آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب نمبر ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪالم نگار، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهيءَ جي سوانح حيات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هن ۾ سنڌ جي هيرن جهڙين شخصيتن جو ذڪر آهي، علي احمد بروهي ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي لاءَ لکي ٿو :
”آءُ کيس سڃاڻان. اڄ ڪلهه کان نه پر ٻال جتيءَ کان، جڏهن کان اڃان کائونس گگ سنگهه وهندي هئي، جا اگهندو به گهڻو ڪري ٻانهن سان هيو يا چولي سان. هاڻ ته پاڻ کي الاجي ڇا ٿو سمجهي؟
هي برابر آهي جيئن چوي ٿو. ڳڙهي ياسين جو بروهي آهي، پر نه ڳڙهي ڪو مڪو مدينو آهي ۽ نه بروهي قوم ڪو آريائي قبيلو، جنهن جي فرد هئڻ ۾ ڪو فخر حاصل ٿئي. قبول ٿو ڪجي ته سندس گهراڻي جا گهڻا ڀاتي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهو آهن، پر هتي ڳالهه آهي هن مارڪي جي، ته هي چڱن پٺيان چٽو الاجي ڪنهن تي ويو؟ جهڙو هيو شڪل جو ڪارو ۽ ڪوجهو، اهڙائي بڇڙا افعال هيس. پاڙي ۾ سڏبو هو باگڙي ۽ گهر ۾ گيدڙي.“
Title Cover of book ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا

  بي بي دادا بَچل

سونھاري سنڌ جي تواريخي شھر شڪارپور کان اٺ ميل مفاصلي تي اولھه رخ ۾، ياسين خان پٺاڻ جو ٻڌايل ھڪ ڳوٺ آھي جو ڳڙھي ياسين نالي مشھور آھي. اڄ کان سؤ سال اڳ به ھي ھڪ برک ۽ وسندڙ ميونسپل شھر ھو. پر گذريل ٽيھارو سالن کان اسرڻ بجاءِ اجڙڻ طرف وڌيڪ لاڙو رکيو اٿس. ڪن جو ھي چوڻ آھي ته واڻين ۽ وڻجارن وئي ويراني ويڙھي ويس. ٻين جو وري ھي خيال آھي ته سم جي سيڪ تباھي آندي اٿس. ٿي سگھي ٿو نظر لڳي ھجيس. ان ڦٽل شھر جي اتر اولھه ڏس ۾ جتي ميونسپل جي حد اچيو ختم ٿئي ٿي، اتي پڇاڙي واري گھٽيءَ جي ڇيڙي تي، منھنجو اباڻو گھر اڏيل آھي. گھٽيءَ جي اوڀر ۾ سيدن جا ڏُھاڪو کن ڪچا پڪا گھرڙا ٺھيل آھن ۽ اولھه ۾ اسين ”ڪُت خلق“ جو راڄ رھندڙ آھي جنھن ۾ سٻايا، حجم، پٺاڻ ۽ بروھين جا قبيلا اچي وڃن ٿا. سڀ گھراڻا سوين سالن کان اتي آباد آھن ۽ پيڙھن کان ھڪٻئي کي ڄاڻن سڃاڻن. پاڻ ۾ رک رکاوت ۽ ميل ميلاپ جو عالم ھي آھي جو ھڪ ٻئي کان الڳ گھرن ۾ رھندي به معلوم ائين پيو ٿيندو ته ڄڻ سڀئي پاڻ ۾ آڪھه جا ڀاتي آھن.
سيدن جي پاڙي ۾ رھندي اسين ڄٽ ڄاموٽ ڪو سيڪجي سيد سو ڪونه ٿيا آھيون پرسندن سدوري ڇانو ۾ سک ضرورو سوين ورتا اٿئون. ھڪ ته اسان جي گھٽي ۾ ڪوبه ماڻھو اٺ يا گھوڙي تي سوار ٿي ڪونه گذرندو آھي ته مبادا ساداتن جي گھرن ۾ نظر پوي ۽ سندن بي پردگي ٿئي. آڪڙجي ۽ سينو تاڻي گھمڻ ته ڇڏ پر گليءَ ۾ ھر گذرندڙ حياءُ ۾ ائين ڪنڌ جھڪائي ويندڙ ڏسبو جو ڀانئن ته چاٻيون وڃايون اٿائين يا گم ٿيل پئسا ڳوليندو ٿو رھي. نه وري ڪنھن ماڻھوءَ کي گھٽيءَ ۾ وڏي واڪي گارگند يا ٻوڪڙ ڪري ڳالھائيندي ٻڌو ويندو. اھڙي ادب اخلاق جي سختيءَ سان پاپندي جو ڪارڻ سيدن جي حضور شرميءَ کان به گھڻين ڀانڱي وڌيڪ ھڪ ٻي ھستيءَ جو وجود ھيو جنھن کي ”بي بي دادا“ يا اڃان به ”بي بي امان“ سڏيو ويندو ھو. بي بي امان اسان جي پاڙي جي بي تاج راڻي ھئي ۽ نه فقط اسان جي زبان پر اسان جي دلين تي به راڄ ڪندڙ ھئي. ٻڍا ڇا جوان، مرد خواه عورتون، سڀئي کيس ان ادب ۽ عزت جي نگاه سان ڏسندا ھوا جو مان مرتبو اسان وٽ فقط مائرن لاءِ مخصوص ٿيل آھي.
بي بي امان پٺاڻي ھئي ۽ دراني خاندان جو واحد فرد ھئي جا اسان جي پاڙي ۾ آباد ھئي. سندن اصلي نالو بي بي بچل ھيو. سندس ور اسان جي سانڀر کان گھڻو اڳ راه رباني وٺي چڪو ھيو. مون جڏھن ھوش سنڀاليو ته ستر سال کان گھڻو اڳڀرو گذري چڪي ھئي. عجب اھو جو پيرسنيءَ جو ڪوبه آثار سندس حسين اوراپن تي اثرانداز نه ٿيو ھيو. سنھڙي، قدآور، بيحد سھڻي بلڪل ان نوراني حسن جي مالڪڻ ھئي جو نيڪ ۽ پرھيزگار عورتن جي پيشاني تي سونھري صورتخطيءَ جيان جرڪندو ۽ تجلا ڏيندو ويندو آھي. سندس آواز سٻاجھڙو ۽ الله جي نالي جيان مٺڙو ھيو. جڏھن به مونکي ”چھڙا“ چئي سڏيندي ھئي ته آءُ ڄاڻي ٻجھي فقط ھن لاءِ ڪن لاٽار ڪندو ھيس ته جيئن ٻه ٽي دفعا ٻيھر به ان نالي سان نوازيو وڃان. پر جڏھن بي بي امان وڌيڪ ڪاوڙجي ”چھڙه جا پٽ“ ڪري پڪاريندي ھئي ته منھنجي منھن جو پنو لھي ويندو ھيو ۽ پيءُ سان به رشڪ ۽ ريس ٿيندي ھيم. ڄڻ ته منھنجو موروثي حق کيس ھروڀرو ڪنھن ٻئي جي حوالي ڪيو ٿو وڃي.
پنھنجي گھر ۾ اسين پاڻ ۾ اٺ ڀائر ھئاسون. سڀئي ڀائر خير سان مون کان ھر لحاظ ۾ بھتر ھوا. ڪو عمر ۾ وڏو ھيو. ڪو عقل ۾ گھڻو ته ڪو افعالن ۾ چڱو ھيس. سونھن ۾ ته سڀ مون کان سرس ھوا. آءُ مڙوئي وصفن ۾ مار کاڌل ھوس. ان ڪري گھر يا گھراڻي ۾ عزت خير ڪي ھيم. پر گھر کان ٻاھر گھٽيءَ ۾ منھنجو شان ڪجھه ٻيو ھيو. پاڙي جون پيرسن عورتون ته مون تان صدقي وينديون ھيون. ڪنھن جي ٻڪري ڌڻ ۾ ڇڏي ايندو ھيم. ڪنھن لاءِ چونري کڻي ڏڌ پني ايندو ھيس ڪنھن لاءِ ناس ته ڪنھن لاءِ تيل ميٽ وٺي سندن کوٽ پوري ڪندو ھيس. بي بي امان جي خيرات واري ماني سيدن جي گھر ڏيڻ ۽ ھر سانجھيءَ جو سندس ڏيئو مسيت ۾ ٻاري اچڻ ته منھنجي روزمره جو نيم ھيو. مون کي موٽ ۾ دعائون ملنديون ھيون ته ”اڍڙو ٻڍڙو ٿيان.“ (جن دعائن جا ھاڻ ويٺو ڪيتا لوڙيان، ان وقت مون کي خبر نه ھئي ته وڏي عمر دعا نه بلڪه عذاب آھي) باقي ٻڍڙين جي ڀاڪرن ۽ چمين جو جيترو ذڪر ٿورو ڪجي ته بھتر. ناني شير ماءُ جي نسوار واري چمي، ماسي خانل حجامڻ جي چيڪي مٽي واري چمي۽ غوثل ماءُ جي خطرناڪ چمي، جنھن جا ٻه اڳيان ڏند ٻاھر نڪتل ھوندا ھئا ۽ سندس چميءَ کان مون کي ڏڍ نڪرندي ھئي. پر مون لي ڦٻيون به اھي مٺڙيون جي مون کي انھن امڙين ننڍي لاءِ ڏنيون. انھن وئي ھاڻ ته انھن ناس، ميٽ ۽ ھئڊن ڏندن وارين چمين لاءِ به منھنجا ڳل ڳٽا اٻاڻڪا ٿي اوٻاسيون ڏيندا ٿا رھن. پر ڪٿان آڻيان اھا معصوم عمر جڏھن ھر عورت سٽ ڏيئي کنڀراٽيءَ کان جھلي زوري چمي ڏيندي ھئي ۽ وري کٿل سندس سيني سان لائي دعائون به ڪندي ھئي. خاص طور ماسي ڌياڻي جي ڇڄ جيڏي ڇاتي جنھن جي ٿڻن جي ٻيڪڙ ۾ منھنجو ساه ٻوساٽبو ھو. رب بخشيش ھوءَ چمي به ائين ڏيندي ھئي، ڄڻ بوتل ۾ ڦاٿل ٻوچ کي چڪ وجھي ٻاھر ٿي ڪڍي.
بي بي امان ااسان جي ٻچڙيوال پاڙي جي ڪوٽوال ۽ لڄ پال ھئي. جيستائين جيئري ھئي ته ڪنھن گھر ۾ جھيڙي جھٽي جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. اڃان ڪٿي ڳالھه کون ڳالھوڙو مس ٿيندو ته بروقت اچي نازل ٿيندي. سندس آئي متل ۽ تتل جھيڙو به ٺري يخ ٿي ويندو ۽ سناٽو ڇانئجي ويندو. الاجي کيس ڪيئن کڙڪ پوندي ھئي. ڄڻ ته ڪي الله والا ھدي ۾ ھيس. ڪنھن گھر ۾ ويٺل وياءُ ڏٺائين ته ننڊ سندس ڦٽندي. ڌونڪ لائي ڇڏيندي، ته بابا نياڻي اٿاريو. ڌيءَ ڌڻ آھي. وڌي وڻ ٿي آھي. اڃان دير ڪندا ته پوءِ کيس ڪاسائي به نه وٺندو. مائٽن لاءِ باه ٻاري ڏيندي جيسن نياڻي وڃي ڪنھن شينھن ڪلھي چڙھي. ڪنھن جو ٻار اڃان ٽن چئن سالن جو مس ٿيندو ته بي بي امان ڪاڪي نورل حجم کي پاٽ ۽ پاڪيءَ سوڌو وٺي اچي ڌماچو ڪري وجھندي ته ٻار کي طھرايو. شل نه ڪو بيمار ٿئي پوءِ بي بي امان جا وار ڦيرا شروع ٿيندا. ڪڏھن پاڻي پڙھي پيئي کيس پياريندي. ڪڏھن صلوات جا شوڪارا کيس پچڪارين جيان پئي منھن ۾ ھڻندي. بي بي امان کان سواءِ نه ڪا ڪنوار لائون لھي، نه ڪو ڳاڙھو گھوٽ ٿئي ۽ نه وري ڪنھن جو مڙه مقام وڃي. سڀ جي ھمدرد ۽ ھڏڏوکي.
بي بي امان بلا جي سياڻي ھئي. ڪنھن عورت کي چيڪو ميٽ يا کٽاڻ گھڻي کائيندي ڏٺائين ته سمجھي ويندي ته ھاڻ مائي پيرين ڀري آھي. وري ڳورھاريءَ جي وک کڻڻ کان سڃاڻي ويندي ته پٽ ڄڻيندي يا ڌيءَ. اڪثر سندس ڌُڪو صحيح ثابت ٿيندو ھيو. ٻارڙن جي بيمارين جو ته وٽس ھڪ ٽڪ علاج ھوندو ھيو. وڏف، ڪارا مرچ، ڦودني جون ٽڪيون، پنير ٽڦلا ۽ڇمڪڻي وٽس ھردم موجود ھوندا ھوا. فقط ڳالھه ڪرڻ جي دير ھوندي ھئي. ڪجھه بيمارين جا وٽس ھدا پڻ ھوندا ھئا. خاص طرح ڳيرڙن ۽ گٻھي جو ڀڄڻ ۽ ڪليون کڻڻ وغيره. صبح سويل ۽ شام ٽاڻي ڪيئن ماڻھو سندس گھر جي ڏيوديءَ اڳيان اچي جمع ٿيندا ھوا. پوءِ چادري لاھي اوڪڙو ويھي پنھنجا ڇانڱا ھٿ (سندس ھر ھٿ ۾ ڇھه آنڱريون ھيون) بيمار جي نڙيءَ تي ڦيرائي کائونس ٽي ڀيرا پڇندي ته ”ڳيرڙا ڀنڃاءِ.“ ھا دادا بي بي ڀنڃ. ساڳي ڪار ڪندي ھئي ڪلين سان. اشھد آنڱر کي رک ۽ لوڻ سان ڀري ڪاڪڙي تي زور ڏيندي . سندس جھاڙ ڦيڻو ۽ شوڪارا. سڀ في سبيل الله. اٽلندو ڦودنو لوڻ ۽ رک سندس. الله پاڪ کيس عجيب دل ڏني ھئي. ماڻھن جا ٻچڙا ٻار ته ڇڏ پر سندس گھر ۾ جھرڪين لاءِ پاڻي جا پاٽڙا ٽنگيل ۽ ڪوٺي يا اڱڻ ۾ ڪبوترن لاءِ جوئر يا ٻاجھري جام ھاريل ھوندي. مون ھندن جو ھزارين ماتائون ٻڌيون پر صحيح معنى ۾ ”ماتا“ مون بي بي امان کي ڏٺو جا ھر مريض لاءِ دوا ۽ شفا ۽ ھر دل لاءِ دعا ھئي. جي آءُ ھندو ھجان ته مون کي يقين آھي ته ٽڪاڻي وڃي ”ڪالي ماتا“ اڳيان مٿو ٽيڪڻ بجاءِ بي بي امان جي گھر وڃي ”گوري ماتا“ جي پوڄا ڪريان ھا.
ھڪ دفعي بي بي امان جي ننڍي پٽ گل خان جي ھشڪر تي مون پاڙي جي معزز پر اڌ مغزي پٺاڻ، آچر خان کي تماڪ ۾ ڳاڙھا مرچ ملائي حقو ٺاھي ڏنو، جنھن وزم ھئڻ تي کنگھندي نه فقط سندس گگ سنگھه اچي گڏ ٿي پر سندس تارا لليٽي چڌن جيان ٻاھر ڦوٽارجي آيا. سامت ۾ اچڻ تي سازش کي سمجھي ويو ۽ ڪھاڙي کڻي ڪڍ پيو. پر پير زور ھوا جو بي بي امان جي گھر لڪي جان ڇڏايم. بي بي امان کي سڄي ڳالھه سڻايم، جنھن مون کي ته ڪجھه به نه چيو پر پنھنجي پٽ کي چنبا وھائي ڪڍيائين. بابي مرحوم کي جڏھن ان قصي جي خبر پئي ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ته بي بي امان مون کي پنھنجو پٽ ڄڻيو پٽ نه ٿي سمجھيو. بابا جي شڪايت بي بي امان کي ٻڌايم، جنھن ڪپڙن سٽڻ واري سوٽي کڻي منھنجي پٺي تي ڀڳيءَ. ائين ڪٽيائين جيئن اٺ ڪٽجي پتڻ تي. بابا مرحوم جڏھن منھنجي ڦٽيل ۽ رتو رت پٺي ڏٺي تڏھن وڃي سندس ميار ختم ٿئي. بابو مرحوم بي بي امان جي انصاف تي ايترو خوش ٿيو جو منھنجي بيمار ٿيڻ جي ٻئي ڏينھن بي بي امان جو ڏيئو پاڻ کڻي مسجد ويندو رھيو، جيسين مون ٺيڪ ٿي پنھنجو فرض ادائي واپس سنڀالي. انھين ڏينھين اسان جي مسيت جا تڏا نکون، مٽ دلا ۽ ڏيئا ٻارڻ پاڙيوارن ذمي ھوندا ھوا ۽ ملو فقط پنھنجي گھران ٻانگ کڻي اچي مسجد ۾ ڏيندو رھيو.
ھي برابر آھي ته پاڙيوارا بي بي امان جو ادب انھيءَ ڪري به ڪندا ھوا جو ھوءَ نيڪ نيت ۽ نيڪ بخت ھئڻ گڏ عمر جي وڏڙي ۽ وڏ گھراڻي خاتون ھئي. پر ان کان سواءِ اصلي سبب ھي ھيو ته سڀئي يا سندس ھٿن ۾ يا سندس اکين اڳيان ننڍا ٿي وڏا ٿيا ھوا ۽ ھوءَ ھر ھڪ جي جنم پتريءَ کان واقف ھئي ۽ سندس يادگيري نھايت تيز ھئي. سڀ کائونس ڪن ھڻندا ھئا ته مبادا ڪڏھن ڪاوڙجي سندن ڪرتوت ٻين اڳيان پڌرا نه ڪري. ھڪ دفعي مامي مولڻ آفيميءَ مون کي گھٽيءَ ۾ بيٺي شرمايو ته ھيڏو سارو ڏگھه ٿيو آھين ۽ اڃان پيو سٿڻ ۾ مٽين. ۽ جنھن واقعي سبب گھر ۾ صبح مردان جو مار پڻ کاڌي ھيم. مامي مولڻ جي ملامت چالو ھئي ته بي بي اچي لانگھائو ٿي. مامي مولڻ کي وري کڻي ٿي کٽي جو ساڳي شڪايت بي بي امان سان ڪيائين. بي بي امان جو مون تي ڪک سھڻ نه ڏيندي ھئي سو اچي مامي مولڻ تي بگڙي. چي ”مولڻ ھي ته ٻار آھي، پر تون ته پٽن جو پيءُ ھوندي به سٿڻ ۾ مٽيو ھو جو تنھنجي ڀٽاري جوءِ تو واري سٿڻ جي سرگس ڪڍي سڄي پاڙي ۾ تنھنجي خواري ڪئي ھئي.“ مامو مولڻ پڇ پائي تڪڙيون ٻرانگھون ڀريندي وٺي ڀڳو. ان ڏينھن شام جو مامو مولڻ مون کي بزار ساڻ ڪري سنڱر لائي ۽ کنڊ ڀڳڙا وٺي ڏنا ۽ ڏاڍي پيار سان پارت ڪيائين ته بي بي امان واري ڳالھه ٻئي ڪنھن سان نه ڪيان. مامو مولڻ درويش صفت انسان ھيو ۽ مون سان محبتڙي ھوندي ھيس. جيستائين جيئرو رھيو مون سندس ڳالھه کي راز ۾ رکيو ۽ ھن وقت پڻ سندس نالو بدلائي پيو قصو ڪريان آخر واعدو واعدو آھي.
ساڳي تعدي ڪيائين حاجي جعفر شاه سائينءَ سان جنھن انھن ڏينھين ٽي حج مس ڪيا ھئا۽ سندس سونھاري دن تائين پکڙيل ھوندي ھئي. سونھاري سيد منھنجي ڪن مھٽ ٿي ڪئي ڇاڪاڻ ته ھڪ ڏينھن اڳ مون ڀنگياڻيءَ کي اوچتو ڀاڪر پاتو ھيو ۽ ھن مائي جي خواري وارو کارو مٿان ڪريو ھيم. اڃان سيد سڳوري جا ٻيئي ھٿ منھنجي ڪنن مروٽڻ ۾ مشغول ئي ھوا ته بي بي امان غيب کان خواجه خضر جيان اچي حاضر ٿي. حاجيءَ کان منھنجا ڪن ڇڏائي اچي کيس کڙين تي کنيائين؛ ”چي ٻڪر شاه (بي بي امان کيس جعفر شاه بدران ٻڪر شاه سڏيندي ھئي) ھن چھڙي کي ته چٽي نڪتي ھئي ۽ مون کيس چرچي ۾ چيو ھو ته ڀنگياڻيءَ کي ڀاڪر پائه ته چٽي ڇڏي ويندءِ. ھي ته آھي ئي چھڙو پوءِ چھڙياڻيءَ کي چنبڙيو ته ڪھڙي اربع خطا ٿي. ”پر توکي ڪھڙو ڪوڙه نڪتو ھيو جو جڏھن ليٽ واري سال تون صفوران ڀنگياڻي سان ڀاڪرين پيو ھئين.“ حاجي گھڻا ئي کيس ڳجھا اشارا ڪيا ۽ سندس ڳالھه وچ ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڙي جا ٻار بيٺا آھن، پر بي بي امان ھڪ دفعو ڪاوڙ ۾ سو اچي پوءِ جھڙي مڇريل شيرڻي. مجال آ جو ڪنھن جي ڪاڻ ڪڍي. حاجي صاحب توبه توبه ڪندو تڪڙي تسبيح ڦيريندو تڪڙو تڪڙو کسڪي ويو. بي بي امان منھنجا ڳوڙھا پنھنجي چادريءَ سان اگھندي پنھنجي گھر وٺي آئي. واٽ تي سڏڪا ڀريندي بي بي امان کان پڇيم ته ”بي بي امان صفوران ڪير ھئي؟“ چي ڇپ ڪر چھڙا، نه ته وري ٿي سڏ ڪيان ٻڪر شاه کي ته اچي تنھنجا ڪن پٽي.“
اسان وارو پاڙو اڄ به اھڙوئي وسندر آھي جھڙو اڳ ھيو. پر بي بي امان وئي سڄو پاڙو ٻسو ۽ اداس پيو ڏسجي. بدقسمتي ھي آھي ته جو انسان ھتان لاڏاڻو ڪري ٿو ته اھو ادارو ئي بند ٿي وڃي ٿو سندس دز برابر به ڪو جاءِ ڀرڻ وارو ڪونه ٿو ملي. ڪيئي ڪراڙيون عورتون ان ساڳي گھٽيءَ ۾ ڦيرا ڪندي ڏسجن ٿيون پر ھو ڪنھن مرض جو علاج نه آھن. اٽلندو گلا جا گھانگھا، ڄڻ ٽپالي گھر ۾ گھڙيو. سوسڙين جيان پيون پرايا پنھنجا گھر ساڙينديون رھنديون. ھر گھر ۾ ننڍين نيٽين جا ڌڻ ۽ ٻارن جا ولر وڌندا ٿا رھن پر نه شاديون ٿين ۽ نه طوھر. بيمارين جون بھيرون، پر پڇڻ وارو ڪير به ڪونھي. ھر ڪو پنھنجي ۾ پورو. سڀ رئيس، ته پوءِ گڏھ ڪير ھڪلي۽ درد وندن جي دانھن ڪير ٻڌي؟ ھي ھر عورت جي اختيار ۾ ته نه آھي ته بي بي امان بڻجي. بي بي امان ڪو ھر پاڙي يا ھر پيڙھيءَ ۾ ٿورو ئي پيدا ٿيندي آھي. ٻڌو اٿم ته الله آدمين جو ڦرندڙ گھرندڙ روپ ڌاري منجھائن ليئا پائيندو رھندو آھي ته ڏسان ته کيس ڪير سڃاڻي ٿو يا نه. مون کي اھو فخر حاصل آھي جو مون بي بي امان کي ڏٺو ۽ کيس بخوبي سڃاتو ھيم. ڪالھه ھڪ دوست ويٺي ٻڌايو ته الله پاڪ جي رحمان رحيم ۽ خالق ھئڻ ۽ سندس تخليق جو تصور ”امڙ“ کان ورتو ويو آھي. کيس اھڙو گمان غالب ھيو پر خاطري ھرگز نه ھئي. ظاھر آھي کيس پڪ ڪيئن ٿيندي. ھن بي بي امان کي ٿورو ئي ڏٺو ھيو.