پاڻ ملھايو. امڙ توتي سلام سؤ بار سلام.