مامو حاجي ٻڪرار
ڌڻ ۾ سوا سؤ کن ٻڪريون ھيون جن ۾ ويھارو کن مامي حاجيءَ جون پنھنجون ھيون . جن لاءِ چيو ٿو وڃي ته ھڪ ٻڪري کان وڌي ويھه ٿيون ھيون. باقي ٻڪريون پاڙي ۽ شھر وارن جون ھيون. جھنگ چري اچڻ کان پوءِ سانجھي ٽاڻي پنھنجن گھرن ڏانھن ڏڀجڻ وينديون ھيون. صبح سويل اسڪولي ٻار جيان واپس ڌڻ ۾ اچي شامل ٿينديون ھيون. ڪتابن جي ٿيلھن بجاءِ سندن ٿڻن تي ڳوٿريون چڙھيل ھونديون. شايد ھن لاءِ ته جئن سندن ڇيلڙا سڄو کير جڳڙي نه وڃن. ڄڻ قدرت ٻڪرين کي کير سندن مالڪن جي ڏھڻ ۽ ڳڙڪائڻ لاءِ ڏنو ھيو ۽ نه پنھنجن ڦڙن جي واپرائڻ لاءِ!
مامو حاجي جھور ڪراڙو ھوندي به بدن ۾ ڀريل ۽ کڙو تڙو ھيو. باقي پريا کريا آھن. مٿو مڇونءَ ۽ ڏاڙھيءَ گڏ سندس اکين جون ڀروون ۽ پنبڻيون به سفيد ٿي چڪيون ھيون. سڀني ڏندن جي ڀڄي ڀري وڃڻ جي ڪري سندس ڏاٺن بنان مھارون، کلڻ مھل، ھڪ کير پياڪ ٻار جي منھن واري ڏيک ڏينديون ھيون. البت مامي ڌياڻيءَ سان وقت ڏاڍا ھاڃان ھنيا ھوا. عمر جي ٻوجھه سندس ڪمر ڪٻي ۽ چٻي ڪري ڇڏي ھئي. سندس موڪري منھن تي ايترا ته اڪيچار ور وڪڙ ۽ گھنج پيل ھوا ڄڻ ته عمر جي ھر سال ور ور ڪري سندس صورتخطيءَ تي ھَرَ ھلايا ھئا. مٿو مينديءَ رتو جھڙو تاھريءَ جو پاٽڙو، منھن تي مڇن جي گھاٽي سانول، جنھن مٿان لڙڪندڙ سوني نٿ ڪجھه عجيب لڳندي ھئي. سندس شاديءَ کي اڌ صديءَ کن جيترو عرصو گذري چڪو ھو. اولاد نه ھئڻ ڪري ڏھاڪو سال اڳ مامي حاجيءَ کي پنھنجي ھٿن سان پرڻائي آئي ھئي. مومل جا مامي حاجيءَ جي مٿي ۾ لڳي ھئي، ان جي ڪل به ڪافي ڪجھه ٿڙيل ٿي ڏٺي. سڄي پاڙي ۾ مامي ملڪان ”ملڪيءَ چري“ جي نالي سان مشھور ھئي. ٻوڙ جو لوڻ چکيندي اڌ کان گھڻيون ٻوٽيون ڳڙڪائي اڪثر اڌ ڪنو خالي ڪري ڇڏيندي ھئي. شڪل صورت به خاص نه ھيس. ماڻھن جھڙو ماڻھو ھئي. سندس ڳٽن، ڀروون ۽ کاڏيءَ تي ڏينڀوڙيون ڏنل ھيس. کاڏيءَ واري اڪيلي ڏينڀوڙي ائين لڳندي ھئي ڄڻ ”ب“ ھيٺان ھڪ ٽٻڪو ڏنل ھيو.
مامي حاجيءَ ۽ مامي ڌياڻيءَ جي پاڻ ۾ ڏاڍي ڳوڙھي پريت ھئي. لانڍيءَ جي مھاڙيءَ ۾ ويٺي مونکي ھڪ ڳيرن جو جوڙو ڏسڻ ۾ ايندو ھيو. ٻئي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون روح رھاڻ ڪندي ائين وسھندو ھيس ڄڻ ته ”گھگھو گھو“ ٿا ويٺا ٻولين. ڪڏھن ڪڏھن مونکي به سڏي وچ ۾ وھاريندا ھئا. ٻنھي جي گفتگو ھڪ طرفي ھئي يعني مامي ڌياڻي ڳالھائيندي ھئي ۽ مامو حاجي يا ته ڪنڌ ڌوڻيندو ھيو يا ھان ھون ڪندو رھندو ھيو. ھيءَ ٻي ڳالھه آھي ته ڳالھه ٻولھه گلا ۽ غيبت کان خالي ھوندي ھئي. ماما توکي مامي ڌياڻي ڪيئن ملي؟ ”ڀاڻيجا درياه ۾ ڪنڍي وجھي شڪار جي تاڙ ۾ ويھي رھيس. پوءَ ڌياڻي ڦاسي پيئي. پيار جي ڏوريءَ سان ڊوھي پاڻي کان ٻاھر ڪڍي آڻي گھر ويھاريومانس. ھاڻ ويٺي ٿي ڪم ڪٽي ته مون سان ڇو ڦاٿي.“ ”خير گھر. مان ڇو ڪرم ڪٽيان؟“ پوءِ ماما جو مھاڏو شروع ٿيندو. مون سان مامي ڌياڻي جو بي پناه پيار ھوندو ھيو. مون کي پنھنجي اٿاه سيني سان لائي تڏو ساه کڻي ڪنھن ٽٻي ۾ پئجي ويندي ھئي. توڙي جو آءُ اٺ ڏھه سال جو ڏگھه ٿي چڪو ھيس. مون کي به مامي ڏاڍي وڻندي ھئي. گھر ۾ جا شئي ايندي ھئي ته منھنجي لاءِ حصو ضرور ٽاري رکندي ھئي. پوءِ ڪڏھن کڙ، ڪڏُھن کارڪون ۽ ڪڏھن کنڊ ڀڳڙا. ائين سمجھندو ھيس ته ماميءَ کي الله پاڪ منھنجي لاءِ گھڙي ٺاھي تيار ڪيو ھيو. منھنجو قصور فقط ايترو ھيو جو آءُ مارڪيٽ ۾ دير سان پھتو ھيس. تيستائين مامو حاجي جھپڙ ڏيئي ماميءَ کي اڳواٽ پنھنجي چنبن ۾ کنڀي کڻي ويو.
مامو حاجي ڪو ڪورو ڄٽ ڪونه ھيو. چڱو چوکو پڙھيل ڳڙھيل ھيو. پرئي مڙس منشي الھداد جي چوڻ مطابق، عربي فارسي پڙھڻ لاءِ کيس مدرسي ۾ ويھاريو ويو ھو. پر ”گلستان يا زليخا“ جي پڙھڻ کان پوءِ سندس ذھن جو ڦڙڪو ڦري ويو. پڙھن ڇڏي جھنگ منھن ڪيائين. ڪيترا سال پنھنجي پاڻيءَ ۾ نه رھيو. جڏھن ڪجھه ھوش ۾ آيو ۽ ماٺو ٿيو ته پوءِ پنھنجي گھر ڏانھن وريو. مائٽن وٺ وٺان ڪري کيس شاديءَ ۾ چوکنڀو جڪڙي ڇڏيو. اسان وٽ نوجوان جي ھر بيماري جو علاج شادي سمجھيو ويندو آھي. حاجيءَ جي حق ۾ ته اھو ڏس صحيح به ثابت ٿيو. شادي کان پوءِ سندس عقل ٺڪاڻي به آيو. پنھنجي رضا خوشي سان پاڻھرتو ڪار ڪرت ڪرڻ لاءِ ارادو ظاھر ڪيائين. پر ضد ھن ڳالھه تي ڪيائين ته ”ڪورڪو ڪم ڪندو يا وري ٻڪريون چاريندو.“ باقي سڀ ڪم کوٽو. ھاڻ ٻروچ ماڻھو ڪوري ڪيئن ٿئي؟ باقي ٻڪريون چارڻ ته اسان جي اباڻي اڍ ھئي.
ھڪ ڏينھن کائونس پڇي ويٺس. ماما ٻڌو اٿم ته تون پڙھيل آھين پوءِ ٻڪريون ڇو ٿو چارين؟ ڀاڻيجا پڙھڻ ۾ دڳ مليو ته ”ٻڪريون چار.“ پوءِ ڪم لٿو ڊکڻ وسريو. پڙھڻ ڇڏي اچي چارڻ ٿيس. ماما چون ٿا ته تون چريو ھئين؟ ھائو، ابا تون به جڏھن علم پڙھي ٻڪريون چاريندي ته تو کي به ماڻھو چريا چوندا. جي چريو نه به ٿئين ته به ماڻھوضرور ”لوي لوي ڪندءِ.“ اصلي چريا ڪير آھن؟ اھا خبر تڏھن پوندي جڏھن ڌڻ ڪاھي جھنگ وڃڻ شروع ڪندين. 1972ع ۾ جڏھن ازغيبي نوڪريءَ کان لوڌجي نڪتس ته گذران لاءِ ٻڪريون چارڻ جو پڪو ارادو ڪيم. ان غرض سان حيدرآباد اچي گدوءَ ۾ درياه ڪناري واڙ لاءِ جڳھه به تاڙيم. منھنجي گھر ڀاتين ۾ بغاوت ڦھلجي ويئي. مونکي چتاءُ ڏنو ويو ته سموري عمر تنھنجيون اراڏايون سٺيون ويون آھن. ھر شئي جي حد ٿيندي آھي. مون گھڻو ئي سمجھايو ته ٻڪريون چارڻ دنيا جو بھترين ڌنڌو ھيو. ننڍي لاڪر مون مامي حاجيءَ کان اھڙي تربيت پڻ حاصل ڪئي ھئي. ٻارن ته ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. پر گھر واريءَ کي پريشاني ورايو. کيس پڪ ٿي ته اوچتو نوڪري وڃڻ ڪري منھنجو اسڪرو ڍلو ٿي ويل ھيو. ٻه ٽي ڀيرا سھڻي صلاح پڻ ڏنائين ته ڇو نه ڊاڪٽر قاضيءَ کي پاڻ ڏيکاريان. قاضي صاحب گدو جو ڊاڪٽر ھيو. ڏٺم ته ھاڻ وڌيڪ ضد ڪندس ته ضرور مون کي چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪندا جا ڪا اچرج جھڙي ڳالھه ھئي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اسان جيان درجن ٻيا به اھڙا خاندان وسندڙ آھن جن جي چريو ٿيڻ تي ڪنھن کي عجب نه ٿيندو آھي. جيئن پاٽ جا قاضي، سکر جا منشي، مٽيارين جا انصاري ۽ ٺٺي جا عقيلي وغيره.
جڏھن به مامي حاجيءَ سان گڏ ٻڪريون ڪاھي جنگ وڃڻ جو موقعو نصيب ٿيندو ھيو ته مون لاءِ ڄڻ عيد ٿيندي ھئي. بابي مرحوم جي ميرپور بدلي ٿيڻ ڪري جڏھن سواءِ منھنجي سڀ گھر جا ڀاتي ساڻس گڏ اسھيل ھوا، ته مون لاءِ اھڙيون عيدون ھڪ و ٻئي ڏينھن ٿينديون رھيون. صبح سويري مامو، آءُ ۽ مانگر ٽيئي ساٿي سنڀري پنھنجي چوپائي فوج ساڻ الله توھار ڪندا ھئاسون. ”پار پيو پير“ پھچي ٻڪريون پنھنجي نيرن ڪرڻ ۾ محو ٿي وينديون ھيون ۽ اسين مامي ڌياڻيءَ جا ڏنل ستون ٺاھي پنھڻجي پيٽ پوڄا شروع ڪندا ھئاسون. پاڻ کان وڌيڪ خوش ته مانگر کي ڏسندو ھيس جو مامي جو ٽاڪرو ڪتو ھيو. حق تي چوندا آھن ته ٻار ۽ ڪتو لڏ ۾ خوش. جڏھن مامو حاجي نڙ تي پنھنجي ڀاري ڦوڪ ڏيندو ھيو ۽ آءُ کاڏي کي ھٿ سان جھلي ٻاگھي ھڻڻ ”بگلايب“ شروع ڪندو ھيس ته مانگر پنھنجو لنڊو بوجرو پڇ وڃڻيءَ جيان ائين لھرائيندو ھيو ڄڻ سموري سنگيت جو بئنڊ ماستر ئي پاڻ ھيو. ڪڏھن ڪڏھن ڏاس جو ڦورو اڻندي مامو حاجي عجيب و غريب ڳالھيون ٻاراڻو چھرو ھڪدم گنڀير ٿي ويندو ھيو. معلوم ائين ٿيندو ھيو ڄڻ ڪنھن غئبي طاقت سان گفتگو ڪري رھيو ھو. ٿي سگھي ٿو پنھنجو پاڻ سان ڳالھائيندو ھجي. يا وري اڳوڻي چريائيءَ جو لڙھو ايندو ھجيس. ”ماما ڪنھن سان ويٺو احوال اورين؟“ ”ڀاڻيجا ڳالھه ئي نه پُڇ. حياتي آھي چوپڙ راند. کيڏڻ واري جي ته خبر آھي ئي ڪانه. ماڻھو ته آھي مھرو يا ڳوٽ. ڪو ويٺو ٿو نچائي. اسان خوامخواه پيا سيٽجون. چري ڀوندي ۾ ئي خوش.“
مامي حاجيءَ جون اھي اڌ اکري ڳالھيون بروقت ته مون کي به سمجھه ۾ اصل ڪين آيون. پر سمنڊ جيان سمجھه جون به لھرون ۽ ويريون پيون سدائين اڀرن ۽ لھن. ڪڏھن ته پاڻھرتو سڀ پراڻيون پروليون پاھي سوڌيون دل تي تريو اچن. ڪيئي سال پوءِ جڏھن گذريل مھاڀاري لڙائيءَ ۾ ڀرتي ٿي برما واري لڙائي جي ميدان ۾ پھتس. ڏٺم ته عجيب ماجرا ھئي. جن کي اسان دشمن سڏي توبون ھڻي تباه ٿي ڪيو. انھن سان نه اسان جي ڪا واقفيت ھئي ۽ نه ڪا شخصي يا خانداني دشمني. مورڳو اسان جا ڏٺل ئي ڪونه ھيا. ڪنھن سان ويڙه لاءِ اڳلي جو ڪو ڏوھ گناه ته ھئڻ گھرجي. ڪو به قصور ڪونه، ڇاڪاڻ ته انگريز سرڪار اسان کي سٺ رپيا درماھو ھڏي ڏئي بڇ ٿي ڪئي، ان ڪري اسان ھنن جي خون جا پياسي ۽ ھنن وري اسان جي قتلام لاءِ ڪمر ٿي ٻڌي. معلوم ائين پئي ٿيو ته ڄڻ ڪنھن چوپڙ کيڏندي ڳوٽون پئي ماريون. سموري انساني رتوڇاڻ بي معني بي مقصد ۽ بيسود ھئي. پر اسان ، ماڻھو مارڻ تي لاقون ۽ لٻاڙون ٿي ھنيون! جنگ جا پنج ئي سال مون کان مامو حاجي نه وسريو. ساڳيو حال ھيو حياتيءَ جي جملي ڪارنامن جو. ھڪ ڏينھن ويٺي ريچڪ پيم. حياتيءَ ۾ جي واقعا ٿي گذريا ھئا سي سڀ ويھي وچور وار لکيم. پوءِ ويھي ليکو ڪيم ته انھن وارداتن ۾ منھنجي دلي ارادن کي ڪيترو دخل ھيو؟ سواءِ ڪنھن ھڪ اڌ جي، باقي سڀ فيصلا يا ته ڪنھن حادثه جو نتيجو ھئا يا ڪنھن غئبي طاقت طرفان ٿيل ھئا! پاڻ ته خالي پئي تماشو ٿي ڏٺم، منھنجو ته نه ھيو سٽ نه ڪپه. آءُ ته ھيس اھو ٻانڀڻ جو واٽ ويندي ڦاٿو ھيو. حياتي ته نه ھئي پر ھڪ گورگ ڌنڌو ھيو!
جھنگ ۾ پير پائڻ سان مامو ھي وصيعت ضرور ڪندو ھيو ته ”ڀاڻيجا جي مون کي ڍرڪندو ڏسين ته مڙه کي ڪنھن کڏ کوٻي ۾ گھلي وجھي پوءِ لوڙه لٽي ڇڏجانءِ. پوءِ وڃي پنھنجي ماميءَ کي سڌ ڪجانءِته مامو وڃي ماڳ پھتو. ماما پر جي مان به نه ھجان ته پوءِ؟ پوءِ اھو ڪم آھي مانگر جو. ويٺو پاڻ ڳن ڏيندو، ڌڻ به ڌياڻيءَ کي وڃي ثابت پھچائيندو. ماما پوءِ مامي ڌياڻي جو ڇا ٿيندو؟ ڀاڻيجا ڌياڻيءَ کي آھي تڏا ويڙه تائين اتي ترسڻو. ڏٺو ڪونه اٿيئي، سڄو ڏينھن ويٺي پنھنجي ڀڳل ڀت کي ٽيڪان ڏئي.ماما، ڪھڙي ڀڳل ڀت؟ ابا پاڻ ڌياڻي. ڏٺو ڪونه اٿيئي سڄي اڏاوت آئٽيل اٿس تڏھن به سدائين مرمت ۾ مشغول.
پڙھيل ڳڙھيل ھوندي ته مامو پڙھڻ جي حق ۾ نه ھوندو ھيو. چوندو ھيو ته ڀاڻيجا علم پرائڻ آھي ماني کائڻ آچار. ايترو کاءُ جو ھضم ڪري سگھين. ڀلا ”الله جو ڪلام؟“ اھو به ايترو پڙھ جو ھنڊائي سگھين. نه ته سڀاڻي حساب ڏيڻو پوندءَ ته خبر ھوندي تو عمل ڇو نه ڪيو؟ باقي پورھيو جيترو وڻيئي اوترو ڪر. پر پورھئي سان گڏ عاجزي ضرور ڪج.“ مامو مسلمانيءَ کي دين يا مذھب بجاءِ ”عاجزي“ يا مسڪيني سڏيندو ھيو. بنان عاجزيءَ پورھيو ھيو جيئن گڏھ لاءِ بار ڍوئڻ. ”مالڪ کي بنده جي خالي عاجزي پسند ھئي ڇو ته مالڪ وٽ سڀ ڪجھه ھيو پر عاجزي نه ھئي. جي تنھنجي تر جيتري مسڪيني به اگھي ويئي ته پوءِ پئون ٻارھن.“ ماما ڀلا شيطان کان ٽارو ڪيئن ڪجي؟ ”ڀاڻيجا، تون ڪھڙي خفي ۾ پيو آھين؟ شيطان غريب ته آھي الله جو دربان. جيئن اسان جو ”مانگر“ جو ڪنھن اوپري کي واڙ ويجھوئي نه ڇڏي. ابا الله آھي ڏاڍو مڙس. ڪنھن جي مجال جو سندس حڪم اورانگھي. پر سمجھه کڻي ته اڄ ڪلھه پاڻ ۾ ٺھيل آھن. پر پاڻ ۾ پرچندا ته تو ۽ مون کان پڇندا ڇا؟ اسان ڇو ويٺا پنھنجي پرچھه وڃايون؟“
چوٿون سنڌي پاس ڪري، ڳڙھي ڇڏي، وڃي ميرپور ماٿيله وسايم جتي سڀ گھر ڀاتي اڳيئي سھڙيل ھئا. مھيني ٻن کان پوءِ مامو حاجي گذاري ويو. سندس لاڏاڻو ڪوئيٽه واري زلزله کان سال کن پوءِ ٿي گذريو. ٻڌم ته ننڊ ۾ ننڊ اچي ويس. مامي ڌياڻي به سگھوئي پوءِ وڃي پنھنجي ڌڻي سان پرتي. چوندا آھن ته ”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.“ ٻڪريون وڃي ڪنھن ٻئي ٻڪرار حواله ٿيون. باقي رھي ”ملڪي چري“ ان سان ويھارو کن سال ھن جڳ ۾ جٽاءُ ڪيو. پرائي گھرن جا پورھيا ڪندي آخر اھا به ٿڪجي پيئي. ان کي به اونت ته سمجھه آئي ۽ وڃي ساڻيھه ۾ سکي ٿي. اڄ اسان جي پاڙي ۾ نه مامو حاجي نه سندس ڌڻ ۽ ڌياڻي. نه وري ڪي آھن سندس گھر يا واڙ جا نشان. ڄڻ ته ھڪ ڪھاڻي ھئي جا ختم ٿي ويئي. البت مون سان مامو ياري برابر نباھيندو ٿو اچي. بھشت جون ٻڪريون اڪيليون ڇڏي ڪڏھن ڪڏھن پيو ليئو پائي. کيس نه غم نه ڳڻتي ۽ نه ڌڻ جو اونو. جنت ۾ ڪي بگھڙ ٿوروئي آھن!